نصير سائين سنڌ سلامت تي ڀليڪار اوهان جو بلاگ ڏٺم، خوشي ٿي ته دوست هاڻي بلاگ جوڙي پنهنجا ليک، تنقيدون، شاعري نيٽ ذريعي سڀني سان شيئر پيا ڪن. سدا خوش هجو
ادا! هي پرت جو پورهيو توهان اسان جو ساڳيو آهي، بس! رابطي جي رسيءَ ۾ سڀني کي هٿ وجھڻو آهي. توهان جي ويب سائيٽ رابطي جو اثرائتو ذريعو آهي پر فنڊس جي اڻاٺ سبب گھڻو ڪجھ ڪرڻ کان قاصر آهيون. اديبن جي معاشي حالتن جي سڌاري ڏانهن سوچڻ جي گھرج آهي. ان سلسلي ۾ ڪو پروجيڪٽ وغيره متعارف ڪرايون ته جيئن موهه ڀريي مانڊاڻ مان مزو ماڻي سگھون.