سنڌ کي تعليم يافته بڻائڻ واري رٿا ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ! محمد ابراهيم جويو ”اوهان جيڪڏهن هي لفظ پڙهي سگهو ٿا ته ان جي لاءِ اوهان کي پنهنجي استاد محترم جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي، جنهن اوهان کي ان لائق بڻايو.“ ( نامعلوم) جيڪڏهن ڪو به شخص، مناسب نموني سولائيءَ سان، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو، ۽ سادي نموني انگي حساب به حل ڪري سگهي ٿو، مطلب ته لکڻ، پڙهڻ ۽ حساب حل ڪرڻ جا ٽئي ڏاڪا چڙهي پار ڪري ٿو ته انهيءَ کي ”پڙهيل“ مڃيو وڃي ٿو پوءِ هيءُ ننڍڙو يا ننڍڙي ٻالڪ هجي، يا هاورڊ يونيورسٽيءَ جو يا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، ٻئي معصوم پر هڪ ائٽم بم ٺاهيندڙ به ٿي سگهي ٿو/ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن ملڪ جو/جي صدر يا وزير اعظم هئڻ جي وڏائي رکندڙ به ٿي سگهي ٿو/ٿي سگهي ٿي. اسين سمجهون ٿا ته پڙهائي علم ڏانهن ويندڙ پيچرو ٿئي ٿي، ۽ اتان ٿِي اهو پيچرو انسانيت تائين وڃي رسي ٿو. سڀ سائنسون، فارمولا، ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيل حقيقتون (QEDs)، معروضي سچَ جي ڳولائو/ طالبَ (seeker)کي علم ۽ آگاهي آڻي ڏين ٿيون. اسان جي مردن توڙي زالن کي وينتي ۽ اپيلَ ايتري ئي آهي ته هڪ انسان جي حيثيت سان مهرباني ڪري ”پاڻ سڃاڻو“ (Know thyself). پڙهائيءَ جي اهڙي وصف ته علمُ هن ڌرتيءَ تي جيونَ ـ جوت، ميٺ محبت ۽ قرب قرار آهي ان کان پوءِ انهيءَ پڙهائيءَ ڏانهن جوڳي طريقي لاءِ اسين رٿا ڏانهن اُسهون ٿا. اسان جو ملڪُ پنهنجي پڙهائيءَ تائين پهچ ۾ ڪٿي بيٺو آهي؟ اها اسان لاءِ خوشقسمتي چئبي، جو انهيءَ سوال جو جوابُ اسان کي توڙي اسان جي وطن واسي مردن توڙي عورتن کي، هتي اسان جي ئي ملڪ ۾، يونيسڪو جي سربراهه ڏنو آهي. انهيءَ جو پورو متن، جيئن اهو ڊان، بتاريخ 20 اپريل 2008ع ۾ ڇپيو، تيئن ٻيهر پيش ڪيو وڃي ٿو. ”يونيسڪو پٽاندر پاڪستان ۾ پڙهائي جي شرح، خاص سببن جهڙوڪ گهٽ بجيٽ مختص ڪرڻ، سياسي ارادي/عزم جي اڻاٺ ۽ فندن جي ڦهلاءَ ۾ دير جي ڪري اڃا تائين 50 سيڪڙي تي ٽِڪَ ٻڌي بيٺل آهي. هن خطي ۾ پاڪستان رڳو نيپال ۽ بنگلاديش کان مٿئين درجي تي آهي، جن جي پڙهائي جي شرح ترتيبوار 49 ۽ 43 سيڪڙو آهي. ٻين ملڪن جي شرح ڪافي بهتر آهي: مالديپ 96 سيڪڙو، سريلنڪا 91 سيڪڙو ۽ ڀارت 61 سيڪڙو. ”پارليامينٽري ڪائوڪس آن لٽريسي اِن پاڪستان“ پاران اهتمام ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي يونيسڪو جي نمائندي ارشاد سعيد خان چيو ته ملڪ ۾ پنج ڪروڙ پنجاهه لک اڻپڙهيل ماڻهو آهن، جنهن ڪري ملڪ لاءِ نئين هزاريءَ جي ترقيءَ وارن هدفن (MDGs( موجب ماڻهن ۾ ناڪاميءَ جا خطرا پيدا ٿي پيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن درست اپاءَ نه ورتا ويا ته ممڪن آهي ته 2010ع تائين اڻپڙهيل ماڻهن جي شرح ويتر وڌي وڃي 60 سيڪڙي تي پهچندي. سنڌ تعليم ۾ سڀ کان اوچي شرح رکي ٿي، جيڪا 54 سيڪڙو بيهي ٿي. انهيءَ جي پويان قطار ۾، پنجاب 52 ۽ سرحد 40 سيڪڙي سان بيٺل آهن. بلوچستان جي شرح سڀ کان گهٽ 33 سيڪڙو آهي.“ يونيسڪو ڄاڻايو آهي ته، ”بي سَت تنظيمي ڍانچي گهٽ پيشيواراڻي صلاحيت، تحقيق جي اڻهوند، موافق تربيتي ادارن جي عدم دستيابي، گهٽ عوامي جاڳرتا ۽ نظرداري ۽ ڪارڪردگيءَ جي جاچَ سرشتي جي کوٽ وارن عنصرن جي ڪري پڙهائيءَ جي شرح هيٺينءَ سطح تي بيٺي آهي. 1973ع جي آئين جو فقرو 37، (ب) چوي ٿو: ”رياست گهٽ ۾ گهٽ ممڪن وقت اندر، بي علمي جي خاتمي ۽ ثانوي سطح تائين لازمي ۽ مفت تعليم جي بندوبست لاءِ ذميوار هوندي.“ محترم ارشاد سعيد چيو ته سورنهن سياسي جماعتن، جن ۾ پ پ پ، مسلم ليگ (ن)، عوامي نيشنل پارٽي، جمعيتِ علماءِ اسلام (ف) ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (عوامي)، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جماعت اسلامي، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي شامل آهن، انهن تاريخ 5 فيبروري 2008ع تي ” تعليم سڀ لاءِ“ اعلان نامي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن ۾ انهن تعليمي بجيٽ جي ڊي پي 4 سيڪڙي تائين وڌائڻ، پڙهائيءَ لاءِ تعليمي بجيٽ مان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مقرر ڪرڻ ۽ غير رواجي تعليم مفت ۽ لازمي مهيا ڪرڻ- 100سيڪڙو داخلا شرح ماڻڻ واسطي، 2015ع تائين بالغ پڙهائي 86 سيڪڙي تائين پهچائڻ، سياسي مداخلت ۽ تقررين ۾ اقربا پروري، تعليمي عملي جي بدلين جي خاتمي ۽ بنيادي نصاب جي هڪجهڙائيءَ ۽ سڀني اسڪولن ۾ ساڳين سهولتن جو واعدو ڪيو آهي. يونيسڪو هڪ بنيادي حق طور ثانوي تعليم تي قانون سازي ڪرڻ، تعليمي بجيٽ کي جي ڊي پي، جي 4 سيڪڙي تائين کڻي وڃڻ، سڀني ٻارن لاءِ برابر موقعن کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان يونيسڪو جي ”تعليم ۾ تفريق خلاف ڪنوينشن“ ( Convention Against Discrimination in Education) جي توثيق ڪئي آهي. مٿئين بيان مان اها ڳالهه چٽي آهي ته جيڪڏهن اسين هاڻوڪي قومي ڪاهليءَ واري حالت مان پنهنجي پاڻ کي بيدار ۽ سجاڳ نٿا ڪريون ته اسان جا نئين هزاريءَ ۾ ترقيءَ وارا هدف (MDGS) تعليم ۽ پڙهائيءَ جي نسبت ۾ وڏي خطري ۾ آيل آهن. ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وقت اندر اسان تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اڻپڙهيل قوم جو ٺپو به هنيو وڃي. اهڙيءَ ريت اُهي سياسي عزم، ارادو ۽ دلچسپي ئي آهن، جيڪي هاڻوڪي موڙ تي ترجيحي طور گهربل آهن، اچو ته ”اقراء“ لفظ – رب سائينءَ جو لفظ – پڙهون ۽ پاڻ سڀ جا سڀ ”تعليم سڀني لاءِ“ اصطلاح ۾ دخلڪار بڻجون. ان چوڻ کان پوءِ اسين اهو پڻ ڏسون ٿا ته مٿينءَ رپورٽ ۾، پاڪستان جي مڙني وفاقي وحدتن مان، خوشيءَ جي اهڃاڻ طور سنڌ لاءِ، سڀ کان وڌيڪ پڙهائي شرح جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پر اهو شايد ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي سبب آهي، جتي گڏيل پڙهائي شرح 60 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ بيهي ٿي، جڏهن ته 40 سيڪڙو آبادي جيڪا ڪچين آبادين ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿي، اها اڃا تائين قطعي طرح اڻپڙهيل آهي. جيڪڏهن آباديءَ وارو فارمولو ڪتب آڻيون ته ڪراچيءَ ۽ ٽن ٻين وڏن شهرن، جهڙوڪ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر ۾ هڪ ڪروڙ اڻپڙهيل ماڻهو رهن ٿا، ته پوءِ باقي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سموري آبادي ڪهڙي کاتي ۾ آهي، جيڪا ٽي ڪروڙ وڃي بيهي ٿي، انهيءَ ۾ ڪچين آبادين ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن، جتي پڙهائي شرح وڌ ۾ وڌ پنج سيڪڙو آهي، ان ۾ رهندڙ خلق شامل آهي. تنهنڪري، جڏهن اسين انگ اکر ڀيٽيون ٿا يا انهن جي تورتڪ ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ پڙهائيءَ جي ٿلهي ليکي ڪيفيت/صورتحال 18.75سيڪڙو اچي بيهي ٿي. ٻَڌي حساب ۾ چئون ته 18 سيڪڙو، جيڪو مٿين رپورٽ ۾ ڄاڻايل 54سيڪڙي کان ٽيڻ تي گهٽ آهي. اهو آهي اسان جي پاڪستاني ڪامورن جو ڪرشمو! اهي انگن اکرن ۾ ڊوهه ڪرڻ ۾ وڏا ڪي استاد/آڙيڪاپ آهن. اهي انگن اکرن ۾ ڦوڪڻي وانگي هوا ڀري، وڏو ڪري پيش ڪندا آهن ۽ مرضي پڄينِ ته انهن مان هوا ڪڍي، کين گهٽائي ۽ سُسائي ڇڏيندا آهن. مثال طور غربت لاءِ هڪ ڏينهن چوندا، ته اها پاڪستان ۾ 33 سيڪڙو آهي ته ٻئي ڏينهن چوندا ته اها 23 سيڪڙو آهي. ساڳيءَ طرح اهي پڙهائيءَ جي سڄي شماريات ۾ وڏي استاديءَ سان، هٿ جي صفائيءَ جو ڪمال مظاهرو ڪندا آهن. يعني حقيقتن تي سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ انهن (انگن اکرن) کي وڌائي چاڙهي ڇڏيندا آهن. سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پڙهائي ۽ غربت هڪٻئي سان ابتڙ ڳانڍاپو رکندڙ معاملا آهن. جيڪڏهن هڪ پيو وڌندو ته ٻيو پيو گهٽجندو. اهي ٻئي معاملا هڪٻئي سان مخالف نسبت ۾ هئڻ طور سڃاپجن ٿا. جيڪڏهن گڏيل قومن جي اداري جا صاحب لوڪَ خاص طرح سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۽ ڪچين آبادين جو، هڪ ڀيرو ئي چڪر ڪاٽين ته اهي ڄاڻندا ته اتان جو 95 سيڪڙو عوام اڻپڙهيل آهي. تنهنڪري اسان عزت مآب يونيسڪو جي سربراهه کي اها وينتي ڪنداسين، ته پاڻ گڏيل قومن جي اداري جي ماتحت پنهنجن ادارن کي اهڙي هدايت ڪن ته اهي انهن انگن اکرن جي، اکيون پوري پوئواري نه ڪن، جيڪي کين هتان جو ڪامورڪو طبقو فراهم ڪري ٿو پر، انهيءَ جي ابتڙ، اهي ادارا پاڻ وڃي پاڪستان جي ٻهراڙيءَ واري علائقن ۽ ڪچين آبادين ۽ اڻ ـ اندراجيل ( unregistered)ڳوٺن ۾ پڙهائيءَ يعني مناسب سولائيءَ سان لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ سادي نموني انگي حسابن حل جي معيار (3rs)پٽاندر سروي منعقد ڪن. انهيءَ طريقي ئي اُهي اهو ڄاڻي، ڏندين آڱريون ڏيئي رهجي ويندا، ته اڻ ـ پڙهائي ۽ غربتَ، سئو سيڪڙو ساڳيءَ حالت ۾ آهن، نه هڪ سيڪڙو گهٽ، نه هڪ سيڪڙو وڌ....! اڻ ـ پڙهائي ۽ غربتَ هڪ ٻه سِسِئي راڪاس جو نالو آهي. هڪ سِسي جهالت جي، ۽ ٻي سِسِي ناداريءَ/ مفلسيءَ جي. سنڌ جي ٻهراڙين ۽ سندس ڪچين آبادين ۾ تعليم ۽ پڙهائيءَ جي حقيقي حالت: پاڪستان جي 1973ع واري آئين پٽاندر ”رياست، گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻايل ( طئه ڪيل) عرصي اندر، بي علمي جي خاتمي ۽ ثانوي سطح تائين مفت ۽ لازمي تعليم جي بندوبست لاءِ ذميوار هوندي.“ انهيءَ خاطريءَ هوندي به، حقيقي صورتحال هيءَ آهي ته اهڙي رياستي ذميواري، وقت سان گڏ نڀائجي وڃڻ ۽ عمل ۾ اچڻ بدران لاڳيتي اينگهامجندي پئي وڃي. پرائمري اسڪولن، خاص طرح انهن مان سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن جي هلت بابت ڇا چئجي، ٿورو چيو ئي گهڻو ڄاڻجي. انهن مان گهڻن جو وجود رڳو ڪاغذي آهي، پر، عملي طرح سندن ڪو نانءُ نشان ئي نه آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ تعليم، پرائمريءَ وسيلي بنيادي (elementary)تعليم کان ويندي ثانوي تعليم تائين، جي بدعنوانيءَ بابت ڇا ٻڌائجي! هاڻ ته ان لاءِ ڪابه وڌيڪ جاءِ ۽ گنجائش باقي نه بچي آهي. ٻهراڙين واري سنڌ ۾ غربت جي حقيقي حالت جو مختصر جائزو: سياسي مفادن سان، شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ وارو پيدا ڪيل مٿاڇرو ۽ هٿ ٺوڪيو ورهاڱو، هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ ڏيک ڏئي رهيو آهي- جيڏانهن به اکيون ڦيري ڏسو، جيڪڏهن اوهين ڪراچيءَ کان ٺٽي ننگر ڏانهن ويندا ته گهگهر ڦاٽڪ کان پوءِ (قائد آباد کان ويهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي) اوهين ڏسندا ته اصلوڪا رهواسي اڃا تائين اونداهي دور ۾ جِي رهيا آهن. اهي ڇڙ وڇڙ ڪکائين جهوپڙين ۾ رهن پيا. انهن جون زائفائون، مٿي تي پراڻا گهڙا کڻيو، پيرين پنڌ، ميلَ پري کان پيئڻ جي پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندي ڏسبيون، سو به اگهاڙي پيرين، ليڙون ليڙون لٽن ۾. تن جا ٻار ۽ ٻڍا، ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ڏانهن پنڻ لاءِ وڃن ٿا! سچ پچ ته، انهيءَ (شهري ۽ ٻهراڙيءَ واري) ورهاڱي وسيلي پيدا ڪيل فرق کي ڏسي ماڻهوءَ جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيو وڃي. هڪ پاسي رڳو ڦاٽڪ کان ويهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دولت (۽ سک) جي وَهَڪَ ۽ گهڻائي آهي ته ٻئي پاسي غريبي ۽ مفلسي پنهنجيءَ پوريءَ بي حيائيءَ سان ڪر کنيو بيٺي آهي. غربت جي اهڙي ڪيفيت، ٿوري گهڻي فرق سان، سنڌ جي سمورين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ساڳي آهي. هاڻي رٿا جو خاڪو پيش آهي، جنهن پٽاندر پنجن ورهين ۾ سئو سيڪڙو پرائمري ۽ پنجاهه سيڪڙو بالغن جي تعليم حاصل ڪرڻي آهي. 2015ع تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڪچين آبادين ۾، بنيادي تعليم تائين پهچ ۽ بالغن جي لڳ ڀڳ مڪمل پڙهائي حاصل ڪرڻي آهي، ۽ هن رٿا ۾ اهي اپاءَ ڏنا ويا آهن جن وسيلي هاڻوڪي سنڌ سرڪار جي رهنمائيءَ، نگهبانيءَ ۽ مالي مدد سان، انهيءَ ٻِه - مُنهين راڪاس- غربت ۽ جهالت- سان هڪ ئي وقت مهاڏو اٽڪائڻو آهي. (الف) بنيادي ۽ ثانوي تعليم: .بنيادي سطح، پرائمريءَ کان به اڳ واري، کان ثانوي سطح تائين تعليم لازمي ۽ مفت ڪندي، ۽ سرڪار، سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۽ ڪچين آبادين جي غريب ٻارن جا سمورا تعليمي خرچَ پنهنجي ذمي ڪندي. .سڀني ٻارن، (ٽن کان ارڙهن ورهين تائين) کي اسڪولي تعليم جي ڇانوَ ۾ آڻڻ لاءِ مالي مدد رعايت ڏني ويندي، جنهن پٽاندر ٽن کان پنجن ورهين تائين جي ٻار کي بنيادي تعليم پرائڻ جي واسطي ماهوار 100رپيا ڏنا ويندا. ڇهن کان ڏهن ورهين تائين جي ٻار کي پرائمري تعليم پرائڻ لاءِ ماهوار 300 رپيا، يارنهن کان چوڏهن ورهين تائين، جي ٻار کي بنيادي (elementary)تعليم جاري رکڻ لاءِ ماهوار 400 رپيا ۽ پندرنهن ورهين جي ٻار کان ارڙهن ورهين جي ٻار کي، ثانوي تعليم پرائڻ لاءِ 500 رپيا ماهوار ڏنا ويندا. .سرڪار هر هڪ ڳوٺ کي پرائمري اسڪول لاءِ هڪ عمارت مهيا ڪندي، جيڪا ڳوٺ کان سڏَ پنڌ تي موجود هوندي، پوءِ ڀلي اهڙي عمارت ترت دستياب ٿيندڙ اڏاوتي سامان مان ئي جوڙي وڃي. .ٻهراڙين ۾ جتي جتي به پنجن هزارن ۽ ڏهن هزارن جي آبادي آهي، اتي انهن مان هر هڪ کي سرڪار بنيادي ۽ ثانوي تعليم جي مقصد لاءِ اسڪول مهيا ڪري ڏيندي. .اسڪولن ۾ استادن ۽ عملي جي ڀرتيءَ لاءِ ملازمتن جا اشتهار ترت ڏنا ويندا، ۽ بيروزگار پڙهيل لکيل نوجوان، قانوني طريقي ڪار کان پوءِ، اهليت جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا. .تعليم کي معياري تعليم بنائڻ لاءِ، پرائمري، مڊل، ثانوي، ۽ اعليٰ ثانوي اسڪولن لاءِ نون ڀرتي ڪيل استادن کي ڇهن مهينن جي سکيا تجربيڪار ۽ سکيا ورتل استادن ذريعي ڏني ويندي. .شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام (BBISP) وسيلي سرڪار پاران مقرر ڪيل وظيفي کي ٻارن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين ۽ بالغن جي سرڪاري اسڪولن توڙي غير رسمي تعليم جي مرڪزن ۽ سکيا گهرن ۾ داخلا سان مشروط ڪيو ويندو. (ب) بالغن جي تعليم: .اهو پڻ لازمي بڻايو ويندو ته، سڀني بالغن لاءِ، جيڪي 19 ورهين يا انهيءَ کان مٿي ڄمار جا هوندا، يا اهي پاڻ اهڙي تعليم پرائڻ لاءِ داخل ٿيڻ جا خواهشمند هوندا. .هر هڪ تعليم پرائيندڙ (مرد توڙي عورت) کي وظيفي طور ماهوار 200 رپيا ڏنا ويندا. .پڙهائي مرڪز، پرائمري، ايليمنٽري ۽ ثانوي اسڪولن جي ساڳين عمارتن ۾، شام جي وقت، انهن اسڪولن ۾ مقرر ڪيل ساڳين ئي استادن وسيلي هلايا ويندا. انهن لاءِ کين واڌو رعايتون ڏنيون وينديون. .پڙهائي مرڪزن جو وقت روزانو ٻه ڪلاڪ هوندو. .عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار ڪلاس موجود هوندا. .اهو غير رسمي تعليم جو هڪ قسم هوندو ۽ اها هر ڀيري ٻن مهينن لاءِ هوندي، ۽ غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) يا برادرين جي بنياد تي جوڙيل تنظيمن (سي بي اوز) وسيلي انهيءَ جو انتظام هلايو ويندو. هن قسم جي تعليم لاءِ جداگاڻو نصاب تيار ڪيو ويندو. .سڀني بالغن جي تعليم وارن مرڪزن ۾، داخل مردن توڙي عورتن لاءِ مقامي هنرن سکڻ لاءِ مهارتي سکيا ( skill-training)جو بندوبست هوندو، جن کي ننڍا ننڍا قرض پڻ ڏنا ويندا، ته جيئن مهارتن کي، عملي شڪل ۾، پنهنجي پسند جي مستقل پيشي طور، اڳتي وڌائي سگهن. اهي ٻئي لازمي تعليم جا پروگرام، هڪ سڀني ٻارن ۽ بالغن لاءِ، 18 ورهين جي عمر جي حد تائين، ۽ ٻيو اڻپڙهيل بالغن لاءِ، جيڪي 19 ورهين يا انهيءَ کان مٿي عمر جا آهن، ٻهراڙين ۽ ڪچين آبادين جي لڳ ڀڳ سموري آباديءَ کي پنهنجي عمل جي دائري ۾ آڻيندا، ۽ جيڪڏهن انهن تي پنجن ورهين تائين باقاعدي ۽ رٿابنديءَ سان عملدرآمد ڪيو وڃي ٿو ته اهي اسان کي 2015ع جي نئين هزاريءَ جي ترقيءَ وارن هدفن جي ويجهو پهچائي ڇڏيندا، ۽ اهي ٻهراڙيءَ واري سنڌ ۽ ڪچين آبادين کي، (شهر ۽ ٻهراڙيءَ واري) فرق ۽ ويڇي کي ميساري، ۽ هڪ قوم طور سندن اوسر کي هٿي ڏيندي شهري سنڌ جي برابر آڻي بيهاريندا. ٻئي پروگرام لاڳو ڪيئن ڪبا ۽ انهن جو انتظام ڪيئن هلائبو: (الف) پڙهائي جاڳرتا ٽيمون: ٻنهي پروگرامن شروع ڪرڻ کان اڳ، پڙهائي/خواندگي جاڳرتا ٽيمون (Literacy Awareness Teams) جوڙيون وينديون، جيڪي ضلعي سطح تي ڪم ڪنديون. انهن ٽيمن ۾، لاڳاپيل ضلعي جي استادن-مردن توڙي عورتن-کي شامل ڪيو ويندو. اهي ٽيمون سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڪچين آبادين ۽ ٻهراڙين جي هر هڪ گهر ۾ وينديون، انهن کي سرڪار پاران رٿيل پروگرام کان آگاهي ڏينديون، ۽ هر گهر جي مائٽن کي، پنهنجن ٻارن-ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ آڀارينديون. ان کان سواءِ، وڏي عمر جي ٻارن توڙي بالغن کي تعليم پرائڻ لاءِ اتساهينديون. انهيءَ ڪم لاءِ ٽيمن تي کنيل استادن توڙي استادياڻين کي خاص ۽ سرڪاري پگهار کان الڳ مالي رعايت ڏني ويندي. هر ڪنهن پڙهائي جاڳرتا ٽيم کي، جاڳرتا جي اهڙي مهم کي پوري ڪرڻ ۽ واپس سرڪار کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويندو. (ب) عملدرآمدي طريقيڪار: ٻنهي پروگرامن- ايليمينٽريءَ وسيلي پرائمريءَ کان ثانوي ۽ بالغن جي پڙهائيءَ – کي سندن سمورن ڍانچن، انتظاميائن ۽ عملي سميت ضلعي عمل درآمدي ڪاميٽين جي انتظام ۾ ڏنو ويندو، جن مان هر هڪ کي ”بنيادي تعليم ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ ضلعي ڪاميٽي“ سڏيو ويندو، ۽ اها مقامي تعليمي ۽ تدريسي عملدارن، مڪاني حڪومت جي هڪ نمائندي، ۽ ضلعي ۾ تعليمي ڪمن جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) جي هڪ نمائندي تي ٻڌل هوندي. (ت) نظرداري ۽ ڪارڪردگيءَ جي جاچ: هڪ الڳ ڪاميٽي ٺاهي ويندي، جنهن تي ضلعي سان تعلق رکندڙ مقامي تعليم يافته/اديب مرد ۽ عورتون ۽ تعليمدان کنيل هوندا. اها ڪاميٽي پروگرامن جي اوسر/ ڪارڪردگيءَ بابت سڌيءَ ريت تعليم واري وزارت کي رپورٽ ڪندي ۽ آڊيٽرن پاران تيار ڪيل خرچن بابت جاچ پڙتالي رپورٽ هر ٽئين مهيني تعليمي وزارت ڏانهن اماڻي ويندي. انهن ٻنهي پروگرامن هيٺ، جيڪڏهن اهي گهربل سنجيدگيءَ سان ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ شروع ڪيا ويا، ته ڪي ٻه ڪروڙ بالغ، خاص طرح سان غريبي گذر وارا ۽ بي زمين هاري، پڙهيا لکيا بڻجي پوندا. واڌو ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ دوران سنڌ جا پنجن ورهين جي ڄمار ۾ پرائمريءَ ۾ داخل ڪرايل ٻارڙا (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) پنهنجي پرائمريءَ جا پنج سال پورا ڪري سگهندا. اهڙي صورتحال حقيقي معنائن ۾، سنڌ ۾ مڪمل پڙهائيءَ جي ماڳ تائين وٺي ويندي، ۽ ايئن اها 2015ع تائين تعليمي خيال کان لڳ ڀڳ نئين هزاريءَ جي ترقيءَ وارن هدفن جي برابر وڃي بيهندي. سمجهڻو ۽ وهڃائڻو هيءُ آهي ته اهي ٻئي پروگرام مادري زبانن ۾/ لاءِ منعقد ڪيا ويندا. سنڌي ۽ اردو لازمي مضمون (ثانوي ٻولي طور) ٽئين درجي کان ترتيبوار اردو ۽ سنڌي ٻارڙن لاءِ متعارف ڪيا ويندا، ويندي پنجين درجي تائين، ۽ انگريزي، هڪ وديشي/ ٻاهرين ٻوليءَ طور، پنجين/ ڇهين کان پڙهائي ويندي، ويندي مٿين درجن تائين. هيءَ ڳالهه پڻ سمجهڻي آهي ته هاڻوڪي سنڌ سرڪار، فوري طور تعليم واري اسم کي، ڪلي طرح هڪ صوبائي اسم/اختيار طور اعليٰ ثانوي ڏاڪي يعني ٻارهين درجي تائين پنهنجي هٿ ـ وس ڪندي. هيءَ ڳالهه پڻ ياد رکڻ گهرجي ته تعليم جي معاملي ۾، ترقيءَ جي ٻئي ڪنهن کيتر وانگي حقيقي سياسي ۽ مالي خود مختياريءَ جي مڪمل اپاءَ کان سواءِ، صوبن ۾ ڪا به ملهائتي ۽ ڳڻپ جوڳي ڪاميابي ماڻي نٿي سگهجي.
جواب: سنڌ کي تعليم يافته بڻائڻ واري رٿا ۽ سنجيدگيءَ جي کوٽ! شئيرنگ تـ گهڻي سٺي پر افسوس جو اسان جي هن سائيٽ کي ڪي ٿورا دوست ئي ڦيرو ڪن ٿا باقي اٿئي خير بهر حال ڪوشش ڪرڻ تمام ضروري آهي شايد ڪنهن جي دل ۾ ڪو احساس ئي جاڳي پوي ۽ سنڌ جي لٽريسي لاء ڪا هام هڻي وجهي _ جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙن جو هڪ سيڪڙو جاڳي پوي تـ مسٽر ممتاز علي سنڌ جي خوا ندگي جي شرح 86 سيڪڙو تي پهچي وڃي . جيڪا ڊڪار ڪانفرنس جي ڪمٽمينٽ آهي . وڌيڪ جنهن دوست جي نالي کي يونيسڪو جي حوالي سان ارشاد سعيد لکيو آهي ان جو مڪمل نالو ارشد سعيد خان آهي. اوهان جي هن مضمون جي نقل آئون اوهان جي اجازت کانسواء کيس موڪلي رهيو آهيان اميد تـ دل ۾ نـ ڪندا. هي دوست سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي .