“مير عابد خان سندراڻي صاحب ڏانھن ھڪ کليل خط“ قوم جي ڳالهه ڪريان ٿو ته پير ماري ٿو، مــــلان، ســـيٺ، وڏيــرو، وزيـر مــــاري ٿو، جي ڪريان ٿو تن جي خوشامد سر بچائڻ لاءِ، خدا گواه آهي “سرڪش” ضمير ماري ٿو. مير عابد خان سندراڻي صاحب الله جي مھرباني سان اوھان ضلع ڪشمور جي مشھور و معروف سياست دانن مان ھڪ آھيو، اوھان پنھنجي سياسي بصيرت سان جنھن طريقي سان انٽري ڪئي سا قابل تعريف آھي، بلدياتي اليڪشن ۾ اوھان ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ۾ ڪلين سويپ ڪئي. اوھان کي عوام مينڊيٽ ڏني، بلدياتي اليڪشن ۾ اگر بجاراڻي گروپ کي صحيح معني ۾ ٽڪر ڏني ته اھو اوھان آھيو، بلدياتي اليڪشن جي ڪاميابي اوھان لاء ھڪ اعزاز آھي، ً“سائينجن آڏو چند معروضات پيش ڪجن ٿا“ مير عابد خان سندراڻي صاحب ھڪ طرف اوھان جو ڀاء مير راشد خان سندراڻي صاحب حلف کڻي رھيو ھو، ۽ ٻئي طرف ھڪ غريب جو معصوم ٻار عاقب لاشاري عمر صرف 2 سال ڪنڌڪوٽ جي ھڪ نالي| گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، مون ائين نه ٿو چوان ت ان جا زميوار اوھان يا اوھان جو ڀاء آھي. مگر ايترو ضرور چوندس ت ھاڻي اوھان کي اختيارات منتقل ٿي رھيا آھن، ھاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ ھڪ زبردست آپريشن جي ضرورت آھي. جيڪا يقينن اوھان کي ئي ڪرڻو آھي، سائين جن کي عرض ڪندو ھلان ت اسان جو حال ۽ مستقبل اوھان جي ھٿن ۾ آھي، اسان لاء اميد جا آخري ڪرڻا اوھان ئي آھيو، اوھان ڪافي پڙھيل لکيل سلجھيل ۽ نوجوان قيادت آھيو، اوھان کي اسان جا مسئلا سمجھڻا پوندا، حل ڪرڻا پوندا. جيئن اوھان ڪنڌڪوٽ واسين کي 2010 جي مھا ٻوڏ ۾ اڪيلو ڪونه ڇڏيو، بلڪل اھڙي طرح پوري ڪنڌڪوٽ واسين کي اوھان جي شديد ضرورت آھي، ۽ يقيننا اوھان کي ب ڪنڌڪوٽ واسين جي ضرورت آھي، ڇو ته ھاڻي ڪنڌڪوٽ ۾ اوھان کي ئي سپر پاور ٿي رھڻو آھي، ۽ اوھان جو پاور يقيننا عوام آھي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل عاقب لاشاري يقيننا اوھان جو پنھنجو طاقت ھيو، حضرت عمر فاروق رضه جو مشھور قول آھي اگر نيل جي ڪناري ھڪ ڪتو بک وگھي مري ت ان جو زميدار آء عمر ھوندس، اسان اوھان کي چند معروضات عرض ڪيا آھن. اميد ت انھن کي پھرين ترجيح ۾ اوھان حل ڪندو، الله اوھان جو حامي و ناصر واسلام اوھان لاء دعاگو، فاروق احمد بھلڪاڻي، ڪنڏڪوٽ