خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 28 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* گينگ وار وارا سياسي شخصيتن کي ڪروڙين روپيا ڏيندا آهن: رينجرز (خبر)
* * ....پر زرداري ته ڪروڙن تي نه، پر اربن روپين تي راضي ٿيڻ وارو آهي (تبصرو)

* ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي اهڙو سبق سيکاريو اٿئون جو قبرن ۾ ياد ڪندا: وڏو وزير (خبر)
* * پهريان مَڃو ته ڪرپٽ زرداري سنڌين سان اها جُٺ ڪئي آهي جو قبرن ۾ به کيس بدعائون ڏيندا (تبصرو)

* عوامي سياست جو ڏوهه ڪيو آهي، ڪندا رهنداسون: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * سچ چئو: عوامي سياست ۾ ڪرپشن جو ڏوهه ڪيو آهي، ڪندا رهنداسون (تبصرو)

* ٻيلن تي سياستدان ۽ ڌاڙيل قابض آهن: سنڌ اسيمبليءَ کي آگاهي (خبر)
* * .....۽ سنڌ تي وري ڪنگ آف ڪرپشن زرداري ۽ قائم علي شاهه قابض آهن (تبصرو)

* ڪراچي يونيورسٽيءَ جي داخلا پاليسيءَ خلاف سنڌ اسيمبليءَ جو ٺهراءُ منظور (خبر)
* * سنڌ جو کائن ۽ وري غداري به سنڌ ڌرتيءَ سان ڪن....افسوس!! (تبصرو)

* سراج درانيءَ جو ايم پي اي سحر عباسيءَ سان چڱو رويو ناهي (خبر)
* * دراني ته آصف زرداريءَ جو دوست آهي سوکيس اخلاق به سيکارڻو پوندو (تبصرو)

* مٺيءَ جھڙي اسپتال ته حيدرآباد ۾ به ڪونهي، پوءِ به تنقيد ٿئي ٿي: وڏو وزير (خبر)
* * ساري ٿر لاءِ هڪ اسپتال کوڙ آهي ڇا؟ ڪجهه ته خدا جو خوف ڪر، هن ڄمار ۾! (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top