• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسم ۾ رت جو وهڪرو ڏيکاريندڙ ڪيميرا تيار

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
(شھباز خان شر)
جسم ۾ رت جو وهڪرو ڏيکاريندڙ ڪيميرا تيار



ڪيليفورنيا:آمريڪي ماهرن اهڙي ڪيميرا ۽ اميجنگ نظام تيار ڪيو آهي، جيڪو کل جي گهرائي ۾ وڃي رت جو وهڪرو ڏيکاري ٿو، يونيورسٽي آف واٽرلو جي ماهرن اهو ڪيميرا سسٽم ٺاهيو آهي، جنهن کي هيمو ڊائناملڪ اميجنگ سسٽم به چئي سگهجي ٿو، ان ڪيميرا ذريعي رت، رڳن ۽ دل جي مرضن جي اڳڪٿي به ممڪن ٿي سگهندي، يونيورسٽي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پراڻي نظام هيٺ رڳو نبض ذريعي ئي رت جي وهڪري خبر پوندي هئي پر هي سسٽم ورچوئل ( مجازي) سسٽم جيان ڪم ڪري ٿو ۽ جسم جي نظام ۾ رت جي وهڪري تي نظر رکي ٿو، ان نظام سان بدن جي اٽڪل هر حصي ۽ نقطي تي رت جي دٻاءَ کي نوٽ ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ڪمپيوٽر ۾ وڃي جسم جي رت واري نظام جي پوري تصوير ڏئي ٿو، ماهرن مطابق ان نظام ذريعي پيرسن ماڻهن ۾ رت جي دٻاءَ سان لاڳاپيل مرضن جي وقت سر ۽ وقت کان پهرين اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي،اهڙي ريت ننڍن ٻارن کي پالڻ ۽ سڙڻ سبب ٿيندڙ مرض جا زخم به ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪٿي رت جي وهڪري ۾ ڪا رنڊڪ ايندي ته ان جي به ترت خبر پئجي ويندي، ان نظام ۾ ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجيون استعمال ڪيون ويون آهن، جن ۾ اميجنگ، ڪميپوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم شامل آهن،ماهرن مطابق اهو نظام ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ کان به وڌيڪ ممحفوظ آهي.
 
Back
Top