تعظيم جو وڻ ۽ اڏوهي محمود مغل عجيب وڏائي اچي وئي هئي مون ۾... واءُ ڪو اهڙو وريو، جو دماغ ڄڻ ڦونڊجي ويو... هيءَ تعريف... هوءَ ساراهه... پنهنجو وجود، پنهنجي اهميت محسوس ڪرائڻ لڳو... لڳم ته سج هاڻي مون تي ئي لهڻ چڙهڻ لڳو آهي. پنهنجي رويي ۾ تبديليءَ جو احساس مون کي ذرو به ڪو نه ٿيو هيو... پنهنجي مٿان چاڙهيل خول ۾ مان ڪجهه اهڙو ڍڪجي چڪو هئس، جو شايد اهي احساس مون کان ڪٿي پري رهڻ لڳا هئا. جنهن ”ٺيئي“ تي مان ويهندو آهيان خواتين و حضرات، اتي رب جو خاص ڪرم هوندو آهي. نوجوان... ننڍڙا ننڍڙا، پتڪڙا، پر جوش سان ڀريل ذهن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جي حيثيت سان، مون وٽ اچي ڪٺي ٿيندا آهن... علم جي خوشبو وکيرڻ منهنجي نصيب ۾ آئي آهي، جنهن لاءِ مان پنهنجي مٺڙي رب جو جيترو به شڪر ادا ڪيان، اهو گهٽ آهي... انهن سڀني سان هڪ خاص محبت منهنجي حياتيءَ جو ”مرڪ“ رهي آهي... پنهنجو مدو پورو ڪري، هو مون وٽان رخصت ٿيندا آهن... پنهنجي گاڏڙيءَ تي مان تقريباً سورنهن سالن کان ساندهه حاضري ڀريندو رهيو آهيان. ان وچ ۾ ڪجهه هزار شاگردن جو استاد ٿيڻ، منهنجي سرخوشيءَ جو سبب بڻيو آهي. هاڻي ان سڄي دور ۾ هڪڙي ڳالهه جي مون سدائين شعوري ڪوشش ڪئي آهي ته جي شاگرد اولاد جيان آهي ته کيس کارائجي سونو گراهه ۽ ڏسجي شينهن جي اک سان. منهنجي لاءِ اهو قطعي فرق ڪو نه ٿو پوي ته منهنجو شاگرد، ”يونيورسٽيءَ“ جو شاگرد آهي... مون لاءِ بس هو منهنجو ٻچو آهي... منهنجو ”شکشڪ“ آهي... هاڻي ائين به ٿيو هوندو ته اسان ڪڏهن گڏجي کليا هونداسين ته ڪڏهن اکين مان آب به ضرور وهي نڪتو هوندو... سندن رنج و الم، محبتون، ننڍڙيون ننڍڙيون بي وفائيون ۽ ازلي ابدي وفائون، شايد منهنجي سماعتن جي پلئه ۾ گهڻيون پيون هونديون. عرض ڪري چڪو آهيان ته جي پاڻ کي مائٽ سمجهان ٿو ته اها ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته اولاد جي اک جو ڦير ۽ پير جي حرڪت مائٽ کي سمجهه ۾ نه ايندي، ته ڪنهن کي ايندي... سو هو منهنجي ويجهو هوندا آهن ۽ مان هنن جي... اهو سڀ هوندي به اها به شعوري ڪوشش هوندي آهي ته استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ جيڪا توازن جي لڪير ضروري آهي، اها ”ڊهڻ“ جي ور نه چڙهي... اها سلامت رهي، ان ۾ ئي ٻنهي ڌرين جي بقا آهي. ۽ شيون ته هونئن به پنهنجي حدن ۾ ئي ٺهنديون آهن. ڪارڊ منهنجي هٿ ۾ ڏئي، هو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو... مون نگاهه نه کنئي هئي، بس ڪارڊ جي ”لوازمات“جي پڪ ڪندي، صحيح ڪرڻ لاءِ مارڪر جو ڍڪ لاٿو هو... اڃا صحيح ڪرڻ وارو ئي هئس، جو هن چئي ڇڏيو... ”سر... فوٽو“ مان ڄڻ ڇرڪي پيو هئس. ڪارڊ تي لڳل فوٽوءَ ڏانهن نهاريم ۽ وات مان جملو نڪري ويو ”ڇا ٿيو آهي فوٽوءَ کي؟... هان... ٺيڪ ته آهي..“ هن ڪجهه نه ڪڇيو. وري به ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. مون وري به غور سان فوٽوءَ ڏي نهاريو ۽ مون کي پوءِ محسوس ٿيو ته هن مٿي وٽان، فوٽوءَ کي موڙي هنيو هو. ڪارڊ ۾ فوٽوءَ چنبڙائڻ لاءِ ڏنل جاءِ محدود هئي، تصوير وڏي سائيز جي هئي. ۽ .... سائيز ۾ ”فڪس“ ڪرڻ لاءِ هن ڪنڊون پاسا ورائي، فوٽو اسٽيپل ڪيو هو... مون گهڙيءَ پل ۾ اهو سڀ ڏٺو ۽ فوٽوءَ تي صحيح ڪري ڇڏي... ۽ ان ئي لمحي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جو هڪڙو فلئش بيڪ من تي تري آيو. ائين ئي هڪڙو شاگرد ڪارڊ تي صحيح ڪرائڻ آيو هو ۽ سندس فوٽو، ڪارڊ تي چنبڙيل نه هو... کيس فوٽو چنبڙائڻ لاءِ چيو هئو. اهو ڄاتم پئي ته کيس کئونر ڪٿان به ڪو نه ملندو ۽ فوٽو کيس اسٽئپل ئي ڪرڻو پوندو... هن به منهنجي نگاهه ڄڻ پڙهي ورتي هئي... منهنجي ٽيبل تي رکيل اسٽيپلر ڏي نهاريائين ته مون هڪدم چئي ڏنو ”اهو ڪم نٿو ڪري... پن ڦاسي ٿي... تون ڪٿان ٻئي هنڌان فوٽو هڻائي اچ...“ ان گهڙيءَ الائي ڪيترا آواز اندر ۾ اڀري آيا هئا، جن رڙيون ڪري ڪري پئي ٻڌايو ته ”اسٽئپلر ٺيڪ آهي... اڃا پنج منٽ پهرين ته تو اهو استعمال ڪيو آهي... ۽ ان ۾ پنون به جام آهي...“ پر الائي ڇو، جيستائين مان ان آواز جي نسبت سان ڪجهه چوان، منهنجو شاگرد وڃي چڪو هو. فلئش بيڪ هڪدم ختم ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هن مهل هي وڏي فوٽوءَ وارو، پنهنجو ڪارڊ واپس وٺي رهيو هيو. پنهنجي ماضيءَ جا چيل الائي ڪيترا جملا اوسي پاسي ڊوڙڻ لڳا. ”گڏهه... ائين ڪبو آ... اهو فوٽو آندو ٿئي!! ... هان!“ سدائين بدزيب يا وڏي فوٽوءَ تي اهو پٽڪو هوندو هئم. پوءِ سامهون پينن واري باڪس مان ڪئنچي ڪڍندو هوس... فوٽو کي سائيز مطابق ”زيبائتو“ ڪٽي، اسٽئپل ڪري، طريقي سان هڻي صحيح ڪري ڏيندو هوس. منهنجي هن شاگرد کي به مون مان اها ئي اميد هئي، پر عرض ڪري چڪو آهيان ته ڪا ته تبديلي آيل هئي. ”ٽون... ٽان“ ڪا اهڙي ڀرجي وئي هئي، جو رويو مٽيل هو... رويو مٽيل هو، تڏهن ته مون ڌيان ئي ڪو نه ڏنو هو نه... هاڻي هن جو ڌيان ڇڪيو، ته نيڻ ڀرجي آيا... هٿ جهليندي چيومانس...“ ترس... هيڏي ڪر بيوقوف... ائين ڪارڊ تي فوٽو هڻبو آ...!“ پروردگار کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته سندس مُک به ٽڙي پيو...ڏند ٿورا وڏڙا هئس، جيڪي ڪجهه گهڙيون اڳ هن ڀڪوڙي بند ڪري رکيا هئا... منهنجي آواز جي ”کهرائيءَ “ سندس ٻٽيهي کولي ڇڏي... چيائين... ”نو سر... غلطي ٿي وئي...“ سندس پٺيان بيٺل ڪنهن پاڇي چيو ”غلطي ٿي وئي ته ٺيڪ ته تون ڪندين نه منهنجا ابا...“ فوٽو کوليم، ڪٽنگ لاءِ ڪئنچي ڳوليم ته احساس ٿيو ته مون ته هاڻي اها به ٽيبل جي خاني ۾ لڪائي ڇڏي آهي ته متان ڪير گهري ۽ ڏيڻي پئي... هَلُ... اهو به ڪيڏو نه عجيب فڪر ته ڪيستائين پيو ڏيندس؟... هاڻي ته ٿڪجي پيو آهيان... ماڻهن به سر کائي ڇڏيو آهي... فوٽو ڪٽي، سهڻو سبيتو ڪارڊ ٺاهي سندس حوالي ڪيم... هن ٿينڪ يو چيو ۽ منهنجي دل چيو، مان چوانس... منهنجا ٻچا... ٿينڪ يو ته تنهنجي... جو تو مون کي پنهنجو پاڻ ته موٽائي ڏنو... مان جيڪو ننڍين ننڍين خدمتن کان وانجهيل بڻجي رهيو هوس... تنهنجي ڪري ان نيڪيءَ ڏي موٽي آيس... مان پهرين اهڙو ”آئوٽ اسپوڪن“ هوندو هوس... پر هنن گهڙين ۾ مون کان ڪجهه نه اڪيلو ٿيو، هڪ مرڪ ضرور آئي ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ منهنجي سڏڪن، منهنجي مرڪ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو... اهو سڀ اسين ائين ڇو ڪندا آهيون عزيزانِ مَن...؟ وڏين وڏين خدمتن ۽ محنتن جو ذڪر ته اسين دل کولي ڪندا آهيون، ننڍڙي محنت ۽ ننڍڙي خدمت ڪندي، اسان کي ”تپ“ ڇو چڙهندو آهي؟ پاڻيءَ جي گلاس پيئارڻ کان وٺي، ڪنهن لاءِ ڪنهن مدد جي بندوبست ڪرڻ ۾ اهو لنوائڻ اسان الائي ڪٿان سکيو آهي... ڪو واجهائيندو پيو ته اسين دڳ نه ڏسينداسين، پاڻ وٽ ڪا اضافي شئي هوندي ته اها ڏيڻ ۾ هزار دفعا پيا ڪيٻائينداسين... آفيسن ۾ اهو منظر خاص نظر ايندو آهي... جڏهن عملو بيزار پيو ٿيندو آهي... اتي اهو به چئي سگهجي ٿو ته سوالين جو هجوم پريشان ڪري سگهي ٿو. ڪم جي رواني متاثر ٿي سگهي ٿي... پر جي اتي ئي اها به سوچ ڪجي ته اصل حدف ”خدمت“ ڪرڻي آهي... ته پوءِ ته سڀ ختم آهي نه سائين... انهن ننڍين ننڍين خدمتن جو وري عجيب مزو اٿوَ صاحبان عقل و زمانه... محترمه بانو قدسيه صاحبه، هڪ واري ٽيليويزن تي پنهنجي انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته ”جنهن زماني ۾ گيزر نه هوندا هئا ته باهه تي شين جي دٻن ۾ پاڻي گرم ڪيو ويندو هو. پوءِ گرم ٿيڻ کان پوءِ اهو پاڻي بالٽيءَ وغيره ۾ نائي، وهنجڻ جاءِ تائين پهچائبو هو، جتي ٽوال، انگوڇو، صابڻ ۽ ميٽ، تيل وغيره اڳ ۾ ئي موجود هوندا هئا... ان پاڻي گرم ڪرڻ جو ۽ ان کي وهنجڻ جاءِ تائين پهچائڻ جو پنهنجو مزو هوندو هو... جيستائين اهو گرم ٿئي، ڪچهري هلندي هئي پئي. ان کان پوءِ خدمت جو اهو هنر ميسر ٿيندو هو... هاڻي ته جتي ڪٿي گيزر آهي... نلڪو کوليو، گرم پاڻي حاضر... ڪاڏي ويون اهي ڪچهريون، ڪيڏانهن ويون اهي خدمتون...“ هتي هن مثال ڪوڊ ڪرڻ جو مطلب ڪو اهو ناهي ته ماڻهو گهران گيزر جي لائين ئي پٽرائي ڇڏي، پر معزز خواتين و حضرت، عرض ڪرڻ جو مقصد، صرف ۽ صرف اهو آهي ته رفاقتن جي گهڙين ۾ خدمتن جي پنهنجي ڀرپور جاءِ هجي ٿي... جي انهن ننڍين ننڍين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ته ڪمال ٿي سگهي ٿو. ان هنر جي عطا به ڌڻيءَ جي ئي مَهِرَ آهي... قبله والده صاحبه جن فرمائينديون هيون ”جنهن وڻ ۾ ٻور هجي، ان ۾ عجيب وقار هوندو ٿئي محمود... ٻور ته دراصل تعظيم سيکاريندو آهي... ڪرڻ به... ڪرائڻ به... ۽ جتي تعظيم جو سڪو هلندو هجي نه... اتي سنئون سڌو وقار اچي ويهندو آهي... اهو وقار جيڪو خدمتن جي ثمر سان ٽنڊريل هوندو آهي... ان وڻ کي اڏوهيَ کائيندي آهي ”مان“ جي... جنهن وٽ به، پنهنجيءَ ذات بابت ٿورڙو به شڪ جاڳي نه ته... سائين ڪمال ٿي ويو آهيان مان... سمجهه اڏوهيءَ ان ۾ گهر ٺاهي ڇڏيو... ائين کائي وينديس، جو کيس خبر به ڪا نه پوندي... ۽ هڪ ڏينهن وڃي پٽ پوندو...“ ياد اٿم، پڇيو هئم ”ڀلا جي ائين ٿئي ته اوچتو خبر پئجي وڃي ته تعظيم جي ٻور واري وڻ ۾ اڏوهي لڳي وئي آهي ته ان جو ڪو علاج ٿي سگهي ٿو... مطلب... سمجهه کڻي ته اڃا پهرين اسٽيج هجي...؟“ خوبصورت مرڪ سان نهاريندي وراڻيو هئائين ”ڪنهن به اسٽيج تي... ٻچا... جي خبر پئجي وڃي نه... ته ڪمال ٿي سگهي ٿو... معافي ۽ منٿ ميڙ، آزي نيزاري ان اڏوهيءَ جو علاج ٿئي... اصلي وڻ ڪرڻ وارو هجي نه... ته به جي شرمساريءَ جو پاڻي پئجي وڃي ته وري بچي پوندو...“ مان ڏاڍو لڄي ٿيو آهيان... بيحد شرمسار آهيان... معافيءَ جو طلبار آهيان... ان تعظيم ۽ خدمت جي وڻ کان سواءِ مان ڪجهه به ناهيان... مان پنهنجي دل جي حضور سان شرمساريءَ جو پاڻي وهايان پيو ٿو... دعا فرمائيندا، خدمتن جو اهو وڻ بچي پوي... آمين. مون ڪئنچي ٻاهر ڪڍي رکي آهي ۽ اسٽئپلر ۾ نيون پنون وڌيون آهن... هاڻي وري، ڏنگن ڦڏن ڪارڊن کي سينگارڻ سنوارڻ جي ڪوشش ڪندم... مَنَ ڪرم ٿي وڃي... اهو سڀ قبول ٿي وڃي ۽ ”مان“ جي ٽانءِ جيڪي ڏنگا ڦڏا وَڪَڙ مون ۾ وڌا آهن، اهي سڌا ٿي وڃن.