• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوئيٽا پوليس موبائل تي فائرنگ:رپورٽ:ٖشھباز خان شر

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي فائرنگ،2 اهلڪار شهيد،2 زخمي
خميس 28 جنوري 2016


ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، پوليس ذريعن مطابق پوليس موبائل معمول جي گشت تي هئي ته سيٽلائٽ ٽائون واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ان تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ دهشتگرد فائرنگ ڪندا ڀڄي ويا، خبر پوڻ تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏن اٽالن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمي ٿيل ٻنهي اهلڪارن کي اسپتال نيو ويو، جتي هنگامي حالتون لاڳو ڪري زخمي اهلڪارن جو علاج شروع ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪئي وئي.
 
Back
Top