Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
پشاور ۾ 5 بم ناڪارا بڻائي شهر کي وڏي تباهي کان بچايو ويو
خميس 28 جنوري 2016

پشاور:پشاور ۾ 5 بم ناڪارا بڻائي شهر کي وڏي تباهي کان بچايو ويو، ذريعن مطابق پشاور پوليس کي مقامي ماڻهن رنگ روڊ ويجهو جميل چوڪ تي بجلي جي 132 ڪي وي ٽاور ڀرسان شڪي سامان جي موجودگي جي ڄاڻ ڏني، جنهن تي پوليس ۽ بم ڊسپوزل عملو ڄاڻايل هنڌ تي پهچي ويو، جهڙتي دوران خبر پئي ته دهشتگردن ٽاور ۾ 5 بم لڳائي ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ بم ڊسپوزل عملي ڪارروائي ڪندي اهي 5 ئي بم هٿ ڪري ناڪاره بڻائي ڇڏيا، ايس ايس پي آپريشنز پشاور عباس مجيد مروت واقعي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردن پاران ٽاور ۾ لڳايل هر بم جو وزن 5 ڪلوگرام هو، هن چيو ته دهشتگردن پاران بارودي مادو مختلف هنڌن تي لڳائڻ جو لاڙو وڌي ويو آهي، جنهن جي پوليس چڱي ريت ڄاڻ رکي ٿي ۽ هر ادارو چوڪس آهي، ايس ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته سڄي شهر ۾ 145 موبائل ۽ رائيڊر اسڪواڊ هر قسم جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.