• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روپورٽ:ٖشھباز خان شر

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
2016,‭05:37GMT,10:37 PST
پنهنجي سرزمين هڪٻئي جي خلاف ڪنهن دهشت گرد کي استعمال نه ڪرڻ ڏينداسين ,,وزيراعظم محمد نواز شريف


وزيراعظم محمد نواز شريف صاف لفظن۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جيوچ ۾ معاهدو آهي ته اسان پنهنجيسرزمين هڪٻئي جي خلاف ڪنهندهشت گرد کي استعمال نه ڪرڻڏينداسين، پاڪستان ان معاهدي تيسختي سان ڪاربند آهي





۽ افغانستان به ان جي خلاف ورزي نه ڪري رهيو آهي. جنيوا کان لنڊن پهچڻ تيصحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪيترائي دهشت گرد عنصر افغانستان ۾ آهن جيڪي پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث آهن جنهن ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۽ تازو ئيچارسده يونيورسٽي تي ٿيندڙ حملو شامل آهي. هن چيو ته افغانستان جي هڪ چونڊيل حڪومت، هٿياربند فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا آهن ۽ اها انهن جي ذميداري آهي ته هو ڪارروائي ڪن، هن چيو ته ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته هاڻي انهن جيروڪٿام ۽ ازالو ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان افغان امن عمل جي حمايت ڪريون ٿا، جنهن سان خطي ۾ استحڪام ايندو، هن چيو تههارٽ آف ايشيا ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ طئي ٿيو ته پاڪستان، افغانستان، چين ۽ آمريڪا تي ٻڌل 4 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن تي اها ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ان ڪميٽي جو تازو ئي ڪابل ۾ اجلاس ٿيو، جيڪو خوش آئنده هو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن خطي ۾ استحڪام جي ضمانت آهي ۽ اها ذميداريپاڪستان سان گڏوگڏ ٻين ملڪن جي به آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته صورتحال بهتر ٿيندي. پٺاڻ ڪوٽ حملي جي باري ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو تهپاڪستان پاران ڪو به الزام ناهي لڳايو ويو پر هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان جو ان جي باري ۾ واضح موقف آهي. هن چيو ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن جاچ مڪمل ٿي ويندي تڏهن حقيقتون سامهون آنديون وينديون. هن چيو ته پاڪستاني جاچ ٽيم پٺاڻ ڪوٽ جو دورو ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جاچ عمل ۾ وڌيڪ تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان صحيح رخ ۾ گامزن آهيون ۽ اميد آهي تهان جا سٺا نتيجا نڪرندا. نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سانوزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي تيزي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها پاڪستان جي خواهش هئي ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ معاملا ٺيڪ ٿين. ڇڪتاڻ ۽ ويڇا ختم ٿين. اسان کي ڪنهن ثالثيجي لاءِ نه چيو پر اسان اهو ڪردار ادا ڪرڻ جو پاڻ فيصلو ڪيو. ٻنهي ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هاڻي جواب جو انتظار آهي ان کانپوءِ ئي ان تي اڳتي وڌيو ويندو،وزيراعظم چيو ته ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جنهن کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهجي ۽ مسئلن جي حل لاءِ سڀني ڌرين سان مشاورت جي ضرورت آهي. حڪومت فوج ۽ ٻيا ادارا ويجهي مشاورت ڪندا آهن ۽ آپريشن ضرب عضب، آئيني ترميم، نيشنل ايڪشن پلان ۽ ٻيا سڀئي قومي فيصلا مشاورت سان ڪيا ويا ۽ آئون سمجهان ٿو ته مشاورت هڪ سٺي شيءَ آهي ۽ دين به مشاورت جي تلقين ڪندو آهي.وزيراعظم چيو ته مون کي ان حوالي سان ان پٽ ملندي آهي، جنهن جي ذريعي حڪومت بهتر انداز ۾ ڪوئي فيصلو ڪندي آهي. نيشنل ايڪشن پلان ڪي ڪجهه نڪتن تي عملدرآمد سست، ڪجهه تي عمل ٿي رهيو آهي.
 
Back
Top