وتايو گهر ۾ ڪن گَهرن ويچارن ۾ ويٺو هو. ماڻس چيو ته ابا، ٻاهران ڪاٺيون بانگها ڳولي آءٌ ته چُلهه دکايان. وتايي چيو ته مون کي هينئر ڇڏي ڏي. ماڻس ويئي، ڇيڻا ڪاٺيون ميڙي اچي باهه ٻاريائين، پوءِ وري وتايي کي سڏ ڪري چيائين، ابا، هي گهڙو ڀري اچ ته اٽو ڳوهيان، ماني پچايان. فقير چيو، امان چيو مانءِ ڪين ته مون کي ڪجهه به نه چئو. مائي وئي، گهڙو ڀري آئي. ماني پچايائين. پوءِ چيائينس ته ڀلا، ڏڌ لپ پاڙي مان وٺي اچي ماني کاءُ. وري به ساڳي ڳالهه. اصل ڪجهه نه چوينم. پوڙهي ويئي، ڏڌ وٺي آئي، چڱو ڀلا راتوڪو بکيو آهين، ماني ڏڌ رکيو آهي ڪو ته گرانهه کڻ. الا الا! ماءُ الائجي ڇا ٿيندي آهي؟ جيئن ٿو جهليانس تيئن ٿي نئون حڪم ڏينم. امان، هر هر جواب ڏيڻ بيحيائي آهي. اجهو تنهنجو حڪم مڃيان ٿو. ماني کائي ڍؤ ڪريان ٿو.
جواب: هر هر جواب ڏيڻ بيحيائي آهي! ها سائين پنهنجي فائدي وارو حڪم ته ضرور مڃڻو پوندو نه ته نقصان پنهنجوئي ٿيندو۔
جواب: هر هر جواب ڏيڻ بيحيائي آهي! ها يار چئي ته اصل صفا صحيح پيو هر هر جواب ڏيڻ به ته بي حيائي آهي نه هاهاههااهاه