اها ماڻهوءَ جي فطرت هوندي آهي. جڏهن هو پاڻ ڪجھ ناهي ڪري سگھندو تڏهن هو ٻين تي چٿرون ڪندو آهي. سڌي ڳالهه آهي ته ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي گريبان ۾ ڏسندو ته هو ٻين جي گريبانن کي ڪيئن ڏسي سگھندو؟ ۽ جيڪڏهن ڪو واندو ٻين جا گريبان ڏسندو ته اهو طئي آهي ته هو پنهنجو گريبان نه ڏسي سگھندو آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهي ته: ادي ڪاٿي، ابي ڪاٿي، مان نه ڪاٿي ته ڪنهن ڪاٿي؟ ان جيان هتي لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو ماڻهو ٻين مٿان ڦٽڪار ڪري، يا ٻين جا قصيدا ڳائي پنهنجي زندگيءَ جو سبب ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.. درحقيقت هو پنهنجي پاڻ کي بي سبب سمجھندا آهن، ۽ پنهنجي ڪمپليڪس کي لڪائڻ لاءِ وتندا آهن ٻين جي اڱڻن تي گند اڇليندا... جڏهن ته چتائي ڏسبو ته اهي بي سبب ڪڏهن ناهن هوندا... اصل مسئلو اهو هوندو آهي ته هو پنهنجو ڪم ناهن ڪندا.