• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مولا بخش چانڊيو جو بيان

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندو ته جواب ڏيڻ منهنجي ذميواري آهي،نه ته بي ادب سڏيو ويندس: مولابخش چانڊيو
خميس 28 جنوري 2016


ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير مولابخش چانڊيو چيو آهي ته چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس جو جواب نه ڏيڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي.تفصيل مطابق مولابخش چانڊيو چيو ته چوڌري نثار رڳو پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائي ٿو ۽ سندس لهجي ۾ جيڪو زهر هو اهو منهنجي لهجي ۾ نه هو،سندس چوڻ هو ته خط لکڻ کانپوءِ انتظار ڪرڻ گهرجي،آنڌمانڌ ڇاجي آهي؟مولابخش چانڊيو چيو ته چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندو ته جواب ڏيڻ منهنجي ذميواري آهي ،ڇو ته ايتري وڏي شخصيت کي جواب نه ڏيڻ اصولن،ادبن جي ڀڃڪڙي هوندي.
 
Back
Top