Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
حيدرآباد جي عدالت پاران اينٽي ڪرپشن پوليس مان هٽايل سب انسپڪٽر کي 3 سال قيد ۽ 3 لک ڏنڊ جي سزا
خميس 28 جنوري 2016

رپورٽ:منصور مري
حيدرآباد:حيدرآباد جي عدالت اينٽي ڪرپشن پوليس کاتي ۾ نقلي تعليمي سرٽيفيڪٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم عبدالله شاھ جي ويجهي ساٿي ۽ ڇڇر برداري جي چڱي مڙس وڏيري خادم ڇڇر جي ننڊي ڀاءِ اينٽي ڪرپشن پوليس مان هٽايل سب انسپڪٽر نياز حسين ڇڇر کي 3 سال قيد ۽ 3 لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌايو. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ جيل ڪاٽيندو. نياز حسين ڇڇر تي الزام هو ته ان مرحوم سيد عبدالله شاھ جي وڏي وزارت جي دور ۾ 1996 ۾ جعلي تعليمي سرٽيفيڪٽ تي اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ نوڪري حاصل ڪئي هئي. 2002 ۾ هادي بخش رند نالي همراھ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.ان ڪيس خلاف فريادي ۽ جوابدار هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون. اعليٰ عدالتن ماتحت عدالت کي حڪم ڏنو هو ته ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ٻڌايو وڃي.ياد رهي ته نقلي تعليمي سرٽفيڪٽن تي نوڪري حاصل ڪرڻ جي الزام هيٺ 2010 ۾ نياز حسين ڇڇر کي نوڪري تان هٽايو ويو هو