• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيترنئي ڪلاڪن کان بجلي غائب…:

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
ڄامشورو کان 500 ڪي وي لائين ٽرپ،ڪراچي جي بجلي بند،90 سيڪڙو آبادي اوندهه ۾ ٻڏي وئي
جمعو 29 جنوري 2016


کراچی:ڄامشور ويجهو 500 ڪي وي جي هائي ٽينشن لائين ٽرپ ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي شهر جو 90 سيڪڙو علائقو اوندهه ۾ ٻڏي ويو.ڌاٻيجي ۽ ڏکڻ ڪراچي جو پاڻي بند،جڏهن ته بجلي بند ٿيڻ سبب ڌاٻيجي کان ڪراچي ويندڙ پائيپ لائن به ڦاٽي پئي.ڄامشورو 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائن ۾ صبح ساڍي 5 وڳي ٽرپنگ سبب شهر ۾ اوندهه ڇائنجي وئي ۽ شهر جو 90 سيڪڙو علائقو بجلي کان قاصر ٿي ويو،جنهن سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙن ۽ آفيس ويندڙن کي وڏي تڪليف پڻ ٿي.بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر جي جن علائقن ۾ اونده ڇائنجي وئي،انهن ۾ نارٿ ڪراچي،نيو ڪراچي،نارٿ ناظم آباد،فيڊرل بي ايريا،ناظم ۾ آباد،اورنگي ٽائون،ڊفينس،گلشن حديد،شاهه فيصل ڪالوني،اولڊ سٽي ايريا،صدر ۽ ٻين ڪيترن ئي علاقئن ۾ بجلي صبح ساڍي 5 وڳي کان بند رهي.
 
Back
Top