Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
عزير بلوچ ڪير آهي؟ ڏوهن جي دنيا ۾ ڪيئن آيو؟
ڇنڇر 30 جنوري 2016

ڪراچي: لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جي گرفتاري کانپوءِ رينجرز سندس تصويرون به جاري ڪيون آهن، 37 ورهين جي عزير بلوچ 2001ع وارين مڪاني چونڊن ۾ لياري جي ناظم جي حيثيت سان سياست ۾ پنهنجي قسمت آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس پيپلز پارٽِي جي ڪارڪن حبيب هٿان مات جو منهن ڏسڻو پيو، ٽرانسپورٽر فيض محمد عرف فيضو ماما جي پٽ عزير 2003ع ۾ محمد ارشد عرف ارشد پپو جي هٿان پنهنجي پيءُ جي قتل کان ترت پوءِ ڏوهن جي دنيا ۾ قدم رکيو ته جيئن پنهنجي پيءُ جو پلاند وٺي سگهي، سندس پيءُ کي ارشڊ پپو اغوا ڪيو ۽ ڀنگ نه ملڻ تي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو، ارشد پپو، عزير بلوچ جي سئوٽ عبدالرحمان عرف رحمان ڊڪيت جو مخالف سمجهيو ويندو هو،

رحمان ڊڪيت ۽ ارشڊ پپو گينگ وچ ۾ لياري ۾ نشي جي ڪاروبار ۽ زمينن تي قبضِي جي حوالي سان ڊگهي عرصي کان گينگ وار جاري آهي، عدالت ۾ پنهنجي پيءُ جي ڪيس پيروي دوران عزير بلوچ کي ارشڊ پپو گينگ طرفان ڌمڪيون مليون هيون، جنهن کانپوءِ رحمان ڊڪيت کيس پنهنجي گينگ ۾ شامل ڪيو ، ان حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عزير بلوچ شروعاتي طور تي رحمان ڊڪيت جي گينگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو پر جيئن ئي کيس اها خبر پئي ته سندن دشمن هڪ ئي آهي ته هو رحمان جي گينگ ۾ شامل ٿي ويو، ميليل ڄاڻ مطابق سي آئي ڊي پوليس جي مرحوم ايس ايس پي اسلم خان 2003ع ۾ عزير بلوچ کي سجاول ۾ واقع سندس اباڻي زمين تان گرفتار ڪيو هو، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رڳو ڪجهه ڪلاڪ گذارڻ دوران پيپلز پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن ساڻس گڏ رهيا، جن آزادي کانپوءِ کيس محفوظ ٿاڪ به ڏنو، پيرول تي آزادي دوران عزير سماجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ علائقي ۾ ڪيترائي اسڪول به کوليا پر ٻئي پاسي لياري جي مرڪزي بازارن ۾ ڀتو وٺڻ جو ناسور تيزي سان پکڙجڻ لڳو، جنهن تي ماڻهو سندس مخالف ٿيندا ويا ۽ ڊپ محسوس ڪندا رهيا،

پوليس مقابلي ۾ رحمان ڊڪيت جي مارجڻ کانپوءِ عزير گينگ ۾ مرڪزي ڪردار طور اڀري سامهون آيو ۽ سڀني گينگ جي گڏيل راءِ سان کيس بنا مقابلي لياري گينگ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو، ان دوران 2007ع ۾ لياري ۾ امن ڪميٽي ٺهي، جنهن کي پيپلز پارٽِي جي حمايت حاصل هجڻ جي دعوِيٰ به ڪئي پئي وڃي، ان ڪميٽي جو سربراهه به عزير بلوچ کي مقرر ڪيو ويو، رينجرز مطابق عزير بلوچ تي قتل، قتل جي ارادي ۽ ڀتو وٺڻ سوڌو 50 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. جن ۾ هو پوليس کي گهربل هو، عزير بلوچ کي دبئي ۾ انٽرپول ذريعي به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪراچي پوليس جي ٽيم سندس ٻانهن وٺڻ وئي هئي پر قانوني مونجهارن ۽ ڪمزور ثبوتن سبب کيس پاڪستان آڻڻ ۾ ناڪامي ٿي.