پيار منجهاران پينگهو لوڏي لولي ڏيانءِ لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ پرهه ڦٽيءَ جو ويلو ٿيئڙو بابل تنهنجو هر تي ويئڙو پهريان ڪرڻا سج سٽي ٿو بابل تنهنجو ٻج ڇٽي ٿو ساري تون سڻندو وڃجانءِ لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ ڪوڏر ڪلهڙي پارا پهريان بابل تنهنجو پاڻيءَ پويان پوک پچي وئي آ واري تي بابل تنهنجو لاباري تي ساري تون سڻندو وڃجان لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ ڪُتِ ۾ پنهنجا لِڱَ ٿو لوئي بابل تنهنجو ول ٿو ڍوئي ڏينهن تتو اڄ ڏاڍو آهي بابل تنهنجو ڳاهه ٿو ڳاهي ساري تون سڻندو وڃجان لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ داڻا ويا ڪُل ڌُوتا کائي بابل تنهنجي ڳالهه ٻڌائي ڏاڍن جي هيءَ آهي مرضي بابل تنهنجو زوريءَ قرضي ساري تون سڻندو وڃجان لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ **** آواز: سرمد سنڌي شاعري: نامعلوم