ٻول : لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
پيار منجهاران پينگهو لوڏي لولي ڏيانءِ
لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

پرهه ڦٽيءَ جو ويلو ٿيئڙو
بابل تنهنجو هر تي ويئڙو
پهريان ڪرڻا سج سٽي ٿو
بابل تنهنجو ٻج ڇٽي ٿو

ساري تون سڻندو وڃجانءِ
لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

ڪوڏر ڪلهڙي پارا پهريان
بابل تنهنجو پاڻيءَ پويان
پوک پچي وئي آ واري تي
بابل تنهنجو لاباري تي

ساري تون سڻندو وڃجان
لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

ڪُتِ ۾ پنهنجا لِڱَ ٿو لوئي
بابل تنهنجو ول ٿو ڍوئي
ڏينهن تتو اڄ ڏاڍو آهي
بابل تنهنجو ڳاهه ٿو ڳاهي

ساري تون سڻندو وڃجان
لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

داڻا ويا ڪُل ڌُوتا کائي
بابل تنهنجي ڳالهه ٻڌائي
ڏاڍن جي هيءَ آهي مرضي
بابل تنهنجو زوريءَ قرضي

ساري تون سڻندو وڃجان
لولي آ مٺڙي لولي ڏيانءِ

****
آواز: سرمد سنڌي
شاعري: نامعلوم
 
Back
Top