ڪٿي ڪا اميد ڳولهجي! شفيق شاڪر جي سچ پڇو ته پاڪستاني عوام مايوسين جي هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.جيڪڏهن نراسائين جي لشڪر مان ڪڏهن ڪا آس جي روشني اٿي به ٿي ته وقت جو ايندڙ لمحو ان کي اجھايو وڃي. انسان جي فطرت ۾ سهپ ۽ برداشت جي به هڪڙي حد ٿيندي آهي پر جڏهن پنهن جي ئي ماحول سان بيزاريون مقرر حدون اورانگھين ٿيون ته پوء يا ته ماڻهو هميشه جي لاء مايوس ٿي ملڪ ۽ رياست جي هر معاملي کان لاتعلق بنجي وڃن ٿا يا وري “ تنگ آيد بجنگ آيد” واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي جنهن جو نظارو اسان اڄ وچ اوڀر ۾ پسي رهيا آهيون.اهي ٻئي صورتون يعني عوام جو رياستي معاملن سان لاتعلق بڻجي وڃڻ يا خدانخواسته ڪنهن گھرو ويڙه واري حالت پيدا ٿيڻ، اهي ٻئي شيون ڪڏهن به رياست جي فائدي ۾ نه هونديون آهن.جتي به اهي اڻ وڻندڙ حالتون پيدا ٿينديون آهن جن کي اسان چوندا ته هنگامي يا اتفاقي حالتون آهيون پر اصل ۾ اهي اوچتيون يا اتفاقي حالتون نه هونديون آهن.انهن جي پيدا ٿيڻ جي پويان صدين ۽ سالن جو سفر هوندو آهي.اها به حقيقت آهي ته موجوده حالتن تي عوام کي جيتري مايوسي ۽ پريشاني آهي اسان جي اشرافيا جي حصي ۾ انهن مايوسين ۽ پريشانين جو ذرو به نه آيو آهي. اهي ڏاڍا مطئمن ۽ خوش آهن. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اهي هن ڌرتيء جي نه پر ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق آهن جتي بهارون ئي بهارون آهن ۽ ان نگريء ۾ خزائن جو گذر ئي ڪونهي.معصوم ٻار دهشتگردن جي گولين وگھي مرن يا بک ۽ بيماريء کا ن تڙپي دم ڏين،توهان کي ان اشرافيا جي چهرن تي ڪڏهن ڪنهن ڪرب يا پريشانيء جي ڪا لڪير نظر آئي آهي؟ تازو ٿيل دهشتگرديء جي واقعي کي ڏسو، هڪ بهادر پروفيسر پنهن جي سيني تي شهادت جو نشان سجائي پنهن جو فرض پورو ڪري ويو پر عوام جي ووٽ سان حڪمرانيء جي سيج تي ويٺل وزيراعظم کي پنهن جن ڪاروباري دورن کان ايتري واندڪائي نه ملي جو هو پنهن جي ڏهن ڏينهن جي دوري کي انهن بي گناه شهيدن جي سوڳ ۾ مختصر ڪرڻ جو احسان ئي ڪري وٺي ها.انهن جي اصل صورت اها آهي جنهن کي هو بار بار سياسي مصلحتن سبب لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندن فضول قسم جي همدرديء وارن بيانن، دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪرڻ وارن گدڙ ڀڀڪين، واقعن جي مذمتي ٺهرائن ،متاثرين سان دلي همدرديء وارن منافقانا دلاسن ۽فوٽو سيشنن سان عوام کي ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. قوم کي لڳندڙ هر نئون زخم ۽ دلين کي درد ۾ ٻوڙيندڙ هر نئون واقعو انهن جي چاپلوسين، ٻٽن معيارن ۽ پنهن جي ئي عوام سان دوکن جي مجرماڻي ذهنيت کي وڌيڪ وائکو ڪري رهيو آهي.اهي پنهن جو پاڻ کي عقل جو عروج ۽ ڊپلوميسيء ۾ دنگ سمجھن ٿا.اهي سدائين خلق خدا جي اڪثريت کي بيوقوف ۽ ڄٽ سمجھڻ جي اجتماعي جهالت جو شڪار رهندا پيا اچن،پر اهي ئي اصل ۾ محروم آهن جو قدرت طرفان عطا ٿيندڙ عظيم تحفي يعني انسانيت جي احساس کان محروم ڪيا ويا آهن.انهن کي بيوسن جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، انهن کي درد وندن جا درد محسوس نٿا ٿين.انهن کي ٻن ويلن جي مانيء کان محروم مسڪين ڏسڻ ۾ نٿا اچن. قوم کي خود انحصاريء جون پرچارون ڪندڙن کي خودڪشيون نظر نٿيون اچن.ميگا پروجيڪٽ منصوبا جوڙڻ وقت اسپتالن ۾ نانگ جي ڏنگ جي علاج جون اڻلڀ سويون مهيا ڪري ڏيڻ جو خيال نٿو اچي. انهيء ڪري جو انهن جي دنيا الڳ آهي ۽ اسان جي دنيا الڳ. انهن جو پاڪستان ٻيو آهي ۽ اسان جو پاڪستان ٻيو.انهن جي دنيا ۾ ڀلا نانگ ۽ بلائن جو ڪهڙو گذر!سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڃي پٽ پييون پر اسان جي نصيبن ۾ اهڙيون سستايون ڪٿي جو عوام کان پيٽرول تي وصول ڪيل وڌيڪ ڏنڊ مان ئي ته انهن جي گاڏين ۾ پيٽرول ڀرجي ٿو. وڪرو ٿيندڙ قومي ادارن جا مزڊور رڙيون ڪري ڪري هوش وڃائي چڪا ته اسان کي خدا جي واسطي ٻين جي گناهن جي سزا ڏيئي اسان جي ٻچن کي بکن جو شڪار نه بڻايو پر هي ته عالمي ادارن جا زرخريد غلام آهن سو اڳ ۾ ئي انهن سان اهي وعدا وچن ڪيو ويٺا آهن.هي سڀ ڪجھ وڪڻي ڇڏيندا. ڇا جون اسيبمليون، ڪهڙي جمهوريت ۽ کڏ ۾ پوي عوام. پي آئي اي نيلام ٿي چڪي صرف قانوني ڪاروائي باقي آهي، اسٽيل ملز نيلام ٿي ويندي، پوء فيسڪوپوء حيسڪو مطلب ته نيلامي ئي نيلامي هوندي.2018ع اڃا پري آهي تيستائين عوام کي اهي سڀ درد وسري ويندا ۽ پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجي چڪو هوندو. شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي تلاء تان پاڻي پي رهيا هوندا.بجلي ۽ گئس جو بحران ختم ٿي چڪو هوندو ۽ روزگار جا دريا وهي رهيا هوندا.ان نيلاميء جي عظيم مهم ۾ سنڌ حڪومت به سوچيو آهي ته اها ڇو پوئتي رهي. اسپتالون وڪجن پييون ۽ هاڻي اسڪولن جو وارو اچڻو آهي. ورلڊ بينڪ سان معاهدا ڪيا ويا آهن ته سالن کان پڙهائيندڙ استادن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني نوڪرين مان ڪڍي نوان رنگروٽ ڀرتي ڪيا ويندا جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ تعليم جي ميدان ۾ بلندين جي آسمان تي پهچي ويندي.اهو سڀ ٿي رهندو جو اهي ئي ملڪ جا اصل مالڪ آهن.عوام انهن جو ڪمي،ڪڙمي،ڪاسبي ۽ غلام آهي. غلامن کان سندن مرضي ۽ منشا نه پڇي ويندي آهي.پر ان سڄي ناٽڪ ۾ اسان جا اهي حڪمران جنهن شيء کي وساري ويٺا آهن سو آهي تاريخ جو سبق! تاريخ جيڪا هر اهڙي ناٽڪ جي پسمنظر ۾ نه محسوس ٿيندڙ انداز ۾ پنهن جو پاڻ کي ورجائڻ جو سامان ڪٺو ڪندر رهي ٿي.