• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀلا، ڏند به سڄا ڌڏندا هوندءِ؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هڪڙو ماڻهو ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ چيائينس: ”ڊاڪٽر صاحب، رات جو منهنجي حالت ڏاڍي خراب ٿئي ٿي؛ فقط هن ڪري، جو ننڊ ۾ خراب خواب ڏسان ٿو؛ پوءِ ته منهنجي حالت ڏاڍي وحشتناڪ ٿئي ٿي.“

”مار!“ ڊاڪٽر چيو، ”ڀلا، ان وقت تنهنجو ساهه به تيزيءَ سان ٿو هلي؟“

”ٺيڪ ٿا چئو، ڊاڪٽر صاحب!“

”مٿي کان وٺي پيرن تائين سڀ عضوا به ڏڪندا هوندءِ؟“

”ائين سائين.“

”ڀلا، ڏند به سڄا ڌڏندا هوندءِ؟“

اتي بيمار ڪجهه دير لاءِ مٿو کنهڻ لڳو ۽ پوءِ ڊاڪٽر کي چيائين ته ”سائين، اها خبر ڪانهيم، ڇاڪاڻ ته سمهڻ کان اڳ، آءٌ پنهنجا ڏند ڌوئي، وهاڻي هيٺان رکي سمهندو آهيان.
 
Back
Top