عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ساڃاھ جا پير ڦٽجي پيا آھن!
حيا پردو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي!
زندگيء جو رئو
وقت جي ويل ۾ وچڙي پيو
تہ شرم جو ڪنڌ ٽٽي پيو آھي!
فطرت جي سرخي
جو رنگ شھيدن
جي رت جيان ڳاڙھو آھي!
ڪيترو گھرو ٿو ڏسجي!
جھڙالي موسم ۾
شبني نيڻ ۾
شرارت ھئي!
چنڊ جو رنگ بہ سرخ ٿي ويو!
ۡبجليء جا ڪڪڙڪاٽ بہ ھئا!
پر ڪوئي آواز
ڪنن سان ٽڪرايو
ٿورو ترس
انقلاب جي ماء پيٽ سان آھي!!
*ڊاڪٽر ذوالفقار علي*
حيا پردو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي!
زندگيء جو رئو
وقت جي ويل ۾ وچڙي پيو
تہ شرم جو ڪنڌ ٽٽي پيو آھي!
فطرت جي سرخي
جو رنگ شھيدن
جي رت جيان ڳاڙھو آھي!
ڪيترو گھرو ٿو ڏسجي!
جھڙالي موسم ۾
شبني نيڻ ۾
شرارت ھئي!
چنڊ جو رنگ بہ سرخ ٿي ويو!
ۡبجليء جا ڪڪڙڪاٽ بہ ھئا!
پر ڪوئي آواز
ڪنن سان ٽڪرايو
ٿورو ترس
انقلاب جي ماء پيٽ سان آھي!!
*ڊاڪٽر ذوالفقار علي*