محترم دوستو مان پنهنجو تعارف ڪرائي چڪو آهيان ته مان سونا فقير جي شاعري هٿي پيش ڪندس ان ڪري يوزر نيم سونا فقير جي نالي سان ٺاهيو اٿم. هي تعارف مرحوم سونا فقير جي وفات کان پو فرمان علي چانڊيو جي طرفان اخبار ۾ شايع ٿيو. تحرير فرمان چانڊيو: وڃي ڏينهن گهڻا تو، وڌا او سڄڻ هت پيرون پٽن تي، پڪا او سڄڻ هي سٽون مرحوم شاعر سونا فقير جون آهن مرحوم سونا فقير 1923ع ۾ ڳوٺ مٿيون عاليوال، يونين ڪائونسل فريدآباد، تعلقه ميهڙ ۾ پيدا ٿيو ، پاڻ ڌنڌي جي لحاظ کان هاري هو سندس تعليم چار درجا سنڌي هئي، پاڻ فارسي به ڄاڻيندو هو، ان کان علاوه پاڻ علم طب مان به گهڻو ڄاڻندو هو ۽ آخري وقت تائين حڪمت ڪندو رهيو،شاعري ۾ تخلص جوڳي،ملازم ۽ سونا فقير ڪم آڻيندو هو سندس گهڻو وقت قرآڻ شريف جي تلاوت ڪندي گذرندو هو پاڻ فقير قسم جو ماڻهو تمام سادو الله لوڪ جوڳي گودڙي هو پاڻ پرھ ڦٽي جو ورزانو هڪ قبرستان ۾ ويندو هو جيڪو ڳوٺ کان ٻه ڪلو ميٽر اولھ طرف آهي اتان موٽندي ڪا نه ڪا شئي تخليق ڪيون ايندو هو ۽ پوءِ ڪڏهن بيت ، غزل، ڪافي وغيره پوءِ اها نئين ٺاهيل شي مون کي اچي ٻوڌائيندو هو. سونا فقير پنهنجن ڪافي ڪلامن کي پاڻ به ڳائيندو هو، سندس مشهور فنڪار ممتاز لاشاري، اللهداد زرداري، جوڳي جلال، ساجد منگي ۽ ٻين ڳايو آهي، سندس شاعري ۾ تحسس حرفي ترنم ۽ لئي ساراھ جوڳي آهي، پاڻ صوفي شاعر هو ۽ سندس شاعري ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه آهي جيڪا درد واري ڳالھ ڪئي اٿن، اها ڪيفيت مٿن گذري به آهي، سندس شاعري ۾ جواجه غلام فريد جي شاعري وارو درد ۽ اداسي نمايان آهي پاڻ گهڻي قدر سرائڪي ٻولي ۾ شاعري ڪئي اٿن، پر منهنجي عرض ڪرڻ تي پاڻ سنڌي شاعري به ڪيائون جيڪو آفتاب اخبار جي مختلف صفحن ۾ منهنجي ڪوششن سان وقت بوقت شايع ٿيندو رهيو ، ان کان سواء سرواڻ ، سنڌ سجاڳ ۽ ٻين اخبارن ۾ به سندس مواد ڇپيو، پاڻ سنڌي ۾ ٽيھ اکري به لکيائون جن جي هر هڪ بيت ۾ آيتن جو استعمال تيل آهي جيڪو بيت جي تسلسل کي به نٿو ٽوڙي ۽ موضوع مطابق آهي، سندس هڪ بيت پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ سسئي جي سورن جو ذڪر آهي. کٿان شاهي خان پنهل دي، ڪٿان سسئي دي وستي لوڙھ درياھ قلم دي آندي، شهر ڀنڀور دي بستي ڪيا ڄاڻن راز لوڪ بيگاني ڪوئي آه انگ الستي سونا فقير عشق رلائي سسئي ، نهين عشق دي بازي سستي. سونا فقير جي پاڙيسري سنڌ جي مشهور سگهڙ منظور علي چانڊيو جيڪو سٺو راڳيندڙ به آهي ان کان سونا فقير بابت پڇيم ته وراڻيائين ته سونا فقير مون کي پنهنجي ڪافي ڳائڻ لاءِ چوندو هو ۽ جڏهن آءُ سندس ڪافي ڳائيندو هوس ته پاڻ روئڻ ۾ شروع ٿيندو هو تان جو وڃي ڪلام پورو ڪريان، هو تمام سٺو شاعر ۽ قلبي شاعر هو. هو قادر الڪلام شاعر هو اسان جي فرمائش تي هو ويٺي ويٺي ٻن ٽن منٽن ۾ سگهاري شي تخليق ڪري سگهندو هو ۽ پاڻ چوندو هو ته منهنجي اندر ۾ درد جا درياء وهن ٿا انهن کي پني تي لکندو آهيان ته شاعري ٺهي پوندي آهي، سندس سرائڪي بيت پيش ڪجي ٿو. سڪ تيڏي وچ سهڻا سائين، رو رو هيڻي حال ٿئي، ڪيئي سال ٿئي. پاڻي بدن تي ول نه گهتيو سي، ڀڀوت مٽي وچ وال ٿئي، ڪيئ سال ٿئي. سڪ تيڏي ميڏا ساھ سڪايا، سور سوين ا نال ٿئي، ڪيئي سال ٿئي. سونا فقير ننڊ اکيان ڪون وسر ڳئي، اهڙي ميڏي حال ٿئي، ڪيئي سال ٿئي. ويهين صدي جو حمل فقير سونا فقير 29 آگسٽ 1993ع تي وفات ڪري ويو کيس کي انهي ساڳئي قبرستان ۾ دفنايو ويو جتي جيئري پنهنجي قبر جي جاءِ جو انتخاب ڪيو هئائون ۽ روزانو رياضت لاءِ ويندا هئا ۽ مرحوم جو ڪافي مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ پوئيرن وٽ هٿيڪو آهي.