سنڌي زبان پنهنجي تاريخ ۽ لهجي جي رک رکائو خاطر خطي ۾ اعليٰ مقام رکندي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو انگريزن جي دور ۾ به سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت حاصل رهي آهي.
سنڌي زبان جي شائستگي ۽ گهرائي کي جانچڻو هجي ته شاهه جي رسالي کي ئي کڻي پڙهجي جنهن جي لفظ لفظ ۾ ٻولي جي پختگي جو عنصر ۽ گهرائي نمايان آهي.
پر چوندا آهن ته ڪابه ٻولي جيڪڏهن جديد علمن جو ساٿ نه ڏئي سگهي ته اها باقي رهي نه سگهندي آهي. اهو ئي حال سنڌي زبان جو پڻ آهي جيڪا ٽيڪنيڪل اصطلاحن جي معاملي اڃان تائين ڪافي پوئتي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ مان لڏي هند ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ هاڻي هي زبان اوپري ٿيندي پئي وڃي.
پر اهو انت اڄ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙن کي منظور ناهي اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌي ٻولي جي بقاء جي جستجو جاري ۽ ساري رکيو رهيا آهن ۽ سنڌي ٻولي کي هر قسم جي سونهن ڏيندڙ فونٽس جي ذخيري ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي پکيڙڻ ۾ سنڌ سلامت جون ڪوششون پڻ جاري آهن جتان نه رڳو هر عام ۽ خاص سنڌين کي انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي پر کين پنهنجا بلاگ ۽ ويب سائيٽس کي سنڌي زبان ۾ جوڙڻ جي مدد پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. رڳو ايترو ئي نه پر سوشل نيٽ ورڪ جهڙوڪ فيس بوڪ تي پڻ سنڌي لکائي کي سنڌي فونٽس جي سونهن ڏئي عام سنڌين لاءِ سنڌي لکڻ کي پرڪشش بڻايو پيو وڃي.
جيئن ته سڀني ساٿين کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻولي فونٽس جي معاملي ۾ مالا مال آهي. ۽ هن وقت تائين سنڌي فونٽ ڊيولپرز طرفان سوين فونٽ تيار ٿي چڪا آهن جن ۾ ٽائپو گرافڪ، اسٽائلش ۽ ويب فونٽ شامل آهن. جنهن ڪري ان ڳالهه جي ضرورت شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته :
ابتدائي مرحلي ۾ سنڌ سلامت فونٽ سرور تي 200 جي لڳ ڀڳ کن فونٽ رکيا ويا آهن جنهن ۾ آهستي آهستي اضافو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سرور کي وڌيڪ جازبِ نظر بڻائڻ لاءِ تبديليون ڪرڻ کانسوءِ فونٽ ڊويلپرز سان رابطو ڪندي سندن تعارف ۽ فونٽ ٺاهڻ بابت ابتدائي خيال پڻ رکيا ويندا.
سنڌ سلامت فونٽ سرور جي ٽيم ۾ شامل آهن ٻه هونهار ۽ قابل نوجوان جن منهنجي تصور تحت ڏنل ٽاسڪ تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ اهو ڪم ڪري ورتو جيڪو اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو. هنن سان ملو .. هي آهن
سندن طرفان ڪيل هي سمورو ڪم صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي جي پکيڙ جي نيت سان ڪيو ويو آهي ان لاءِ نه ته هو ذاتي شهرت گهرن ٿا ۽ نه وري سندن ڪو ڪاروباري مقصد آهي ان ڪري سندن طرفان سنڌي ٻولي جي هن شاندار ڪارنامي کي پورو ڪرڻ تي آءٌ کين مبارڪباد پيش ڪندس ۽ توهان طرفان پڻ اهڙي ئي اميد رکندس گڏو گڏ سندن جي ڪاميابي لاءِ دعاگو رهبو.
آخر۾ هڪ گذارش ڪندس ته سنڌ سلامت فونٽ سرور کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ رابطو ڪريو لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي طرفان فيڊ بيڪ ۽ رايا ڏيڻ نه وساريندا.

- سمورن سنڌي فونٽس کي گڏ ڪري هڪ مرڪزي ذخيرو بڻائجي جنهن جي ترتيب ۽ تنظيم ۽ سمورن فونٽس جي سار سنڀال هڪ منظم انداز ۾ ٽيم ورڪ ذريعي ڪئي وڃي.
- ان مرڪزي ذخيري تائن پهچ کي سولو بڻائجي ۽ فونٽ سرور ڪجهه ان طرح فراهم ڪجي جتي سمورن فونٽس کي ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن بابت ڪجهه ضروري معلومات پڻ حاصل ٿي سگهي.
- اهڙي فونٽس سرور جي ڪوڊنگ سادي ۽ اضافي ڪوڊنگ کان پاڪ هجي ته جيئن کلڻ ۾ هلڪو ۽ استعمال ڪرڻ ۾ ايترو آسان هجي جو فونٽ حاصل ڪندڙ کي انتظار بنا مطلوبا فونٽ تڪڙو ميسر هجي.
- فونٽ سرور تي فونٽ ڳولڻ کي انتهائي آسان ڪيو وڃي جو ڳوليندڙ چاهي ته نالي سان، چاهي ته ٺاهيندڙ جي نالي سان يا چاهي ته اسٽائل جي ڳولا سان انگريزي يا سنڌي ٻنهي ڳولائن ۾ تڪڙو پنهنجي مطلوبا فونٽ تي پهچي سگهي.
- فونٽ سرور ۾ فونٽ جو نظارو موجود هجي جيئن فونٽ ڊائونلوڊ ڪندڙ فونٽ جي خوبصورتي کي پهريان ڏسي پوءِ ڊائونلوڊ ڪري سگهي.
- فونٽ سرور تي فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ جو تعداد اپڊيٽ ٿيندو رهي جيئن مشهور فونٽ يا وڌيڪ ڊائونلوڊ فونٽس کي لنڪ ڪري سرور تي ايندڙ ساٿين کي ترت سندن مطلوبا فونٽ تائين پهچائي سگهجي.
- فونٽ سرور تي فونٽ انسٽال ڪرڻ جو آسان طريقو پڻ ٻڌايل هجي ته جئين هر عام ۽ خاص سولائي سان فونٽ کي انسٽال ڪرڻ سمجهي سگهي.
- فونٽ سرور جو ڦيرو ڀريندڙن جي تجويزن، مشورن ۽ راين لاءِ فيڊ بيڪ جي سهولت پڻ شامل ڪئي وڃي.
- جيڪڏهن ڪو فونٽ ڊيولپر هن مرڪزي فونٽ خزاني ۾ پنهنجو فونٽ موڪلڻ چاهي ته ان طرفان رابطي کي آسان بڻايو وڃي.