TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
گنجن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا اهي جيڪي قدرتي طور تي گنجا آهن ۽ ٻيا اهي جن کي هٿرادو گنجا سڏجي ٿو. قدرتي گنجا حجامن جا محتاج نه هوندا آهن، انهن جي زندگيءَ ۾ وار ڪٽرائڻ جا موقعا تمام گهٽ ايندا آهن، ۽ جڏهن ڪنهن حجام کي ڪنهن گنجي جا وار ڪٽڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي ته اهو حجام اڌ مئو ٿي چڪو هوندو آهي، ڇو ته ان گنجي جي ٺوڙهه تان وار ڳوليندي ڳوليندي تمام گهڻي تڪليف جو منهن ڌسڻو پوندو آهي. حجامن جو چوڻ آهي ته سندن دڪانن ۾ قدرتي گنجن جي ”انٽري“ بند ٿيڻ گهرجي، ڇو ته قدرتي گنجي جا وار ٺاهڻ حجامن جي تي تشدد جي برابر آهي، جيڪو انساني حقن جو معاملو آهي. گنجن جو ٻيو قسم قدرتي گنجن کان مختلف آهي. اهڙن گنجن جو تعداد گرمين ۾ وڌي ويندو آهي. اهڙن گنجن کي گرمين جا ستايل گنجا چوڻ ۾ ڪو به گناهه ناهي. هن وقت گرمين جي موسم ۾ مٿي تي 2 ڪلو وارن جو بار ڪير برداشت ڪندو؟ ان ڪري مردن کي مشورو آهي ته گرميءَ جي موسم ۾ ٺوڙهه کي هوا لڳڻ وارو حق مهيا ڪن. جيڪڏهن قدرتي طور تي کين اهڙي سهولت ميسر ناهي ته حجام ته موجود آهن.
ڪاوش هائيڊ پارڪ
ڪاوش هائيڊ پارڪ