عزير جو الميو ۽ صولت جا صدما! شفيق شاڪر وقت جو وهڪرو به ڪيڏو نه بي رحم آهي جيڪو ڪالھ جي سمورين دوستين کي دشمنين ۾ ماضيء جي دشمنين کي دوستين ۾ بدلائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. اهي جيڪي ڪڏهن آشنا هئا ، جن کان سواء ساعت نه سرندي هئي اهي هوائن جو رخ بدلجندي ئي ڪهڙيء طرح اجنبي بڻجي وڃن ٿا اهو سلوڪ ايترو ته عام ٿي ويو آهي جو هاڻي ان قسم جي ڪنهن بي رخيء تي ڪنهن کي به ڪا حيرت نٿي ٿئي.ستم اهو ئي ناهي ته ڪجھ ماڻهو ٻين جي سهائتا ڪندي خود حالتن جي ستم ظريفين هيٺ سڙي ويا پر وڏو صدمو اهو آهي جو سڀ ڪجھ سنگت ۾ صدقو ڪرڻ باوجود جڏهن انهن پنهن جي آسپاس ڏٺو ته پوري سنگت انهن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اهو الميو صرف عزير بلوچ سان ئي پيش ناهي آيو پر صولت مرزا کي به ڪئين سنگدلن سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هوجو مفادپرستن جي دنيا جو اهو ئي دستور ۽ موقعا پرستن جي محفل جي اها ئي پراڻي ريت رهي آهي. سوال اهو ناهي ته عزير بلوچ يا صولت مرزا انسانيت جي دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا آزار پيدا ڪيا،ڪيترا گھر ويران ۽ ڪيترا چمن برباد ڪيا پر سوال اهوآهي ته اهي ڪهڙا قهري هٿ هئا جن انهن کي پنهن جن آڱرين تي نچايو،انهن کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪئي ۽ انهن جي ڪرمنل ڪردار مان پنهن جي سينڌ سنواري ۽ پنهن جا اڱڻ آباد ڪيا.اسان جي قانون جي مجبوري اها آهي جو اهو صرف ڪردارن لاء ڪوڙڪيون وڇائي ٿو پر هر حادثي جا حرفتي هدايتڪار هر بار قانون جي ڪمزور ڦنڌن مان نڪري وڃن ٿا.چوڻ لاء ته صولت مرزا، ڊاڪٽر عاصم ۽ عزير بلوچ جي آتم ڪٿا ۾ ايترو ڪجھ موجود آهي جو ڪنهن مهذب معاشري جي انهن عجوبن جيڪي سماج جي سڀني طبقن کان وڌيڪ معزز هئڻ جا دعويدار هجن تن جي لاء شرم وچان ڪنڌ جھڪائڻ لاء ڪافي آهي پر جنهن معاشري ۾ رڳو اصول ئي نه پر ضمير به بدلبا هجن ان معاشري ۾ پنهن جي جان ڇڏائڻ لاء سالن جي ياراڻن کان منڪر بنجڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالھ نه هئڻ گھرجي.اڄ جي هن اطلاعاتي دور ۾ جتي ميڊيا جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون هر وقت سرن تي سوار رهن ٿيون ۽ ڪو ڪرتوت انهن جي اک کان لڪيل نٿو رهي، ٽي وي اسڪرين تي ڊوڙندڙ محبت ڪهاڻين جا اهي سڀ ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچڻ باوجود به جيڪڏهن پوء به ڪي انڪار جي جرئت رکن ٿا ته انهن جي اهڙي همت ۽ حوصلي تي انهن کي داد نه ڏيڻ ڪنجوسائپ آهي.اهي سچ ڇو ڳالهائين جو ڪوڙ ڳالهائڻ سان اهي بار بار بچندا آيا آهن.ميڊيا آخر ڇا ٿي ڪري سگھي، نه ڪنهن کي پڪڙي سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ٿي ڏيئي سگھي .ميڊيا اهو ئي ڪري سگھي ٿي جيڪو هوء ڪري رهي آهي. انهن جي هر ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪندي رهي آهي پر انهن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهن جي دوکيبازيء ڀريل حرڪتن جي سزا يا ته کين رياستي قانون ڏيئي سگھي ٿو يا اليڪشن جي وقت عوام پر حقيقت آهي ته انهن کي سزا ملي نٿي،نه رياستي قانون طرفان ۽ نه ئي عوام طرفان.هي ڪي عام رواجي ڏوهاري ناهن پر اهڙن مجرمن سان لاڳاپا رکندا رهيا آهن جن جي باري ۾ اهي ڄاڻن ٿا ته اهي انساني جانين سان کيڏندا رهيا آهن نه رڳو لاڳاپا پر انهن کي پنهن جن سياسي توڙي ذاتي مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا آهن پر انهن کي سماجي استشنا حاصل آهي جو اهي اسان جي اشرافيا آهن.اڄ انهن جي چهرن جي تاثرن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهي مجرمن سان لاڳاپن سان انڪار جي حوالي سان صريح ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. اڳين قومن جي تباهي ۽ برباديء جو وڏي ۾ وڏو سبب جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي سو اهو ته اهي ڪمزورن کي سزا ڏيندا هئا ۽ ڏاڍن کي ڇڏي ڏيندا هئا.اسان جي معاشري ۾ به اها ئي انڌير نگري هلندي پيئي اچي. ڦاهو جنهن جي ڳچيء ۾ پورو ٿئي انهيء کي وڌو وڃي ٿو.ڪنهن به قانون پسند شهريء کي نه ته صولت مرزا سان ڪا همدردي هئي نه ئي عذير بلوچ جي لاء ڪا نرمي پر ڪنهن صولت جي ڦاسيء چڙهڻ ۽ ڪنهن عزير جي سزا کائڻ سان ڇا سماج مان ڏوه ختم ٿي ويندا؟ اهي ظالم هٿ جيڪي انسانن جي خون جي هولي کيڏڻ جي کيل پويان هدايتن جو پورو اسڪرپٽ لکندا رهيا آهن انهن تي اڄ به دستانا چڙهيل آهن جو بيگناهن جي خون جي ڪا لڪير انهن جي هٿن تي نظر نٿي اچي. اهي خونخوار هٿ جيستائين سلامت آهن انهن کي آئنده به سوين صولت ۽ انيڪ عزير ملندا رهندا. جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ واقعي اڄ اهو احساس اڀريو آهي ته گھڻو ٿيو، هاڻي ماڻهن کي سک سان ۽ آزاديء سان ساھ کڻڻ ڏنو وڃي ته اهو احساس ڪنهن فيصلائتي تبديليء جي صورت اختيار ڪري نه سگھندو جيستائين انهن ڏوهاري ڪاروائين جي ماسٽر مائينڊ مجرمن ۾ هٿ نٿا وڌا وڃن انهن جي هر قسم جي رسد توڙي مدد جا گھيڙ گھاٽ بند نٿا ڪيا وڃن. عزير اڳ۾ ئي ادارن وٽ هو يا هاڻي گرفتار ڪيو ويو اهي ٻئي سوال عوام جي لاء ڪجھ به معنى نٿا رکن جيستائين ان ڪهاڻيء جو انت ڪنهن نتيجا خيز منظر تي نٿو ٿئي. پر جيڪڏهن عزير کي به صرف ڪن سياسي ڌرين جي بليڪ ميلنگ جي لاء استعمال ڪيو ويو ته دهشت ۽ بدامنيء جي ستايل هن عوام سان ان کان وڏيڪ ٻي ڪا ويساه گھاتي نه چئبي!