• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 02 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وزيراعظم نواز شريف لاءِ 5 پشاوري چپلون تيار (خبر)
* * سندس گهر واري ڪلثوم نواز لاءِ خوشخبري (تبصرو)

* سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي درجو ڏيو: عالمي سنڌي ڪانفرنس (خبر)
* * پهريان سنڌين کي چئو ته گھرن ۾، سنڌي ته ڳالهائن! (تبصرو)

* نصيرآباد ۾ بکايل ٻارن کي ڏسي ماءُ آپگھات ڪيو (خبر)
* * سنڌ جا حڪمرانو..!! ڍڪڻيءَ ۾ ڍُڪ پائي ٻڏي مرو! (تبصرو)

* وزيراعظم سنڌ جا مسئلا حل نه پيو ڪري: وڏو وزير (خبر)
* * اوهان سنڌ جا مسئلا حل ڪري دنگ ڪري ڇڏيو، ڪجھه ته خدا جو خوف ڪريو (تبصرو)

* عذير بلوچ جي گرفتاريءَ تي پ پ پ پريشان ناهي: سينيٽر سعيد غني (خبر)
* * ....پڇڻو اٿوَ ته دبئي وڃي آصف زرداريءَ جي دل کان پڇو؟ (تبصرو)

* عذير بلوچ جي مالڪي ڪندڙن کان ڪير پڇا ئي ڪونه ٿو ڪري: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * مولو ڄٽَ...!!انهيءَ جي مالڪي ڪندڙ ته دبئي ڀڄي ويو آهي (تبصرو)

* وفاق سنڌ سان ٽڪراءُ ڪونه ٿو چاهي: وزيراعظم (خبر)
* * ...پر آصف زرداري پنهنجن ڪرپٽ دوستن کي بچائڻ لاءِ ته ٽڪراءُ چاهي ٿو (تبصرو)

* جھوڪ شهر ۾ بند ڪرايل زهريلو الڪوحل پلانٽ ٻيهر کلي ويو (خبر)
* * جت قانون نه هجي، اُتي وڏو پير پيسو هوندو آهي (تبصرو)

* وفاقي صحت واري وزارت جي ويب سائيٽ هيڪ (خبر)
* * نواز شريف کي به سنڀالجو، ڪٿي ويب سائيٽ سمجھي هيڪ نه ڪري وٺنس (تبصرو)

* آصف زرداريءَ سبب پ پ پ هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي: ناهيد خان (خبر)
* * زرداريءَ جو وس پڄي ته پ پ پ کي ڪلهي تي کڻي دبئي هليو وڃي (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top