رخسانه پريت رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي، جيئڻ جاکوڙ ماڻهن کي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    رخسانه پريت

    رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي
    جيئڻ جاکوڙ ماڻهن کي

    نه ٿيون ڇو منزلون ڏسجن
    منجهائن موڙ ماڻهن کي

    ڪٿي حيوان کِي اڄ ڪَلهه
    لهوءَ جي لوڙ ماڻهن کي

    ڇِنڻَ تي جيڪڏهن ايندا
    بهانا کوڙ ماڻهن کي

    سڀئي انسان هِڪ جهڙا
    پوڇو هٿ جوڙ ماڻهن کي

    اڃان تائين غُلاميءَ جا
    نڙيءَ ۾ نوڙ ماڻهن کي

    ڏسئون ٿِي ڪاٿي پهچائي؟
    اها ڊُڪ ڊوڙ ماڻهن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو