اسان خوشبو جي سفر جا مسافر آھيون.

'ڪالم' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ساميءَ سج وڙاءُ

    اسان خوشبو جي سفر جا مسافر آھيون.

    غلام رسول چانڊيو


    · سچ جڏھن تماشو بڻجي وڃي ته پوءِ زندگي ڪچي گار جھڙي لڳندي آھي، پر پوءِ به اسان پنھنجن ڪنن ۾ڪپھ وجھي سچ جي پرچار ڪندا رھنداسين جو اسان ڄاڻون ٿا ته ڪوڙ جو جھان ڊگھي عمر نه ماڻي سگھندو آھي.

    · جھالت جي اڳواڻيءَ جا ٺيڪا جنھن کي به کڻڻا ھجن اھو ڀلي کڻي، اسان کي ڪو به اعتراض نه آھي پر پاڻ کي جھالت جي ڪچري جو ڪيڙو ناھي ٿيڻو ۽ نه ئي گٽر جي نالين ۾ سرندي پرندي ساھ کڻڻو آھي.

    · ھو جي سمجھن ٿا ته اسان سندن پوئلڳي ڪنداسين، انھن کي سمجھڻ گھرجي ته اسان تاريخ جا اھي ڪردار آھيون جيڪي ڪيڙن ماڪوڙن جي ھجومن کان وڌيڪ اڪيلاين سان پيار ڪندڙ آھيون، اڪيلايون، جيڪي اسان کي بدبوءِ کان پري رکن ٿيون.

    · ھو نه ٿا ڄاڻن ته اسان جي اڪيلاين ۾ به آدرشن جو اھو جھان وسي ٿو جيڪو ھڪ ڏينھن بدبوءِ جو موت آڻيندو.

    · اسان خوشبو جي سفر جا اھي مسافر آھيون جن تي جھالت جا ڪيڙا بڇيا ٿا وڃن پر پوءِ به اسان پنھنجي خوشبو جي حفاظت ڪئي آھي.

    · اسان جي سماج ۾ رڳي معاشي طبقا نه پر شعوري طبقا به آھن ته جھالت جا طبقا به، سو تنھنڪري بدبوءِ بڇي وڃي ٿي اسان مٿان!!

    · اسان ته اھو به ڄاڻون ٿا ته اسان جي شعوري نسل مان ھڪڙن پنھنجي ادراڪ کي بازار حسن ۾ وڪڻي ڇڏيو آھي ۽ سندن شعور ھڪ اھڙي وعشيه جو روپ ڌاري چڪو آھي جيڪو سورنھن سينگار ڪري پنھنجو پاڻ کي ڪيڙن ماڪوڙن اڳيان وڏن ناز نخرن سان پيش ڪري رھيو آھي پر اسان کي انھن جي پرواھ ان ڪري به نه آھي جو اسان جي ديد تمام گھڻو دور ڏسي رھي آھي.

    · شعور جي غربت کان ھزار دفعا وڌيڪ بھتر آھي ته انسان کي ھڪ ويلو بصر سان ماني کائي گذارو ڪرڻ گھرجي.

    · ڪجھ ماڻھن جي دوستيءَ کان ھزار دشمن بھتر آھن.

    · ھڪڙا ماڻھو ايترا ته شاتر ٿين ٿا جو انھن جي وجود مٿان ايمانداريءَ جا لبادا ۽ سندن وجود رڳي بي ايمانيءَ جي ڪيڙن سان ڀريو پيو ھوندو آھي.

    · جيڪڏھن اسان مان ڪيترا ذھين ترين ھجڻ واري بيماريءَ مان نڪرن ته ھن سماج جا اڌ کان گھڻا ڏچا ٽري وڃن.

    · عجيب ماجرا آھي جو جاھل ترين ماڻھو به ڏاھا بڻجيو کٽون سيڙايو ويٺا آھن. واھ ڙي دولت تنھنجا ڪمال!

    · جيڪڏھن گڏھ کي ھيرن جو ھار پارائجي ته اھو ماڻھو بڻجندو؟ الاءِ ابا! مون ته ڪيترا ھيرن پاتل گڏھ به ڪرسين تي ويٺل ڏٺا آھن ۽ دانش کي سندن دلالي ڪندي ڏٺو آھي....!!!

    · تون چوندو وڃ ۽ آءُ ھا ڪندو وڃان؟ ان ڏينھن خود ڪشي نه ڪري ڇڏيان!!

    · لوسي رڳي ڪتا نه پر ماڻھو به ٿيندا آھن، جيئن ڇتا رڳي ڪتا نه پر ماڻھو به ٿيندا آھن.

    · جيڪڏھن ڪو توکي پڇ ٻڌي مھري ڪري به وجھي تڏھن به اٺ ھوندين ماڻھو نه!!

    · ھاءِ ڙي پيٽ! تو چڱا ڀلا خاري خوار ڪري ڇڏيا!

    · مار ايڏو وڏو پيٽ! گھڻن جي ماني کاڌي اٿئي؟

    · آدرشي انسان ڪڏھن به ڪنھن جي گلا غيبت نه ڪندا آھن جو انھن وٽ آدرشن جي تڪميل واري جدوجھد مان واندڪائي نه ھوندي آھي.

    · ھڪڙا ماڻھو آدرشن جي نانءَ تي ڪاروبار ڪندا آھن پر اھي اصل ۾ آدرشن جا دشمن ٿيندا آھن.

    · مون ته اھڙا به ماڻھو ڏٺا آھن جيڪي سنڌ سنڌ ڪندي چريا ٿي پوندا آھن پر قسم کڻي ٿو چوان ته انھن کان وڌيڪ سنڌ دشمن ڪير به ٿي نه ٿو سگھي، سنڌ جا سڄڻ پنھنجي وس آھر ڪم ڪندا رھندا آھن ۽ کين دھل وڄائڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي آھي.


    · ھاڻ ڏيو منھن! ھن کي به ليڊر ٿيڻ جو شوق ٿيو آھي، سو وتي ٿو انقلاب انقلاب ڪندو. ميان! پھريان پنھنجا ارڪان ته سڌار پوءِ قوم کي سڌارڻ جي ڳالھ ڪجان، اجايو چار ماڻھو نه سيڙائجان، اڳئي ڪيترا ماڻھو اجايو سيڙيا ويٺا آھن.

    · مونکي ان ڳالھ جي بلڪل به پرواھ نه آھي ته ماڻھو مونکي ڇا سمجھن ٿا، آءُ جوابدار آھيان صرف سمجھ وارن ماڻھن اڳيان.

    · سنڌيءَ جو ھڪ پھاڪو آھي ته “ڇتو ڪتو به ڌڻي سڃاڻندو آھي”، پر حيران آھيان ته ڪيترا منھنجا پنھجا پاليل به مونکي ڏاڙھي وجھندا آھن.

    · نوڪري به ساڳي ڪريون ٿا، پگھار به ھڪ جيترو پوءِ ھي بنگلو ڪٿان ٺھرايو اٿئي؟ ھر مھيني گاڏي مٽائين ٿو؟ ٻڌاءِ ڪھڙو ڪاروبار ڪندو آھين؟

    · تون چاھين ٿو ته مان تنھنجي اشارن تي نچان؟ پر مونکان دلالي نه ٿيندي، اجايو مونتي وقت برباد نه ڪر، تو واري ڌنڌي لاءِ کوڙ ماڻھو ملي ويندئي جو غربت پنھنجي انتھا تي پھچي چڪي آھي.

    · مون وٽ زندگي، سماج ۽ وطن جي پنھنجي معني آھي ۽ تو وٽ اھي سڀ مقدس شيون ڪاروبار! سو تنھنجو منھنجو رشتو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اجايو ڀائپي جو ناٽڪ نه ڪر، آءُ توکي چڱيءَ طرح سڃا ڻان.

    · پاڻ ٻئي مرنداسين پر ڏسجانءِ توکي ۽ مونکي ڪلھي ڏيڻ وارا قبيلا الڳ الڳ ھوندا، منھنجي جنازي کي سرڙيو ھاري ۽ تنھنجي جنازي کي ان سرڙيئي ھاريءَ جو ڀوتار ڪلھو ڏيندو.

    ڀوتارن جا بوٽ چٽي انھن خلاف ڳالھائيندي ڦڪو ڇو ڪونه ٿيندو آھين؟ رات جو بوتلن تي گڏ ۽ ڏينھن جو ڀوتارن خلاف بڪواس ٻين کي سمجھ ۾ اچي نه اچي مونکي ۽ منھنجي سنگت کي سمجھ ۾ اچي ٿو. Sindhi_chandio@hotmail.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو