• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون........

غلام رسول چانڊيو

سينيئر رڪن
تون........

اسان ته اڄ به

ڀٽ تي تنبوري جي “تون” وسيلي

دنيا کي آفاقي عشق آڇيو آھي

۽ موھن جي ناچڻيءَ جي بدن جي

شاعريءَ جي پھرين جملي تي

اسان ته پنھنجي “مان” ماري ڇڏي ھئي

ته پوءِ

ھي ڪير آھن؟

جي اسان جي عظمتن جو لباس

ڦاڙي رھيا آھن

۽ چيري رھيا آھن

اسان جي وحدت الوجودي مام کي!

اسان جي ساز تي

سرُ ڏيڻ وارا آھيون

انھن جي چھرن کي

خودڪش بمن جي دونھين سان

ڇو پيو رنڱيو وڃي؟

ڇا اسان جو ڏوھ

امن سان عشق ڪرڻ آھي؟
 
Back
Top