غلام رسول چانڊيو
سينيئر رڪن
لطيف سائين!
آءَ ڄاڻان ٿو تنھنجو درد،
جنھن جي ڪا به انتھا نه آھي
جو
تنھنجي ديس جي دردن جون
سڀئي سرحدون
کٽڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن
پر اي رھبر!
جيئن توکي پڪ آھي
پنھنجي ڪلام جي طاقت جي
تيئن مونکي به پڪو يقين آھي
ته تنھنجي ڪلام اڳيان
ھي بم ۽ گولا ھڪ ڏينھن
ضرور شڪست کائيندا
۽ تنھنجي ديس جون سڀئي
وحشتون موت جو کاڄ بڻجي
وقت جي باھ ۾ ائين جلي وينديون
جو تنھنجو ديس
دنيا جي اڳواڻي ڪندو.
آءَ ڄاڻان ٿو تنھنجو درد،
جنھن جي ڪا به انتھا نه آھي
جو
تنھنجي ديس جي دردن جون
سڀئي سرحدون
کٽڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن
پر اي رھبر!
جيئن توکي پڪ آھي
پنھنجي ڪلام جي طاقت جي
تيئن مونکي به پڪو يقين آھي
ته تنھنجي ڪلام اڳيان
ھي بم ۽ گولا ھڪ ڏينھن
ضرور شڪست کائيندا
۽ تنھنجي ديس جون سڀئي
وحشتون موت جو کاڄ بڻجي
وقت جي باھ ۾ ائين جلي وينديون
جو تنھنجو ديس
دنيا جي اڳواڻي ڪندو.