۽ ڄاڻي ڇڏ....

غلام رسول چانڊيو

سينيئر رڪن
وڃ.....

۽ وڃ وڃي انھن کي

ٻڌاءِ

ته اسان جي لھو جي قيمت

اڃان ڪٿجي رھي آھي

تون چند سوداگرن جي ساٿ سان

اسان جي لھو کي خريدي نه ٿو سگھين

۽ ڄاڻي ڇڏ

ته اسان جي لھو جي قيمت

سواءِ اسان جي آدرشن جي تڪميل جي

ٻي ڪائي نه آھي........
 
Back
Top