• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال/ 03 فيبروري 2016.

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پي آءِ اي جا 3 ملازم فائرنگ ۾ فوت (خبر)
* * نواز شريف سرڪار به ملڪ الموت بڻجي وئي آهي (تبصرو)

* سنڌ سرڪار رينجرز جي اختيارن ۾ غيرمشروط واڌ ڪئي (خبر)
* * ڪرپٽ سنڌ سرڪار وڃائڻ جو جوکم، زرداري هرگز ڪونه کڻي ها (تبصرو)

* عسڪري تنظيمن کي پناهه ۽ صحافين کي پيسا ڏيندو هوس: عذير بلوچ (خبر)
** ٻيلي، اهڙن صحافين جا نالا ته کڻ، خبر پوي ته ڪهڙا ڪهڙا نانگ آهن (تبصرو)

* اڏيالا جيل ۾ گھڻي گنجائش آهي، وزيراعظم آيو ته واپس ڪونه ويندو: سپريم ڪورٽ (تبصرو)
** اهو خير جو ڪم ترت ڪريو ته سپريم ڪورٽ جو قوم تي وڏو احسان ٿيندو (خبر)

* آئين سان مذاق ڪيو ويو ته زلزلو ايندو: رضا رباني (خبر)
* * ڏسون ته سنڌ ۾ ڪڏهن ٿو زلزلو اچي؟ (تبصرو)

* عذير بلوچ کي ڪونه ٿي سڃاڻان ۽ نه ڪڏهن ملاقات ٿي آهي: فريال ٽالپر (خبر)
* * ڪجھه ماڻهن کي سچ ڳالهائڻ ۾ شرم به ايندو آهي (تبصرو)

* ڪراچيءَ جي ٻيٽ تي اڏيل راجا ڏاهر جو قلعو مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل (خبر)
* * تڏهن ته چئون ٿا قائم علي شاهه جھڙيون قديم شيون، سنڌ ميوزم ۾ سنڀالي رکو (تبصرو)

* ٿر ۾ کنئورمافيا، گگرال جا هزارين وڻ سُڪائي ڇڏيا (خبر)
* * اهي گگرال جا سڪل وڻ ٿيا يا سنڌ سرڪار جا رشوت کاڌل کاتا؟ (تبصرو)

* ڇاڇري ۾ مست اُٺ نوجوان مالڪ کي چڪ هڻي ماري ڇڏيو خبر)
* * زرداري به گهڻا ئي ڪرپشن جا اُٺ پاليا آهن سو کيس هوشيار رهڻ گھرجي (تبصرو)
 
Back
Top