• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌھ سوين اسڪول ببد پيل.

Shahbaz khan shar

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ سوين اسڪول بند پيل، اسڪول واڙن ۾ تبديل
online indus 01
رپورٽ شھباز خان شر
ڪراچي:سپريم ڪورٽ پاران بند پيل اسڪولن بابت پاڻمرادو نوٽس وٺڻ ۽ تعليم کاتي ۾ صوبي ۾ 132 ڪروڙ روپيا سنڌ سرڪار پاران ، عالمي بئنڪ پاران 4 سو ارب روپيا، يونيسيف ۽ ٻين نجي ادارن کان اربين روپيا بجيٽ ملڻ باوجود سنڌ صوبي ۾ هزارين اسڪولن سميت عالمي شهر ڪراچي جا سوين اسڪول بند پيل آهن ۽ سوين استاد گوسٽ ٽيچر بڻجي ويا آهن ڪيترائي استاد ويزا تي ويل آهن ،گوسڙو استاد سرڪاري خزاني مان 20 هزار کان 90 هزار روپين تائين پگهارون وٺن ٿا ، صوبي جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي سرڪار کي بند پيل اسڪولن ۽ گوسڙو ٽيچرن جون رپورٽون ملڻ باوجود سنڌ سرڪار ، تعليم وارو وزير نثار کهوڙو، تعليم وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سياسي مداخلت جي ڪري ڪنهن به گوسڙو استاد جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿا ڪري سگهن ۽ هن وقت تائين گوسڙو استادن جي ڪري صوبي جي مختلف ضلعن ۾ بند پيل ۽ قبضي هيٺ آيل هزارين اسڪولن جنهن ۾ ايم اين اي ، ايم پي اي ، قبضا مافيا ، وڏيرن ، بااثر ماڻهن جا قبضا آهن انهن خلاف ڪا ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي هن وقت تائين رڳو ڪشمور ، گهوٽڪي ، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻو ، خيرپور ، قمبر شهداد ڪوٽ ، سکر ، نواب شاه ، سانگهڙ ، مٺي ، عمر ڪوٽ ، بدين ، ٺٺو ، سجاول ، نوشهرو فيروز ۽ صوبي جي ٻين ضلعن سميت عالمي شهر ڪراچي جي علائقن صدر ، جمشيد ٽائون ، گلشن اقبال ، ملير ، گڏاپ ، ڪورنگي ، ماڙيپور ، ڪيماڙي ٽائون ، محمود آباد سميت سوين بند پيل اسڪولن تي چونڊيل نمائندن ، بااثر قبضا مافيا ، وڏيرن ، ۽ سندن ڇاڙتن جا قبضا آهن جنهن ۾ وڏيرن ڍور ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ سوين گوسٽ ٽيچرن هنن وڏيرن جا ڪمدار ٻڻيل آهن ڪي وري گوسٽ ٽيچر ويزا تي ويل آهن ۽ ڪي ٽيچر وري پهنجا دڪان ۽ ٻيا ڪاروبار کوليون ويٺا آهن صوبي ۾ ڪنهن به استاد خلاف ڪو آفيسر ڪاروائي نه ٿو ڪري سگهي ، سنڌ صوبي ۾ هزارين اسڪول بند هئڻ سبب ۽ سوين گوسٽ ٽيچرن جو اسڪولن ۾ نه وڃڻ سبب پهرين درجي کان اٺين درجي تائين جا لکين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن ۽ استاد وري گهرن ۾ ويهي انهن ٻارن کي پاس ڪري ٿا ڇڏين جنهن سان صوبي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڌي ويو آهي ، جيتوڻيڪ صوبي ۾ 10 کان 15 سالن تائين صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳائي وڃي جنهن ۾ هن بند پيل ۽ صوبي جي سڀنين اسڪولن کي ايمرجنسي هيٺ ڏنو وڃي ۽ وڏيرن کان هي اسڪول خالي ڪرايا وڃن جنهن لاءِ سول سوسائيٽي ، اديب ، صحافي ، سياستدان ، اين جي اوز وارا ملي ڪري گڏجي ڪم ڪن ته ايندڙ ڏهن کان پندرنهن سالن تائين سنڌ صوبي مان ڪو ٻيو قائد اعظم محمدعلي جناح ، ذوالفقار ڀٽو ، محترمه بينظير ڀٽو جڙا نالي وارا ماڻهو سنڌ صوبي جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا …online indus 2
سنڌ جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهوڙي آن لائن انڊس نيوز کي ٻڌايو ته سنڌ صوبي جي تعليم تباه ٿي رهي آهي .. صوبي سنڌ ۾ 48 هزار 227 اسڪول مان 4 هزار 540 اسڪول گهوسٽ بڻجي ويا آهن، سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير نثار احمد کهوڙو وڌيڪ چيو ته هن وقت مختلف ضلعن ۾ 524 اسڪولن تي علائقي جي بااثرن وڏيرن جا قبضا ٿيل آهن جيڪي اسڪولن کي پنهجي اوطاقن ۽ مال جي وٿاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسڪولن ۾ پنهنجا ڪمدار ۽ هاري رهائي ويٺا آهن جيڪي هنن جي قبضي هيٺ آهن تعليم واري صوبائي وزير دعوه ڪندي چيو مون کي جڏهن کان تعليم واري وزارت ملي آهي آءُ پوري سنڌ جا دورا ڪري گوسٽ اسڪولن ۽ گوسٽ ٽيچرن خلاف ڪاروائي ڪري رهيو آهيان جيڪو مسئلو جلد حل ٿي ويندو نثار کهوڙي وڌيڪ چيو ته صوبي کي تعليم کاتي لاءِ 132 ڪروڙ روپيا بجٽ آهي جنهن مان 120 ڪروڙ روپيا پگهارن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ صوبي ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ اڃان ڪيترائي فنڊ گهربل آهن صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هاڻي تعليم کاتي ۾ استادن جون جيڪي به ڀرٿيون ڪيون وينديون اهي اين ٽي ايس ٽيسٽ يا آءِ بي اي جي ٽيسٽ تحت ڪيون وينديون جنهن مان ڪا سياسي مداخلت به نه هوندي ۽ تعليم جو معيار به بهتر ٿي ويندو
تعليم کاتي واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهوآن لائن انڊس نيوز کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 80 سيڪڙو استاد گوسڙو آهن جنهن سبب صوبي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول ڪو نه ٿا وڃن تعليم کاتي واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي ۾ استاد سياسي مداخلت جي ڪري بليڪ ميل ڪن ٿا جيڪي مينجمنٽ ڪيڊر ۾ اچي ويا آهن جنهن سبب تعليم جو ٻيڙو ٻڌي ويو آهي هن چيو ته استادن جو ڪم پڙهائڻ آهي نه ڪي مينجمنٽ ڪيڊر ۾ اي ڊي او ، ڊي اي او وغيره ٿيا ويٺا آهن جيڪي هنن عهدن جي اهل نه آهن هن چيو ته جيڪو به استاد مينجمنٽ ڪيڊر ۾ اچڻ چاهي ٿو اهو ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ، تعليم واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته هاڻي تعليم کاتي ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه هلي رهي آهي هن چيو صوبي ۾ 5 هزار 8 سو کان مٿي اسڪول بند آهن هنن بند پيل اسڪولن ۾ وڏيرن جا ڪتا ۽ گهوڙا ٻڌل آهن . ، هن چيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ 30 هزار کان مٿي ايس ايل ٽي ڀرٿي ڪيا ويا جن ۾ سنڌين استادن جي جاءِ تي ڪشميري ، گلگتي ، بنگالي ، پنجابي ، پٺاڻ ۽ ٻين ٻولين وارا غير سنڌي جنهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ نه وري لکڻ اهڙيون ڀرٿيون هڪ ڊاريڪٽر ڪيون جيڪو حيدر آباد جو هو جنهن کي ڊاريڪٽر اسڪول ڪراچي جي چارج هئي جنهن هڪ سڄاڻپ ڪارڊ تي سو کان مٿي نوڪرين جا آڊر ڪيا . هن چيو ته نواب شاه ، لاڙڪاڻو ، ڪشمور ڪنڌ ڪوث ، جيڪب آباد ، گهوٽڪي ، حيدر آباد ، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ تعليم کاتي جا عملدار اڪائونٽس کاتي جي عملدارن سان ملي ڪري هر مهيني ڪوڙا بل ٺهرائي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪن ٿا جن خلاف جلد ڪاروائي ڪئي ويندي . ..
online indus 3
هڪ سماجي تنظيم الف اعلان مطابق پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم واري حق کان محرو م آهن جيڪي گهڻو ڪري ننڍي عمر ۾ يا ته مزدوري سان لاڳاپيل آهن، يا وري سماج لاءِ ناسوري سرگرمين ۾ اڳتي وڌي ناسور بڻجي رهيا آهن، پاڪستان ۾ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙِيندڙ تنظيم الف اعلان تعليم متعلق رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم جي حق کان محروم آهن، جنهن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن جو تعلق پنجاب سان آهي،دنيا ۾ تعليم جي لاءِ سرگرميون پيدا ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونسيڪو پاران گذريل سال جي پڌري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ 79 سيڪڙو ماڻهو اڻپڙهيل آهن، خواندگي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا ۾ 180هين نمبر تي آهي پاڪستان ۾ اڻپڙهيل ماڻهن ۾ 15 کان 24 ورهين جا 72 سيڪڙو آهن، رپورٽن موجب 2012 ۾ 70 لک شاگرد تعليمي ادارن ۾ داخل هيا، جن ۾ 29 لک شاگرد پرائمري اسڪول، 26 لک شاگرد سيڪنڊري اسڪول ۽ 15 لک ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ زير تعليم هيا. يونيسيڪو موجب پاڪستان ۾ 3 سيڪڙو شاگرد ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويندا آهن، جن ۾ 1 سيڪڙو شاگرد گريجويشن مڪمل ڪندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو شاگرد ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، جڏهن ته صوبي بلوچستان ۾ 78 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 72 سيڪڙو ٽي کان پنج ورهين جا ٻار اسڪولن ۾ داخل ئي نٿا ڪرايا وڃن، پنجاب حڪومت خواندگي وڌائڻ جي ڪوششن سان مخلص هجڻ جي دعويٰ به ڪندي رهي آهي، ۽ جڏهن ته صوبي پنجاب ۾ حڪومت پاران تعليم جي بهتري ۽ شاگردن کي روزانو اسڪول اچڻ تي پابند ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ توڙي جو پنجاب جي وڏي وزير پاران يونيورسٽين جي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ باوجود پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پرائمري اسڪول جي ٻارن کي اسڪول اچڻ تي پابند ڪري نه سگهيا آهن، ساڳئي طرح خيبرپختون خواهه حڪومت به صوبي ۾ جهالت ختم ڪرڻ ۽ هر ٻار کي تعليم ڏيڻ لاءِ جاڳرتا مهم پڻ هلائي ، جاڳرتا مهم جو مقصد هيو ته صوبي ۾ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن کي اسڪولن ۾ داخل ڪيو ويندو،مليل ڄاڻ موجب ڪي پي ڪي ۾ 28 هزار اسڪول آهن، جن ۾ 23 هزار پرائمري اسڪول آهن جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته 1500 جي لڳ ڀڳ اسڪول دهشتگردن جي حلمن، سيلاب ۽ زلزن جي ڪري تباهه ٿيا آهن، دهشتگردي جي حملن ڪري 2012 ۾ ڪي پي ڪي جي 6 لک شاگردن جي تعليم کي وڏو نقصان رسيو آهي، اهي 6 لک ٻار تعليم حاصل ڪرڻ سان محروم ٿي ويا آهن، جن جو مستقبل داع تي لڳل آهي، الف اعلان جي جي رپورٽ جي موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 ورهين جي عمر جا ٻار 2 ڪروڙ 70 لک اسڪول ويندا آهن، جن ۾ اڪثريت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي ماڻهن نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو رخ ڪيو آهي، سندن چوڻ هو ته مٿي ڄاڻايل شاگردن ۾ مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگرد به شامل آهن، هن جو چوڻ آهي ته اسڪولن کان ٻاهر اڍائي ڪروڙ ٻارن جا سرڪاري اسڪولن، نجي اسڪولن توڙي مدرسن ۾ ڪٿي به تعليم حاصل نه ڪري رهيا آهن، تعليمي ادارن کان ٻاهر آهن، چوڻ آهي ته پنجاب ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان وٺي تعليمي پاليسي بي ڌياني جو شڪار رهڻ ڪري ٻارن جي اڪثريت تعليم جي زيور کان محروم بڻجي وئي، پر هاڻي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڪري حالت بهتر ٿي رهي آهي ، تعليم کان وانجهيل 5 کان 16 ورهين جي اڍائي ڪروڙ ٻارن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ٻارن جي ايڏي وڏي اڪثريت تعليم کان محروم آهي، اهي ٻار پاڪستان جي مستقبل تي ڪهڙا اثر ڇڏيندا جنهن بابت حڪومت وٽ ڪهڙي پاليسي آهي ….
 
Back
Top