انسان صدين کان پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪيت جي حفاظت لاءِ ڪيترائي اپاءُ وٺي چڪو آهي، پر ڪابه شيءَ ڪڏهن به مڪمل محفوظ ناهي هوندي، پهريدار غفلت ڪريو وجهن، لاڪر به نيٺ ٽٽي ويندا آهن، آن لائين سيڪيورٽي سسٽم به دير سوير ڌڪ ڪڍيو وڃي، اهڙن ئي مونجهارن انسان کي بائيوميٽرڪ جو گس ڏيکاريو، جيڪو ٻين طريقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ نظر ۾ آيو. 1892ع ۾ سر فرانس گيلٽن جي انساني آڱرين تي ڪيل تحقيق بعد انساني آڱرين جا نشان کيس ڏوهاري ثابت ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا هئا پر اڄ اهي ئي آڱرين جا نشان کيس بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اڄ اوهان کي مارڪيٽ مان آساني سان آڱرين جي نشانن جي سڃاڻپ ڪندڙ سافٽ ويئر ۽ اسڪينر ملي سگهن ٿا جيڪي گهر، آفيس، دڪان، هاءِ سيڪورٽي عمارتن، بينڪ لاڪرن، اي ٽي ايم، ايستائين جو ليپ ٽاپ ۽ موبائيل جي حفاظت لاءِ استعمال ڪجن ٿا. بائيوميٽرڪ انساني آڱرين جي نشانن، اکين، آواز ۽ جسماني بيهڪ وغيره تي ڪم ڪري ٿو، پر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ گهڻو ڪري آڱرين جي نشانن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، انساني آڱرين جا نشان جيڪي قدرتي طور شين کي مضبوط پڪڙڻ لاءِ ڏنل هوندا آهن پر انهن جي انفراديت ماهرن کي انهن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻار جي آڱرين جا نشان ستين مهيني ۾ ٺهي ويندا آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ماڻهو جي آڱرين جي نشانن جهڙا ناهن هوندا، هر انسان جي آڱرين جا نشان ٻين جي نشانن کان بلڪل مختلف هوندا آهن ايستائين جو ٻن جاڙن ٻارن جي آڱرين جا نشان به انهن کان بلڪل مختلف هوندا آهن، جيستائين انسان جو هٿ ان جي جسم سان جڙيل آهي تيستائين ان جا نشان ساڳيا ئي رهندا آهن. انتهائي مختصر اتفاقن ۾ ڪنهن انسان جا فنگر پرنٽ ڪنهن ٻي انسان سان ملي سگهن ٿا، آڱرين جا نشان انساني ڊي اين اي جي ڪوڊ مطابق وجود ۾ ايندا آهن جيڪو پڻ مختلف هوندو آهي. فنگر پرنٽ جي انفراديت جي ڪري ئي انهن جي شاهدي کي ڏوهارين خلاف مضبوط دليل سمجهيو وڃي ٿو، ان لاءِ ئي فنگرپرنٽ کي محفوظ تصور ڪيو ويندو آهي، اوهان ڪنهن شيءَ جي سنڀال بائيوميٽرڪ تحت ڪريو ٿا ته اهو تقريبن ناممڪن آهي ته اوهان جي فنگرپرنٽ نه هوندي ڪو اوهان جي شين جي هٿ چراند ڪري سگهي. ان لاءِ ئي هن وقت پاڪستان ۾ وڏي پيماني بائيوميٽرڪ نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو دنيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ گهڻي حد تائين محفوظ ۽ جٽادار آهي، پاڪستان ۾ موبائيل ذريعي ڏوهن جون واردارتون وڌيون ته پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي پهرين آگسٽ 2014ع موبائيل سمن جو وڪرو بائيوميٽرڪ تصديق سان مشروط ڪري ڇڏيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سڀني موبائيل ڪمپنين جا ڪنيڪشن بائوميٽرڪ سسٽم ذريعي تصديقي عمل مان گذاريا ويا ۽ اهو عمل اڄ تائين ڪاميابي سان جاري آهي. اليڪيشن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين جو حل به بائيوميٽرڪ سسٽم تحت ڪڍيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو NA-19 هريپور ۾ بائيوميٽرڪ نظام ذريعي چونڊون ڪرايون ويون آهن، پاڪستان اليڪشن ڪميشن نادارا جي تعاون سان بائيوميٽرڪ نظام ذريعي پوري ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻي پاسي سرڪاري ادارن ۾ غيرحاضري ۽ پنهنجي پاران ٻين کي ڪم تي موڪلڻ جهڙا مسئلا شدت اختيار ڪرڻ جي ڪري سرڪاري سطع تي بائوميٽرڪ ذريعي حاضري وٺڻ جو نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي ۾ استادن جي حاضري لاءِ بائيوميٽرڪ نظام ڪاميابي سان لاڳو ڪري چڪي آهي جڏهن ته ميونسپلٽي ۽ پارڪن ۾ به حاضري لاءِ بائيوميٽرڪ نظام لاڳو ڪيل آهي، پنجاب حڪومت پڻ اسپتالن ۾ عملي پاران غيرحاضري جي شڪايتن تي حاضري لاءِ بائيوميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو آهي، بلوچستان حڪومت پڻ ڪورٽن ۽ اسپتالن ۾ بائيوميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو آهي. سنڌ ۾ استادن جي غيرحاضري کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ نظام لاڳو ڪرڻ جون تياريون هلي رهيون آهي. بائيوميٽرڪ نظام مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته متعلقه ماڻهن جا فنگرپرنٽ اڳ ۾ حاصل ڪيا وڃن، هڪ ڀيرو جڏهن سڀني جا فنگرپرنٽ حاصل ٿي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي آساني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، فنگرپرنٽ گڏ ڪري رکڻ جوڪم پهريون ڀيرو 1900ع ۾ ميٽرو پوليٽن پوليس لنڊن جي ايڊورڊ هينري شروع ڪيو هو، سندس مقصد ڏوهن جي روڪٿام ۽ ڏوهارين جي سڃاڻپ هئي، جيڪا هٿرادو طرح سان ڪئي ويندي هئي جنهن ۾ ڪافي مسئلا درپيش ايندا هئا. پر بعد ۾ ڪمپيوٽرائزڊ نظام متعارف ڪرايو ويو جنهن ذريعي فنگرپرنٽ محفوظ ڪرڻ جو ڪم آسان بڻجي ويو آهي. ڪمپيوٽرائيزد نظام ذريعي فنگرپرنٽ اسڪينر ذريعي ڪنهن جا به فنگرپرنٽ ورتا ويندا آهن جيڪي ڪوڊ جي صورت ۾ محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي سيڪنڊن ۾ دستياب هوندا آهن. جڏهن اوهان ڪنهن بائيوميٽرڪ سسٽم ۾ داخل ٿيو ٿا ته سسٽم اوهان جي آڱرن جا مخصوص نشان ڪوڊ ۾ تبديل ڪندو آهي ۽ اهو ڪوڊ نظام ۾ محفوظ ٿي ويندو آهي ۽ وري اوهان ان نظام تحت ڪٿي به پنهنجا فنگرپرنٽ ڏيندا ته اهو نظام به اوهان جي فنگرپرنٽ کي ڪوڊ ۾ تبديل ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪوڊ سان ان جي ڀيٽ ڪري اوهان جي شناخت ڪندو، پاڪستان ۾ قومي سطع تي بائوميٽرڪ جي داخلا جو ڪم نادرا جو ادارو ڪري رهيو آهي. بائيوميٽرڪ نظام دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي جنهن جو ثمر دنيا کي ملي رهيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ جتي دهشتگردي ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪرڻ جهڙا مسئلا ويتر وڌندا پيا وڃن، اهڙي موقعي تي بائيوميٽرڪ نظام ڪافي بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو، دير سان ئي سهي پر هاڻي پاڪستان ۾ بائيوميٽرڪ نظام کي لاڳو ڪرڻ جون سرڪاري سطع تي ڪوششون جاري آهن، جيڪي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ لاڀائتيون ثابت ٿينديون.