سنڌين جي عالمگير سوچ ۽ وچ اوڀر ”امن فارمولا“

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌين جي عالمگير سوچ ۽ وچ اوڀر ”امن فارمولا“​





    ارباب نيڪ محمد

    [​IMG]


    ڊينگاڻ“ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو آبائي ڳوٺ آهي. سنڌ جو هي پهريون بئريسٽر ۽ چاليهارو هزار ايڪڙن جو ”زميندار اعظم“ ڪير هو ۽ هن پنهنجي حياتيءَ کي ڪيئن سجايو بڻايو؟ اهڙا تفصيل يا ته هاشم لغاريءَ جي اڻ ڇپيل انگريزي ڪتاب ۾ درج آهن، يا وري برطانوي ڪتب خانن ۽ انڊيا آفيس لائبريري ٽائيپ ميوزيمز ۾ محفوظ آهن. هفتو ڏيڍ اڳ سندس جنم ڀومي ڏانهن ڪن سرڦرين سفر ڪيو. ”مجنون“ قسم جا اهي مجذوب اتي موشي دايان جي ملڪ جي ڪهاڻي بيان ڪري رهيا هئا. جتي ان رياست جي ڪهاڻي بيان ٿيندي، اتي لامحاله ياسر عرفات واري فلسطين جو ذڪر ِخير اوس ٿيڻو آهي. وچ اوڀر جو امن به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي. جتي اهي سمورا ذڪر ٿيا، اتي ”بادشاهه“ به اهڙي ڊسڪس جو اهم موضوع ضرور هو.

    اسرائيل جي سٺهين سالگرهه وارا جشن يهودي دنيا ۾ هن وقت عام جام هلن ٿا پيا. اسان توهان به تل ابيب ۽ بيت المقدس بابت ڪافي قدر ڄاڻ رکون ٿا، پر اي اهليانِ سنڌ! ڇا اوڻيهه سئو سترهن ۾ ڪي اهڙا مها ڏاها مهراڻ ماٿريءَ ۾ موجود هئا، جن کي لينن جي بالشيوڪ انقلاب کان ويندي اعلان بالفور جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ يهودي رياست اسرائيل جي ابتدائي نڪ نقشي بابت نوانوي فيصد ڄاڻ حاصل هئي؟ جواب ”ها“ کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪو نه! اهڙي عالمگير سوچ واري ”انجمن“ جو اوڻيهه سئو سترهن ۾ جيڪو سنڌي سربراهه هو، ان کي بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي سان دنيا ته سڃاڻي ٿي. غلام محمد ڀرڳڙي اعلان بالفور جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ يهودي رياست کي قبلهءِ اول بيت المقدس سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. ”الامين“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبار به ڀرڳڙي صاحب جاري ڪئي هئي. اسرائيلي احاطي لاءِ. ايڊيٽر مقرر ڪيو هئائين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي. هوڏانهن ساڳين ڏينهن ۾ لنڊن شهر اندر انگريزيءَ جي رائيٽرز جي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي هئائين، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته دنيا ۾ فلسطينين جو وطني ۽ مذهبي مقدمو دليلن سان پيش ڪرڻ لاءِ موثر لٽريچر انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇاپينداسين. خرچ پکو بئريسٽر سنڌي پاڻ تي هموار ڪيو هو. بئريسٽر ڀرڳڙي پارن تڏهوڪن سنڌين، اسلامي ملڪن کي لساني بنيادن تي تقسيم ڪري خلافت عثمانيه جي اڀري سڀري مرڪزيت کي ختم ڪرڻ جون سازشون به تاڙي ورتيون هيون. ”الوحيد“ اخبار جو شروعاتي اجراءُ به انهيءَ جذبي جو مرهون منت هو.

    يهودين جو خيال آهي ته هيڪل سيلماني وارو خطو اسان جي نبين سڳورن جي آمد وارو علائقو آهي. سندن عقيدي مطابق يوم موعود به اتي ئي ٿيندو. پنرملن وارو اهو يهودي عقيدو ڪجهه هن ريت آهي ته، اڳو پوءِ هر يهوديءَ کي اتي موٽي اچڻو آهي، پر علم الانساب جا ماهر لکن ٿا ته، هن وقت جن يهودين جي اسرائيل ۾ پيگهي متل آهي، اهي سدورا اصل ۾ روسي نسل جا ”قوقازي“ (قفقازي پڻ) آهن. اشڪنازي انهيءَ يهودي نسل کي جيتوڻيڪ ”صيهونيت“ جي پڳداري مليل ضرور آهي، پر اهي هيڪل سيليماني واري علائقي ۾ ڪڏهن جنميا ڪو نه هئا، البته جڏهن قوقاز ڏانهن اتر کان يهودين ۽ ڏکڻ کان مسلمانن ڪاهون ڪيون، تڏهن اهي پنهنجو سر بچائڻ لاءِ يهوديت ڏانهن مائل ٿيا. انهن ڏينهن ۾ مسلمانن وٽ يهودين لاءِ سوايو احترام موجود هو. هولوڪاسٽ واري هنگامي ۾ يهودين جيڪو ڇهه لک هم مذهبن جو موت ڏيکاريو آهي، اهڙي انگ کي به آزاد ميڊيا مبالغي جي دائري ۾ داخل ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هٽلر ساڻن جيڪو سلوڪ ڪيو، سو به سربستو ستم هو، البته ڪي سبب اسباب هٽلر جي حق ۾ به هٿ ڪري سگهجن ٿا. يهودي، هٽلري هلاڪت خيزين کي ته وڌائي چڙهائي پيش ڪن ٿا، پر ساڳئي هٽلر، فاشزم جي باني اٽلي واري ميسوليني سان ملي ڪري ”البانيا“ جي مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪيو هو، اهڙي انڌير تي يهودي هميشه چپ رهيا آهن. ارض فلسطين سان البته انهن ٻارنهن قبيلن جي يهودي نسل جو تعلق ضرور رهيو آهي، جن کي سن ستر عيسويءَ ڌاري فلسطين مان لوڌي ڪڍيو ويو هو. اهي رولاڪ راجا شمالي آفريڪا جا وڃي رهائشي ٿيا هئا. صيهونيت جا سر ڌڻي اشڪنازي يهودي آهن، وطن مالوف اٿن، قوقازي روس. سندن ڀيٽ ۾ ”سفار ديم“ شناخت وارا شمالي آفريڪا مان ٿيندا اسپين ۾ پکڙا اڏيندڙ يهودي البته فرزند زمين جي استحقاق جا مستحق ضرور آهن، کين سقوط-غرناطه (1492ع) تائين مسلمانن دل جان سان ميزبانيءَ جا موقعا فراهم ڪيا. غرناطو جڏهن غرق ٿيو، تڏهن اهي ”سفار ديمي“ سدورا يورپ ڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا. صيهونيت واري تحريڪ جو باني سربراهه ”ٿيوڊر هرنزل“ سفار ديمي هو، کيس اشنڪنازي يهودين ان ڪري اڳواڻ بنايو هو. ڇاڪاڻ ته سفار ديمين لاءِ فرزند زمين واري شناخت تسليم شده حقيقت هئي پر اهو ٺهلو ٽريلر هو، فلم جڏهن ظاهر ٿي، تڏهن صيهونيت جي سربراهي وائيز مين حوالي ٿيل هئي. اهو ئي وائيز مين، جيڪو اسرائيل جو پهريون صدر بڻيو. موصوف روسي نسل وارو اشڪنازي يهودي ۽ پناهه گير پڻ هو، وائيز مين ”دنيا جا يهوديو! اسرائيل هليا اچو“، وارو نعرو ائين پئي هنيو، جيئن هتان جي راڄ راڻن ساڳئي سال (1948ع) هوڪا پئي ڏنا ته، ”هندستاني ميانجيو! سمورا سنڌ ڏانهن ڪاهي اچو.“ ڪامريڊن جا تڏهوڪا نعرا به دلچسپ هئا، ”دنيا جا مزدورئو! هڪ ٿي وڃو.“ مزور ڪيتري مقدار ۾ هڪ ٿيا؟ هندستاني ته البته پنجاهه لک کان به وڌيڪ تعداد ۾ ستيتاليهه واري ورهاڱي دوران ٻن ٽن سالن اندر اچي پڊ عيدن واري پرڳڻي ۾ پڌاريا. کين پنڊ دادن خان واري پرڳڻي ڏانهن پنڌ ڪندي گهٽ ڏٺو ويو،

    يهودين وائيز مين اپيلن جي آبياري ڪئي. هن وقت اسرائيل ۾ پنجهتر سيڪڙو يهودي اشڪنازي آهن، جڏهن ته سفار ديم پندرنهن سيڪڙو آهن. لبنان ۾ قائم فلسطينين جا ٻڍا ۽ ٻار صابره ۽ شتيلا ڪئمپن ۾ ڪٺا ويا، پر شيرون کي مغربي ملڪ دهشتگرد تسليم ڪرڻ لاءِ اڄ تيار ناهي ٿي. ظلم مٿان ظلم وري اهو ته، جنرل شيرون جارج بش جيان وٽن”امن جي پيغامبر“ طور مشهور آهي.

    ”سن آف دي سوائل“ جي حوالي سان فلسطينين جا دليل ڪهڙا آهن؟ فلسطيني چون ٿا ته ساڍا چار هزار سال اڳ عربي ٻيٽن تان لڏي جيڪا ڪنعاني قوم فلسطين ۾ اچي آباد ٿي هئي، اسان انهن ئي ڪنعانين جو تخم آهيون. ڪنعاني ڪڙم قبيلا اڳتي هلي مسلمان ٿيا ۽ عربي ٻولي سندن قومي ٻولي بڻجي وئي. (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پاڪستان جي قومي ٻولي عربي کي قرار ڏيندو هو.) فلسطين تي يهودين جي عملي قبضي جي آغاز لاءِ انهيءَ اجلاس کي وڏي اهميت حاصل آهي، جيڪو سوئيٽزرلينڊ جي شهر ”باسل“ ۾ ٿيو هو. فلسطين ۾ زمينون خريد ڪرڻ لاءِ خفيه فنڊ قائم ڪيو ويو. صيهوني تحريڪ کي مغربي دنيا جي مفادن سان به منسلڪ ڪيو ويو.

    جڏهن 1901ع ڌاري صيهونيت جي باني ٿيوڊور هرنزل ترڪي جي بادشاهه سلطان عبدالحميد کي آفر ڪئي ته، جيڪڏهن توهان وارو مغربي دنيا جو مسلمان ملڪ ”انقرهه“ مان اعلان ڪري ته فلسطين يهودين جو ملڪ آهي، ان جي بدلي ۾ اسان ترڪيءَ جا سمورا بين الاقوامي قرض ادا ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهنداسين. قراهسو آفندي اهو نياپو آندو هو، ته سلطان کيس سخت سست چئي ورندڙ ٽپال ۾ نياپو ڏنو ته، سون تي سيڻ ناهن مٽائبا. پوءِ خلافت عثمانيه کي ڪيئن ختم ڪرايو ويو، لارنس آف عريبيا جهڙا جاسوس ۽ گهر جا مير جعفر ۽ مير صادق به هٿ ڪيائون. ”الوحيد“ اخبار به ترڪيءَ واري خلافت کي بچائي ڪو نه سگهي.

    1948ع ۾ يهودي اڌ لک کن هئا. اسرائيل جي نالي سان وطن ٺهڻ (14 مئي 1948) سان ڇهه لک کن يهودين جي پهرين کيپ کي شهريت ڏني هئائون. عربن جون زمينون ضبط ڪري کين ڪاروباري راند واري گرائونڊ مان جبري طور بيدخل ڪري ڇڏيائون. هاڪارو اسڪالر آرٿ ڪوسٽلر لکي ٿو ته، اسي سيڪڙو اسرائيلي يهودي نقلي آهن، صيهونيت پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ کين فڪري يهودي ته ضرور بڻائي ويئي آهي، پر شجرن ۽ نسب نامن مان کين ”يهودي النسل“ ثابت نٿو ڪري سگهجي. هارورڊ يونيورسٽي جو ماهر-معاشيات ٿامس ڪرسٽروفر لکي ٿو ته، آمريڪي بجيٽ جو خفيه خانو اسرائيل لاءِ استعمال ٿيندو آهي. آمريڪا اسرائيل جي استحڪام تي ٽي کرب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي. تازو اسرائيل جي 60 هين سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي صدر بش اسرائيلي پارليامينٽ اڳيان خطاب جو ”شرف“ حاصل ڪرڻ لاءِ بذات خود، بنفس نفيس تشريف فرما ٿيو. سالگرهه تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته، ”آئون تصور جي اکين مان ڏسان پيو ته 2068ع تائين آزاد فلسطيني رياست اسرائيل سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي قائم ٿي ويندي....“ لڳي ٿو ته هن کي نجومين کان اها تاريخ ملي آهي. وڌيڪ سٺ سال انتظار ڪن اهليان فلسطين! ”ڪون جيتا هي تيري زلف ڪي سر هوني تڪ”. سپر پاور ملڪ جو صدر اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي واري 29 نومبر 1947ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن کان ڪيتري پنڌ تي بيٺل آهي؟ ان اجلاس ۾ ارض فلسطين کي يهودين ۽ عربن وچ ۾ ورهايو ويو هو. يهودين جي آبادي ٽيٽيهه سيڪڙو هئي، کين چوونجاهه سيڪڙو ڌرتي الاٽ ڪيائون، جڏهن ته ستهٺ فيصد عربن کي پنجيتاليهه سيڪڙو زمين الاٽ ٿي هئي، هڪ فيصد رقبي واري القدس کي اوپن سٽي باور ڪرايو ويو هو. اڃا سلامتي ڪائونسل جي فيصلن جي مس به مس مس سڪي هئي، ته هوڏانهن اسرائيل جي نالي ستن مهينن اندر ڌار يهودي رياست قائم ڪري عربن تي جبري جنگ مسلط ڪيائون. ستهتر سيڪڙو سرزمين يهودي ڦٻائي ويا، پهرين ڌڪ ۾ اٺ لک فلسطيني رفيوجيز بڻجي ويا. اولهه جا علائقا اردن والاريا، غزه جي پٽيءَ وارو پرڳڻو مصر جي سار سنڀال هيٺ هليو ويو. اقوام متحده اسرائيل کي تسليم ڪندي کيس پابند ڪيو هو ته هو فلسطيني جوڳيئڙن کي واپسي ماڳن ڏانهن موٽڻ جي موڪل ڏيندو. سٺ سال ته ٿي ويا آهن اقوام متحده جي فيصلن کي. اڄ به ياسر عرفات ۽ شيخ احمد ياسين ۽ خالد مشعل جي جماعتن وارن پليٽ فارمن تان ديس حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، گڏيل قومن جو اهو خود مختيار ادارو فلسطيينين کي محرومي ڏئي ويو آهي.

    پي ايل او الفتح ۽ حماس جون ڪوششون پنهنجي جاءِ تي، پر اسرائيل 1967ع واري جنگ ۾ عربن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري آمريڪي ٽيڪر تي رهيل فلسطينين جا پٽ پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه رڳو ايترو، پر هن شام وارا ”جولاني جابلو“ علائقا ۽ مصر جا صحرا ۽ سينا وارا ريگسان به پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيا. هڪ ڪروڙ کن يهودين تي مشتمل خالص ڌرمي خطو آهي اسرائيل، پر هن خطي کي عربن جي سينن تي مڱ ڏرڻ لاءِ آمريڪا سميت سمورا عرب دشمن ادارا تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن، انور السادات کي آمريڪا ڪيمپ ڊيوڊ ۾ گهرائي مصر کي فلسطيني اڪارڊ کان پاسيرو ڪرائي ورتو. 1980ع کان 1988ع تائين آمريڪا عراق ۽ ايران کي ويڙهايو. خليجي رياستن ۽ عربستان جي ٻين ملڪن جا وسيلا هن رخ ۾ خرچ ٿيڻ لڳا ۽ شيخ المشائخ ٽائيپ خانداني بادشاهت کي نون خطرن کان ڊيڄاري کين پي ايل او واري پاسي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو.

    نوي واري ڏهي ۾ سويت يونين به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، جيڪو در پردهه ياسر عرفاتي يونين کي سپورٽ ڪندو هو. اهڙا حالات ڏسي فلسطين ۾ ليليٰ خالد اسٽائيل وارا معرڪا سرد ٿيڻ شروع ٿيا. البته ساڳين ڏينهن ۾ ”انتفاضه“ جي نالي سان حماسي حمايت يافته گروهن ”پلٽ ڪر جهپٽنا اور جهپٽ ڪر پلٽنا“ واريون سرگرميون شروع ڪيون. تاهم اهي گروهه مغربي دنيا طرفان متعارف ڪرايل اصطلاح ”اسلامي انتهاپسندن“ سان تعلق رکندڙ هئا. اهڙن ادارن سان عرب ملڪن به سهڪار گهٽائي ڇڏيو، متان مغربي دنيا جي نظرن ۾ معتوب نه ٿي وڃون. ياسر عرفات به مسلسل محاذ آرائيءَ واري سفر جي ٿڪ لاهڻ لاءِ اوسلو اڪارڊ تي تيار ٿيو. هي معاهدو پي ايل او جي بنيادي منشور کي نئون موڙ ڏيئي ويو. اسرائيل کي هن اڪارڊ ۾ نه صرف تسليم ڪيو ويو پر گڏو گڏ ستهتر فيصد سرزمين تي اسرائيلي اجاري داريءَ تي مهر-تصديق ثبت ڪئي وئي. اوسلو معاهدي کانپوءِ عرب ملڪن مان ڪن رياستن لاءِ اسرائيل سان سفارتي لڳ لاڳاپا قائم ڪرڻ آسان ٿي ويو. حماس جهڙا حريت پسند ئي هاڻ آزاد فلسطين جا آخري اهڃاڻ آهن.

    240 سالن کانپوءِ مائو نواز مڙسن جي محاذ آرائي سان نيپالي بادشاهه شاهي محل خالي ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ بش جي وات ۾ گلاب جا گل... ممڪن آهي ته 2068ع تائين آزاد فلسطيني ملڪ دنيا جي نقشي تي نروار ٿئي ۽ اسرائيلين ۽ سندس آقائن جا 120 سالن جا ناز نخرا بيت المقدس کي خير باد چوڻ ۾ ئي پنهنجو خير سمجهن
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌين جي عالمگير سوچ ۽ وچ اوڀر ”امن فارمولا“

    ادا ممتاز لک لائق اوهان ارباب نيڪ محمد صاحب جن جو هي تاريخي ليک اسان سان شيئر ڪندو
    ادا ان ۾ ڪافي ڳالهيون متضاد به آهن پر ڪافي اهڙيون ڳالهيون به آهن جن سان اسان کي اختلاف به ٿي سگهي ٿو
    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سائين ارباب صاحب تمام سٺا مفڪر ۽ دانشور آهن انهن جي فلسطينين سان همدردي به تمام سٺي اسان جون همدرديون به فلسطين سان آهن
    پر ارض واقع تي ڏٺو وڃي ته خود فلسطيني ڪيترن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن
    سڀ کان وڌيڪ مشهور ٽولا فتح ۽ حماس اڄ صرف ڪرسي لاءِ ٿا وڙهن
    ان کان علاوه جيڪا منافقت اسان فلسطينين ۾ ڏٺي آهي اها ڪنهن ۾ نه آهي
    هو خود پنهنجي وطن سان سچا نه آهن
    هو پاڻ پنهنجي زمين سان غدار آهن
    منهنجي رايي سان ٻين دوستن جو متفق ٿيڻ ضرور نه آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو