• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال/ 04 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پي آءِ اي ملازمن کي نوڪرين کان ڪڍي جيل موڪلينداسون: وزيراعظم (خبر)
* * اوهان کان خير جو ٻيو ڪهڙو ڪم پڄندو؟ (تبصرو)

* جرمن شهري 50 لک روپين جي پگھار تي پي آءِ اي جو سي اِي او مقرر(خبر)
* * نواز شريف به پي آءِ اي کي لُٽ دا مال سمجھي ٿو..(تبصرو)

* ڊيپوٽيشن ختم ڪري، ملازمن کان پگھارون ڀرائي وٺو: سپريم ڪورٽ جو حڪم (خبر)
* * پر ڪرپٽ آصف زرداري انهيءَ حڪم تي نه اڳ عمل ڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻ ڪندو (تبصرو)

* ڪراچي ۽ سکر ۾ مينٽل اسپتالون ٺاهيو: اسيمبلي (خبر)
* *...هڪ مينٽل اسپتال چيف منسٽر س هائوس ۾ به ٺاهيو ته بهتر (تبصرو)

* واپڊا جي نجڪاريءَ خلاف سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ريليون (خبر)
* * سنڌ دشمن اداري واپڊا کي بچائڻ لاءِ رڳو سنڌي ئي رهجي ويا آهن ڇا؟ (تبصرو)

* نئين گاج تي پل نه ٺهي، ڳوٺاڻن جو ڍوري اندر ڌرڻو (خبر)
* * پل ٺاهڻ جو سکڻو بيان کپيوَ ته قائم علي شاهه حاضر آهي (تبصرو)

* ڏيپلو ۾ عورتن جا ڪپڙا پائي، ٻڪريون چورائيندڙ 2 چور گرفتار (خبر)
* * عورتن بڻجڻ جو ايڏو شوق اٿن ته آپريشن ذريعي سندن جنس ئي بدلرايو (تبصرو)

* سنڌڙي ۾ هاري جي ڌيءَ جي زميندار جي پٽ طرفان لڄا لٽ تي 2 هزار روپيا ڏنڊ (خبر)
* * هجي ها ساڳي زميندار جي ڌيءَ ته فيصلو ئي نرالو هجي ها (تبصرو)

* وڏي وزير قائم علي شاهه جي حڪم جي باوجود به، فضيلا سرڪي هٿ نه آئي (خبر)
* * حڪم جاري ڪيو هئائين يا سدائين وانگيان سکڻو اعلان ڪيائين؟ (تبصرو)

* شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي پوڻن 3 ڪروڙن جي کوٽ واري بجيٽ (خبر)
* * ...ڀلا اُتي به ڪو آصف زرداريءَ جو ماڻهو پهچي ويو ڇا؟ (تبصرو)
 
Back
Top