جتي پر ڪپيا وڃن ٿا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    جتي پر ڪپيا وڃن ٿا!

    شفيق شاڪر

    پياري پاڪستان تي هن وقت اهڙن عوامي ۽ جمهوري حڪمرانن جي بادشاهي آهي جنهن ۾ پکين جا پر ڪپيا ويندا آهن اهي پکي جيڪي پنهن جي ساه جي سلسلي کي برقرار رکڻ لاء داڻو پاڻي گھرندا آهن.ڪنهن زماني ۾ ڪنهن بادشاهيء ۾ صرف هڪڙو چرٻٽ راجا هوندو هو پر اسان جنهن نگريء ۾ رهون ٿا اتي چرٻٽن جو پورو فصل تيار ٿيل آهي.مختلف جھنگلن مان ڀانت ڀانت جا گڏ ڪيل چرٻٽ جن کي نه ڪا سياست جي خبر ،نه جمهوريت جي جيم جي ڪا ڄاڻ ۽ نه ئي حڪومت هلائڻ جو ڪو تجربو.مٿي نهار ته اقتدار جي سيج تي ويٺل ڪاروباري سيٺيون،سوچ شاهاڻي،پاليسيون ڪاروباري،رويا آمراڻا،لهجا ڌمڪين آميز ۽ دليون مشيني.انهن جي آسپاس ڏسو ته خوشامدڙين جا ٽولا،عقل ۽ سمجھ کا ن وانجھيل وزير،مٽي مائٽي ۽ ڪاروباري رشتن جي سند تي ڀرتي ٿيل چرٻٽن جي پلٽڻ،تاريخ جي سبقن کان اثر پروف،جمهوريت جي روپ ۾ بدترين آٽوڪريسيء جي هيء وبا توهان کي ايڪويهين صديء ۾دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نظر نه ايندي. جتي انفارميشن جو وزير ئي اڌ چريو هجي جنهن جا بيان ڪنهن باه تي پيٽرول ڇڙڪيندا هجن ان معاشري ۾ ڪهڙي سهپ ۽ ڪهڙي برداشت! ڪٿان صبر اچي ۽ ڪٿي تحمل تلاش ڪجي.اهي پنهن جن شهرين تي ئي شير هوندا آهن، انهن جي ناياب ذهنن ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ته اهو فيصلو اڻ مٽ آهي جيڪو به ان فيصلي سان اختلاف ڪندو يا ان جي خلاف آئيني آواز بلند ڪندو ان جا هميشه لاء پر ڪٽيا ويندا جو هن ملڪ ۾ رهڻ لاء رياست سان وفاداريء کان وڌيڪ بادشاهن سان وفاداري گھربل آهي.جنهن ملڪ جو وزيراعظم جيڪو عوام جي جان ۽ُ مال جي حفاظت جو قسم کائي سندس حڪومت طرفان قتل ڪيل ٽن بي گناه انسانن تي تعزيت جا ٻه لفظ چوڻ بدران انهن درد ۾ ڦاٿل ملازمن کي اڃا ٻه سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هجي ته عوام ڪنهن کان منصفي گھري ۽ ڪنهن کان رحم طلب ڪري.جتي ان واقعي عوامي ڀلائيء جا گيت ڳائيندڙ انهن نام نهاد جمهوري حڪمرانن جي وحشي نفسيات کي وائکو ڪيو آهي اتي اهو سوال به اهم بڻجي ويو آهي ته آخر موجوده حڪمرانن کي قومي ادارا وڪڻڻ جي لاء ايتري تڪڙ ڇو آهي جوپراسرار نموني آرڊيننس جاري ڪياوڃن ٿا ۽ غيرجمهوري انداز ۾ بل پاس ڪيا وڃن ٿا.انهنجو هڪ آئيني عوامي احتجاج تي حد کان وڌيل غصوڪا ڪهاڻي ضرور پنهن جي اندر رکي ٿو.انهن نااهلن ملڪ جي معيشت جي ٻيڙي جيڪا پاڻ ٻوڙي آهي انهيء لاء به ته ڪا سزا تجويز ڪن.ايندڙ ڪجھ مهينن ۾ پاڪستان تي غيرملڪي قرضن جو بار هڪ سو ارب ڊالرن جي خطرناڪ حد اورانگھي ويندو ۽ هر نئون ڄمندڙ ٻار اٽڪل ڏيڍ لک روپين جو قرضي هوندو. اها آهي معاشي خوشحالي جنهن جا گيت ڳايا پيا وڃن.مڃيوسين ته پي آئي اي روزانو ڏه ڪروڙ روپين جو نقصان ڪري رهي آهي پر روزانو ساڍن ڇهن ڪروڙ روپين جو نقصان ته اوهان جي خوبصورت جھنگلا بس سروس به ڪري رهي آهي ۽ روزانو پنجن ڪروڙ روپين جو نقصان اوهان جي اورينج ٽرين ڪري رهي آهي. پوء توهان اهي قومي خساري واريون اسڪيمون شروع ڪرڻ تي ڇوسندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ ان ڪري جو انهن منصوبن مان اوهان کي ڳريون ڪميشنون ملي رهيون آهن. اوهان قرضن مٿان قرض وصول ڪري رهيا آهيو. ملڪي بينڪن کي خالي ڪرڻ کان پوء آئي ايم ايف جي اڳيان جھوليون پکيڙيو بيٺا آهيو. ماڻهن سان بار بار ڪوڙ ڳالهائڻ بدران اهو صاف صاف ڇو نٿا ٻڌايو ته آئي ايم ايف قرض جي قسط ڏيڻ جي لاء جيڪي ظالماڻا شرط رکيا آهن انهن ۾ اهو شرط سرفهرست آهي ته اهم قومي ادارا هڪ هڪ ڪري نيلام ڪيا ويندا ۽ اوهان جيئن جو تيئن عوامي مشوري کان سواء اهي شرط مڃي ورتا آهن. انهن ادارن کي توهان يقين ڏياريو آهي ته عوام مان جيڪو به ان معاملي تي چين چين ڪندو انهيء جا پر ڪٽيا ويندا، جيڪو احتجاج ڪندو تنهن کي جيل موڪليو ويندو ۽ جيڪو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندو ان جي نوڪري تيل ڪئي ويندي. پنهن جي ئي عوام سان سياسي طور تي نبرڻ جي بدران 1952ع جو سروسز وارو آمراڻو ايڪٽ نافذ ڪري جيڪڏهن اڃا به پاڻ کي جمهوري حڪمران سڏايو ٿا ته پوء اهڙي دوکي جي ديوار کي ٻيوڇا چئجي؟ ڇا جمهوري حڪومتن ۾ ايئن ٿيندو آهي جو پنهن جا حق گھرڻ عيوض انهن جا پر ڪٽيا ويندا آهن! انهن تي لٺيون ۽ گوليون وسايون وينديون آهن. جيڪر اڄ انهن بيوس ملازمن جو احتجاج غيرقانوني آهي ته پوء ماضي ء ۾ڪيل خود اوهان جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کي ڪهڙو نالو ڏنووڃي. جيڪر اڄ انهن احتجاجن جي پويان توهان کي صرف سياست نظر اچي ٿي ته پوء ماضيء ۾ ڪيل اوهان جي سمورن احتجاجن جي پويان لکيل ڪنهن جو اسڪرپٽ هو؟جيڪر هر معاملو صرف طاقت سان حل ڪرڻو آهي ته پوء سياست جو فن ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ پنهن جن ذاتي مفادن جي لاء قدم قدم تي مفاهمت جي ديويء جا پير چمندڙ هنن نام نهاد عوامي حڪمرانن کي پنهن جي عوام سان مفاهمت جو رستو اختيار ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڪهڙو شرم محسوس ٿئي ٿو .پر ڪپڻ جي شوق ۾ جڪڙيل جنونين کي اهو به ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ڪڏهن ڪڏهن پر ڪپڻ جي بي رحم راند ۾ ڪپڻ واري جا پنهن جا هٿ به ڪپجي ويندا آهن!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو