قومي ايڪشن پلان تي عمل به قومي سطح تي ٿيڻ کپي ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ٻين انيڪ مسئلن جو بنياد ته ضياءَ جي مارشل لائي دورکان شروع ٿئي ٿو جيڪو اڃا تائين نه کٽندڙ سلسلو جار ۽ ساري آهي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ امن امان جي خراب صورتحال پيدا ڪري مذهبي فرقيواريت ۽ لساني بنيادن تي افرا تفري وارو ماحول پيدا ڪري وڙهو، ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي ٿيوري تي عمل ڪيو ويو، ملڪ ۾ غير قانوني موت مار هٿيارن جي آمد رفت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو، سرڪاري سطح تي ان جي روڪ ٿام لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، ائين آهستي آهستي دهشتگرد پنهنجا پير پختا ڪندا رهيا ۽ ملڪ ۾ دهشت ۽ وهشيت جي راڪاس پوري معاشري کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، مذهبي جنونيت پوري طاقت سان سڄي ملڪ اندر پنهنجا قدم ڄمايا، اسلامي پرچار جي نالي تي دنيا جهان مان فنڊنگ انهن جي ڳجهن اڪائونٽن تائين بنا روڪ ٽوڪ جي پهچندي رهي، انهن فنڊن مان هڪ پاسي فرقيواريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ ٻئي خلاف چڙ ڏياريندڙ لٽريچر تيار ڪري عام ماڻهن جي ذهنن کي واش ڪندي گهڻي قدر ننڍي عمر جي نوجوانن کي خودڪش حملن لاءِ اڳسايو ويندو رهيو ته ٻئي پاسي موت مار هٿيار ۽ بارود خريد ڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي زندگي کي اجيرن بڻايو ويو پر رياست جي ڪنهن به ذميوار ان تي ڌيان نه ڏنو ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي يا اڳتي هلي ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اهڙي طرح ڏسندي ڏسندي پوري ملڪ ۾مختلف نالن سان سوين جهادي تنظيمون وجود ۾ اچي ويون جن پنهنجا الڳ الڳ ٺڪاڻا قائم ڪري ورتا، پنجاب جي مڙني شهرن کان وٺي خيبر پختون خوا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن فاٽا سوات سان گڏ بلوچستان ۽ سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي تائين پنهنجون پاڙون ڦيلائي ڇڏيون، پر بدقسمتي سان ضياءَ جي پوئلڳن سياسي پارٽين جو سهارو وٺي سياسيت جي آڙ ۾ انهن مذهبي جنون ۾ سرشار گروپن ۽ جهادي تنظيمن کي سياسي ۽ مالي مدد فراهم ڪندا رهيا، بدلي ۾ اهي تنظيمون ۽ ويڙهاڪ گروپ عام چونڊن ۾انهن سياسي پارٽين جا مددگار رهيا ۽ وڏي پيماني تي انهن کي چونڊون کٽرائڻ ۾ پيش پيش رهيا آهن. اهڙي طرح انهن سياسي پارٽين ۽ مذهبي تنظيمن جو پاڻ ۾ مظبوط ڳٺ جوڙ رهيو جيڪو تاريخ جو حصو آهي. مسلم ليگ نواز مذڪوره تنظيمن جي مدد سان پوري پنجاب ۾ پنهنجا سياسي پير ڄمايا، هاڻي صورتحال اها ٿي وئي آهي ته پ پ جهڙي لبرل پارٽي کي اتي تمام گهڻيون ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، پ پ وارن جو چوڻ آهي ته انهن کي پنجاب ۾ ليول پلين (سياست ڪرڻ لاءِ خالي ميدان) نه ملي رهيو آهي، سلمان تاثير جي پٽ جو اغوا ۽ وري ان جو ڏس پتو افغانستان مان پوندو هجي يا 2013 جي عام چونڊن دوران سابق وزيراعظم جي پٽ جو اغوا ٿي ان جي به افغانستان ۾ موجودگي جو اطلاع ثابت ٿو ڪري ته پ پ درست پئي چوي. جڏهن انهن دهشتگردن جا هٿ انهن ڏرين جي ڳچين تائين پهتا ته وزيراعلي پنجاب دانهن ڪري چوي ٿو ته اسان جي صوبي ۾ ڇوٿا ڪاروايون ڪيو اسان ته توهان جا سدائين حامي رهيا آهيون، ان بيان پوري ملڪ ۾ ٻائيتال مچائي ڇڏيو ۽ مسلم ليگ ن وضاحتون پيش ڪندي موقف کي ٻئي پاسي گهمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو بيان رڪارڊ تان نه هٽي سگهيو.جڏهن دهشتگردن جون ڪاروايون وڌنديون رهيون، آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تي خود ڪش ڌماڪا ٿيندا رهيا ۽ بيگناهه ماڻهون شهيد ٿيندا رهيا جنهن ۾ عام ماڻهون کان وٺي فوجي جوان به شامل هئا. ميڊيا جي پريشر سبب ملڪ مان عوامي سطح تي هرهنڌان آواز بلند ٿيندا رهيا ته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪيو وڃي، مسلم ليگ ن جنهن جي هن وقت پنجاب ۾ صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت به آهي ان جو موقف ۽ پي ٽي آئي سربراهه عمران خان جو موقف هو ته ويڙهاڪ تنظيمن سان ڳالهيون ڪري ملڪ ۾ امن قائم ڪرائي سگهجي ٿو جڏهن ته پ پ جو موقف نرالو هو ته جيسيتائين انهن ويڙهاڪ گروپن سان جنگ نه ٿيندي تيسيتائين انهن جو خاتمو ۽ ملڪ ۾ امن نه ٿيندو، پر تنهن هوندي به اهي ٻئي پارٽيون پنهنجي ضد تي اڙيون بيٺيون رهيون ۽ انهن ويڙهاڪ گروپن سان ڳالهين لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي ورتي، هڪ پاسي ڳالهيون جاري هيون ته ٻئي پاسي ملڪ ۾خود ڪش حملا ٿيندا رهيا، سوين جانيون ضايعه ٿينديون رهيون پر پوءِ به ٻنهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ڇا ڪجي، ايتري قدر پنجاب جي حڪومت ۽ طالبانن ۾ ڳجها رابطا قائم رهيا ابتدائي مذاڪرات ان نڪتي تي ٿيا هئا ته پنجاب ۾ ڪاروايون نه ڪيون وڃن.حڪمران طبقي ۽ ان جي اهل خانن کي نه ڇيڙيو وڃي، طالبانن کي بدلي ۾ ڪجهه رعايتون به ڏنيون ويون ۽ وڌيڪ ڏيڻ جا واعدا به ڪيا ويا هئا. جيڪا ڳالهه آءُ مٿي ڪري آيو آهيان ته انهن ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جي نيت ئي ڪان هئي ته انهن دهشتگردن جو خاتمو ڪجي ڇو ته انهن کي سور سجهن پيا ته جيڪڏهن انهن ويڙهاڪ گروپن جو خاتمو ٿي ويو ته پوءِ ايندڙ چوندن ۾ انهن جو کٽي اچڻ مشڪل ٿي پوندو، تنهن هوندي به ڳالهيون جاري هيون ۽ ڪنهن خاص نتيجي تي ڪون پهتيون ته آرمي پبلڪ اسڪول جو واقعو ٿي ويو، سوين معصوم ٻارڙا شهيد ڪيا ويا، سياسي پارٽيون پوءِ به ڪنهن فيصلي تي نه پهتيون ته هاڻي ڇا ڪجي، پر ڀلو ٿئي جنرل راحيل شريف جو جنهن ضرب عضب جي نالي سان فوجي ايڪشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، فوج انهن دهشتگرن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ اهو عزم ورجايو ته جيسيتائين هڪ به دهشتگرد زنده هوندو انهن خلاف فوجي ڪاروائي جاري رهندي، وفاقي حڪومت ڏٺو ته فوج پنهنجون ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو هرحال ۾ انهن جو خاتمو ٿا چاهن آخر ٽن ڏينهن کان پوءِ قومي اسمبلي فلور تان حڪومتي پاليسي جاري ڪندي چيو ته دهشتگردن خلاف ڪاروائي جاري ڪئي وئي آهي هاڻي انهن جي خاتمي تائين جاري رهندي، پاڪ فوج جي ڪاروائين مان ملڪ ۾ بهتر نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي نظر آئي ان کان پوءِ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان قومي ايڪشن پلان جو منصوبو جڙيو ويو، قومي ايڪشن پلان جي منظوري کان پوءِ پوري ملڪ لاءِ هڪجهڙي پاليسي جوڙي وئي، پوري ملڪ جيان ڪراچي جون به حالتون خراب کان خراب تر هيون ان تي به سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندي ڪراچي آپريشن جي منظوري ڏني وئي، ڪراچي ۾ موجود رينجرس کي مخصوص اختيارات ڏنا ويا جنهن جي مدد سان پوري ڪراچي اندر بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ زباني فرق جي مذهبي ۽ سياسي دهشتگردن، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف ڪاروايون سروع ڪيون ويون جنهن جي مدد سان پوري ڪراچي اندر امن امان قائم ڪيو، نتيجا بهتر اچڻ شروع ٿي ويا ته ان ۾ به وفاق طرفان سياسي مداخلت جو هڪ عنصر پيدا ڪيو ويو، ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کان پوءِ ڪراچي آپريشن تي برا اثر پوڻ لڳا ۽ ان کي متنازع (Controversial) بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جي عوام پاران آواز بلند ٿيندو رهيو ته ڊاڪٽر عاصم انهن لا اهم ناهي پر ڪراچي آپريشن اهم آهي. هن وقت پوري ملڪ مان آواز بلند پيا ٿين ته آپريشن ضرب عضب قومي پلان آهي ان کي قومي سطح تي آڻي پري ملڪ اندر هڪجهڙيون ڪاروايون جاري رکيون وڃن. ميڊيا جي پريشر ۽ لبرل پارٽين طرفان زور ڀرڻ تي هاڻي پنجاب جي حڪومت پنجاب جي صرف 17 شهرن ۾ آپريشن جي منظوري ڏيڻ تي راضي ٿي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان تي ڪيتري قدر عمل ٿئي ٿو ان لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. نوٽ؛ هي آرتٽيڪل روزاني جيجل 31 جنوري 2016 تي ڇپيل آهي محمد عيسيٰ ڀٽو