عورتن سان ڏاڍ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڏٺو ويو آھي ته مرد پنھنجي ڪاوڙ اڪٽر عورتن تي ڇو ڪڍندا آھن؟ پو۽ سبب کڻي ڪھڙو به ھجي ؟ اگر ٻاھر ان جي ڪنھن مرد سان به اڻبڻت ٿيندي تڏھن به گھر اچي ڪاوڙ عورت تي ڪڍندو ، چاھي اُھا ڌُي ھجي، زال ھجي، ماءُ ھجي، يا ڀيڻ ، مرد جي ھر حقي توڙي ناحقي ڪاوڙ جو شڪار به
    [​IMG]

    عورت ٿيندي آھي، ۽ معمولي کان معمولي ڳالھ ڪاوڙ ۾ اچي ڪنھن وڏي نقصان کي جنم ڏيندي آھي. ٿي سگھي مان غلط ھجان پر اسان جي معاشري ۾ عورتن سان ڏاڍ، بدسلوڪي، تشدد، ۽ موت جھڙن واقعن جو بنيادي ڪارڻ ڪاوڙ آھي.روين جو بنياد سماجي اڻ برابري تي آهي، سماجي اڻ برابري جو بنياد جاهلانه روين سوچ ءِ رسمن تي آهي، جيڪي سماج جي هڪڙي لڳاتار عمل مان ٺهيا آهن، غلام رويا ءِ سوچ غلامي جي توقع ڪندا؟ اهو تسلسل هزارين سالن جو آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ته سماجي نظام جو عورت مرد جي فرق کان سواءِ ءِ پڻ مذهبي عقيدن کان مٿاهون برابري جي بنياد تي قانون ءِ انصاف تي بيٺل هئڻ ضروري آهي، ٻيو سڄو سماج تعليم يافته هئڻ گھرجي، ٽيون زندگي جا سمورا موقعا برابري جي بنياد تي مهيا ڪيا وڃن، چوٿون سماجي قانون جي اڳيان سمورا ماڻهو هڪ جهڙا پابند ءِ ذميوار هجن، پنجون شادي کان وٺي زندگي جي هر عمل لاءِ قانون مقرر هئڻ لازمي آهي ڇهون جئين سمورن دنيا جي سمورن ملڪن ۾ قانون آهي ته 18 سالن جو ٻار سرڪار جي ملڪيت هوندو آهي، ان جي سنڀال پروش ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ جي ذميوار سرڪار هوندي آهي، اهو ٻار جي مائٽن سان گڏ ٿو رهي ته به ڪو مسئلو ناهي، پر ان جي شڪايت تي فورن سرڪاري ادارا نوٽيس وٺندا، ائين سماج جي سمورن ماڻهن جا حق طئي ٿيل آهن انهن کي ڪراس ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي هوندو، ان کان پوءِ به گھٽ وڌايون ٿينديون پر تمام گھٽ، اهڙو سماج جيستائين اسان وٽ ٺهي تيستائين اسان لاءِ ٽي ڳالهيون ضروري آهن هڪ ته ٻارن جي تعليم ڇوڪري ڇوڪرئ جي فرق کان سواءِ لازمي بنايون، ٻيو اهڙي سماجي حقن لاءِ گڏيل يا الڳ الڳ جدوجهد ڪريون، ٽيو گھرن ۾ يا ٻاهر پنهنجا رويا نسبتن برابري وارا ٺاهيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو