سنڌ صوبي ۽ وفاق جي جهيڙي پٺيان ڪهڙومقصد ٿي سگهي ٿو؟.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسي ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2016۔

  1. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ملڪ ۾ ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان جڙڻ کان پوءِ خاص ڪري ڪراچي ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ۽ ٻين پارٽين جي متفق راءِ سان آپريشن انتهائي خوش اصلوبي سان هلي رهيو هو جنهن جا بهترين نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا، رينجرس ۽ پوليس جي مشترڪه ڪاروين سبب ڏينهون ڏينهن ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ لڳي، نه بلڪه ڪراچي جي صورتحال بهتر ٿيڻ لڳي پر ان جا اثرات سنڌ جي ٻين ضلعن تائين به پوڻ لڳا ان نتيجي ۾ سڄي سنڌ اندر هن وقت امن امان قائم ٿيو آهي، اهڙي نتيجن ملڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي پئي ۽ عوام ۾ جيئڻ جو هڪ نئون حوصلو پڻ پيدا ٿي پيو، هر پاسي کان رينجرس ۽ پوليس جي مشترڪه ڪارواين کي ساراهيو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار به ڪيو پئي ويو پر اچانڪ هڪ اهڙو موڙ آيو جنهن سڄي قومي ايڪشن پلان کي متنازعه بڻائي ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري فوج کي چئلنج ڪندي تنبيهه ڪئي ته انهن خلاف ڪاروايون نه ڪيون وڃن ۽ نه انهن کي تنگ ڪيو وڃي اهڙي متنازعه بيان اچڻ کان پوءِ معاملا بگڙڻ لڳا، آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي درميان گزريل ٻن سالن کان پيدا ٿيندڙ ورڪنگ رليشن شپ پڻ خطري ۾ پئجي وئي، پ پ کي فرينڊلي آپوزيشن وارا تعنا به ملندا رهيا جنهن کي پي ٽي آئي جو اڳواڻ عمران خان مڪ مڪا جو نالو ڏئي رهيو هيو جنهن جي تصديق ڪالهه چودري نثار پريس ڪانفرنس دوران ڪئي ۽ الزام مڙهيو ته اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه فرينڊلي اپوزيشن جي بدلي ۾ حڪومت وقت کان تمام گهڻيون مراعاتون حاصل ڪندو رهيو آهي جنهن جي ترديد سيد خورشيد شاهه ته ڪري ڇڏي پر چودري صاحب وفاقي حڪومت لاءِ نوان سوال پيدا ڪري ڇڏيا جنهن جو جواب نه حڪومت وٽ آهي نه اپوزيشن وٽ. حقيقت ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي درميان معاملا ان ڏينهن کان خراب ٿيڻ لڳا جڏهن آصف علي زرداري فوج خلاف بيان ڏنو ان کان پوءِ وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ته نوازشريف آصف علي زرداري سان شام ان جي رهائش گاهه تي ملاقات ڪري ان جا خدشا ختم ڪندو، پر ٿوري دير کاڻ پوءِ يوٽرن ورتو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي درميان رٿيل ملاقات کي روڪيو ويو، آصف علي زرداري هڪ هفتو انتظار ڪندو رهيو پر نوازشريف پاران ڪنهن به قسم جي رابطي جو اشارو نه ڏنو ويو ۽ آخر مايوس ٿي آصف علي زرداري ٻاهرئين ملڪ روانو ٿي ويو جيڪو اڃا تائين اتي ئي ترسيل آهي ان ڏينهن کان پوءِ ٻنهي پارٽين ۽ انهن اڳواڻن جي درميان ڪشيدگي وڌندي رهي ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جيڪو ڪالهه به چودري نثار جي پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزامن سان ختم نه ٿي سگهيو ۽ مٿان وري پ پ اڳواڻن به وفاقي وزير کي پري ذريعي ٺاهوڪو جواب ڏنو، ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن جي ڪهاوت جيان هڪ ٻئي پٺيان پريس ڪانفرنسون ڪري الزامن جا امبار لڳائي هڪ ٻئي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ۽ پوري قوم انهن جو تماشو ڏسي رهي آهي، تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هڪ ذميوار وفاقي وزير داخلا جنهن جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾ امن امان قائم رهي ۽ سڀني پارٽين ۽ صوبن کي گڏ کڻي هلڻ جو پيغام ڏئي ته جيئن سمورا معاملا بهتر نموسني سان حل ٿي سگهن جنهن ۾ پوري قوم جو ڀلو ٿئي پر هو پاڻ اهڙا حالات پيدا ڪري ملڪ اندر ٻائتال مچائي رهيو آهي، بجاءِ هو نواز حڪومت لاءِ آسانيون پيدا ڪري پر بدقسمتي سان نوازشريف لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي جنهن مان لڳي ٿي ته هو ڪنهن ٻي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن کان اڳ به نوازشريف کي ڪافي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو هو جڏهن اسمبلي فلور تي هن جي لڙائي اپوزيشن جي اڳواڻن چودري اعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه سان ٿي هئي جنهن تي پاڻ نوازشريف انهن سان معزرت ڪئي جيڪا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته چودري نثار جو وير ڪاريهر نانگ کان به خطرناڪ هوندو آهي، هو جنهن انداز سان وڙهندو آهي مخالف ان جي وار کي آساني سان سمجهي سگهن ٿا، اسمبلي فلور تي چودري اعتزاز احسن سان جهڳڙي جو بدلو ان جي رائٽ هينڊ مين پ پ پنجاب جي اڳوڻي صدر قاسم ضياءَ کي ڪرپشن ڪيس ۾ اندر ڪرائي اهو پيغام ڏئي ڇڏيائين ته هو ڪيترو طاقتور آهي پ پ اڳواڻ قاسم ضيا هن وقت ضمانت تي آزاد آهي پر آساني سان جان ڇٽڻ واري ناهي. آصف زرداري کان پلاند ڪرڻ لاءِ ان جي رائيٽ هينڊ مين ڊاڪٽر آصم کي گرفتار ڪرائي اهو ثابت ڪيو ته هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر عاصم پنج مهينا گذرڻ باوجود رمانڊ تي آهي جنهن کي اڃان تائين عدالت ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي.

    هن وقت ملڪ جي انتهائي ڳمڀير صورتحال بڻيل آهي ان لاءِ ضروري هيو ته سڀئي سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي هن دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کي مدد فراهم ڪن پر چودري نثار ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، هر ڀيري هن جي پريس ڪانفرنس ڪنهن ظهريلي لفظن کان گهٽ ناهي هوندي، پوءِ مخالفن پاران ان کي جواب به اهڙي نموني سان ڏنو وڃي ٿو جيڪو ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ بهتر ناهي، وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوٽا جي ڪهاوت جيان ٻن وڏن جي ويڙهه ۾ پسجي غريب عوام ٿو ۽ هڪ ٻئي خلاف نفرتون وڌيڪ سگهاريون بڻجي وڃن ٿيون، سڄاڻ ڌرين ۽ دانشورن جو چوڻ آهي ته ڪالهه جيڪا ٻولي چودري نثار ڳالهائي هئي اها ن ليگ يا نوازشريف حڪومت جي پاليسي نه هئي پر هو ڪنهن ٻئي جي ترجماني ڪري رهيو هيو، ائين پئي لڳو ڄڻ هٿ وٺي نوازشريف جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سهي سمبري اهڙي قسم جي ٻولي ڳالهائي پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا وفاقي وزير جي حيثيت ۾ ان کي سوهين نه پئي. هاڻي ان ٿيوري پٺيان ڪهڙا مقصد ٿي سگن ٿا جيڪي چودري نثار حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اهو به اپوزيشن جي مين پارٽين جي اڳواڻن جي جهيڙي سان اها ته ان کي خبر هوندي پر نوازشريف کي اهو نٿو سونهين ته هو ان کي ڊگهو رسو ڏئي ڇڏي ته جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪر جنهن سان وڙهڻو اٿئي وڃي وڙهه ِ يا جنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻو ٿئي وڃي ڪر پوءِ جيڪو ٿيو سو منهن ڏيندا سين، 90 جي ڏهاڪي ۾ به اهڙي قسم جي سياست ڪري ڏٺي وئي پر پوءِ ڇا ٿيو جو ڪري ڪير ڀري ڪير جي ڪهاوت جيان نوازشريف جيل ۾ هيو ۽ چودري نثار ڪنهن محل اندر اي سي ۾ ننڊون پئي ڪيون.

    هڪ پاسي دهشتگردن جون ڪاروايون جاري آهن جنهن ڪري آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن هنڌ وارڌات ڪري وڃن ٿا ۽ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي سياستدانن جي پاڻ ۾ لڙائي جاري آهي، سدائين هڪ ٻئي کي هيٺاهون ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ نت نئين قسم جي الزامن جي ڊگهي لسٽ کڻي اچي پريس آڏو پنهنجو پاڻ کي سچو ۽ بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اهو نٿا سمجهن ته هنڌ اتي سڙي جاٿي باهه ٻري، جن جا معصوم ۽ نوجوان ٻچا اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وڃن ۽ واپسي ۾ انهن کي صرف لاش ملندا هجن ته انهن جي دلين تان ڇا گزرندو هوندو، اها اک آلي ناهي هوندي جنهن رنو نه هوندو پر اسان جي سياستدانن جي جسم ۾ دل نه پر پٿر پيل آهن، اها ذميواري وفاقي حڪومت جي جڙي ٿي ته انهن خون خوار دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوت سان قوم کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري انهن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پر هو صوبن مٿان ذميواري مڙهي رهيا آهن ته صوبا پنهنجي ذميواري پوري نٿا ڪن، هڪ پاسي چيو وڃي ٿو ته امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومتن جي آهي ته پوءِ صوبائي حڪومتن جي ڪمن ۾ مداخلت ڇوٿي ڪئي وڃي ۽ مٿان کان آرڊر جاري ڪيا ٿا وڃن ته سمورا اختيار صوبائي حڪومت جا نه پر وفاقي حڪومت جا هلندا. اهڙي قسم جي روش وفاق ۽ صوبن جي درميان اختلافن کي ڪٿي آڻي بيهاريندي ان جو احساس ته خود وفاقي حڪومت کي ئي ڪرڻو پوندو نه ته وفاق ۽ صوبن جي درميان جاري لڙائي واري لڳايل باهه گهٽجڻ بدران وڌندي ويندي ۽ سڀني کي رک ڪري ڇڏيندي جيڪا سموري ذميواري وزيراعظم نواز شريف تي هوندي ته هو اهڙن جهيڙاڪار وزيرن جو بلو ڪري جيڪي حڪومت جي مسئلن کي گهٽائڻ بدران وڌائي رهيا آهن. meb_110@yahoo.com

    نوٽ ؛ هي مضمون ٻه ڏينهن اڳ روزاني عوامي آواز ۾ ڇپجي چڪو آهي
     
  2. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    واھ واھ غضب جی تخلیق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو