آهن ۾ اثر ڪونهي پرچايان پرين ڪيئن مان دانهن ۾ اثر ڪونهي سرچايان پرين ڪيئن مان مون ماڻهو مُڪا ڪيئي، سرچائي سڄڻ ڏيو ميڙن ۾ اثر ڪونهي، پرچايان پرين ڪيئن مان. وجهي ڳارو؟؟ ڳچيءَ ۾ ويس ۽ پيرين اگهاڙين منٿن ۾ اثر ڪونهي، پرچايان پرين ڪيئن مان. شاعري مون شروع ڪئي ۽ ڳائڻ به ”علي گل“ راڳن ۾ اثر ڪونهي، پرچايان پرين ڪيئن مان. ******** شاعري: علي گل سانگي آواز: منظور سخيراڻي، فيسبوڪ تي: https://www.facebook.com/video.php?v=1570775036543320 سائونڊ ڪلائوڊ تي: https://soundcloud.com/sajjad224/aahun-mien-asar-konhe