• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صرف هڪ اپليڪيشن ڊليٽ ڪري ائنڊروئيد فون جي بئٽري %20 سيڪڙو بهتر ٿي سگهي ٿي

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
ڪجھ ڪم واريون اپليڪيشن بناشڪ جي تمام ذرائع استمعال ڪنديون آهن،جيڪڏهن توهان پنهنجي ائنڊروئيد فون تان هڪ اپليڪيشن ڊليٽ ڪندو ته بئٽري ٽائمنگ بهتر ٿي ويندي.نه صرف بئٽري پر توهان جي فون جي رفتار ۾ ٿوري گهڻو اضافو ڪندي.

24448987419_80eba660b0_o.jpg

جيڪڏهن مان توهان کي چوان ته فيسبوڪ کي ڊليٽ ڪريو ته غلط نه ٿيندو،ڇو جو فيسبوڪ ئي فون جي بئٽري کي تمام گهڻو چونسيندو آهي.
تمام گهڻن ئي ماڻهن فيسبوڪ کي ڊليٽ ڪري راءِ ڏني آهي ته اپليڪيشن کي ڊليٽ ڪرڻ کان پوءِ فون جي بئٽري ٽائمنگ ۾ 20 سيڪڙو بهتر ٿئي ٿي ۽ فون جي رفتار ۾ به خاطر خواه اضافو پڻ ٿئي ٿو.
ٻي خوشخبري ته فيسبوڪ ميسينجر جو استعمال بئٽري ٽائمنگ ۾ فضول خرچ نه ٿو ڪري،جيڪڏهن توهان فيسبوڪ ميسينجر کي رکي ڪري فيسبوڪ اپليڪيشن کي ڊليٽ ڪري فيسبوڪ ڪروم برائوزر يا ٻي ڪنهن ۾ هلائي سگهجي ٿا.هن عمل سان توهان جي بئٽري ٽائمنگ ۾ اضافو ٿيندو.
 
ادا فاروق روٽ ڪرڻ جو صحيح طريقو ڪھڙو آھي؟
ڪجھ وضاحت ٿي وڃي.
مھرباني
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين اهو ته ناممڪن آهي ڪو فيس بڪ کان سواء ڪو رهي سگهي ٿو هن دور ۾. ٻيو ڪو طريقو ٻڌايو
مون فاروق جي هن موضوع کان پوءِ ايپليڪيشن ڊليٽ ڪئي. هاڻي برائوزر تي فيسبوڪ استعمال ڪندو آهيان. ۽ سچ ۾ بيٽريءَ جي بچت ٿئي پئي.
 
Back
Top