ستون ڪراچي ادبي ميلو شروع

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2016۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ستون ڪراچي ادبي ميلو شروع

    مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ڪراچي ۾ امن جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ادبي ميلي ثابت ڪيو آهي ته شاعر، ليکڪ ۽ ڪتاب دهشتگردن کان وڌيڪ طاقتور آهن، پرويز هودٻائي چيو آهي ته روشن خيالي سان انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۾ ئي پاڪستان ۽ ڀارت جي نجات آهي. ڪراچي ادبي ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحال ٿي ويو آهي هي شهر دنيا جو عظيم شهر ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ڪائونسل جنرل برائن هيٿ چيو ته ھي ادبي ميلو ڪراچي شھر جي هڪ اھم تقريب آھي جنھن جو ماڻھن کي انتظار رھي ٿو. هن چيو ته 160 ملين ڊالرن سان ھلندڙ پاڪستان ريڊنگ پروگرام ملڪ جي ڏھ لک ٻارن ۾ پڙھائڻ جي صلاحيت ۾ اضافو آڻيندو. سنڌ صوبي ۾ ھلندڙ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام 155 ملين ڊالرس جي ماليت جو آھي جنھن جو مقصد سنڌ جي ستن ضلعن سميت ڪراچي جي پنج علائقن ۾ پرائمري کان ويندي مڊل ۽ ھاءِ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۾ اضافو ڪرڻ شامل آھي. فرانس جي قونصل جنرل آندري ڊپيوسي چيو ته ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو آيو آهيان هن شهر ۽ ان جي موسم مون کي متاثر ڪيو آهي، ايندڙ سال فرينچ ڪتاب تي ايوارڊ ڏنا ويندا، هتي ادب کي اهميت ملي ٿي جنهن جو قدر ڪريون ٿا. برٽش ڪائونسل جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سربراهه رابن ڊيوس چيو ته هي ميلو ڪراچي جي پرامن ماحول جو شاهد آهي، شاعر، ليکڪ ۽ ڪتاب دهشتگردن کان وڌيڪ طاقتور آهن. هن اپريل ۾ برٽش ڪائونسل لائبريري ٻيهر کولي ويندي. ناليواري شاعره فهميده رياض چيوته نسرين انجم ڀٽي ۽ انتظار حسين جي لاڏاڻي سبب اسان هي ادب جو جشن ڏک ۾ ملهائي رهيا آهيون. آئون ادب کي دهشتگردي جي سانحن کان پري نه ٿي رکي سگهان. ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر پرويز هودڀائي چيو ته ڀارت ۾ انتهاپسند ديوانگي ۾ اسان پاڪستانين کان به اڳتي نڪري ويا آهن، پر اتي معياري سائنسي ڪم ٿي رهيو آهي. ۽ اتي مذهبي انتهاپسندي خلاف به آواز اٿاريو ويندو آهي. هن چيو ته اسان جو ماضي ڪو سٺو نه هو جنهن تي اسين اڄ فخر ڪري رهيا آهيون. ڀارت ۾ گورنر کي قتل ڪندڙ ممتاز قادري ۽ مولانا عبدالعزيز، لشڪر طيبه ۽ جيش محمد جهڙا ڪردار نه آهن، پر هنن آر ايس ايس تي ڪنٽرول نه ڪيو ته هو به پاڪستان جهڙا ٿي ويندا. پاڪستان ۽ ڀارت جي نجات روشن خيالي وسيلي مذهبي انتهاپسندي سان وڙهڻ ۾ آهي. ادبي ميلا ٿيندا رهن ته بهتري جي اميد برقرار رهندي. ان موقعي تي عامر حسين جي افسانن جي مجموعي کي انگريزي ۾بهترين افسانوي ادب ۽ عروسه ڪنول کي بهترين غيرافسانوي ادب جو انعام ڏنو ويو جڏهن ته بهترين اردو ڪتاب جو انعام نجيبه عارف کي ڏنو ويو. جڏهن ته امداد حسيني ۽ ڊاڪٽر نير عباس جي ڪتابن کي به انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر هو انعام حاصل ڪري نه سگهيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو