ڪنهنجي هٿ تي لهو تلاش ڪجي!. شفيق شاڪر اسان جي ملڪ ۾ بي گناهن جي لاشن تي پنهن جي سياست جا دوڪان سجائڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي. هر ڀيري سورن کان چور۽ مصيبتن ۾ مجبور غريب عوام کي تبديلين جا خوبصورت خواب ڏيکاريندڙ بي رحم جادوگرن سدائين بي گناه انسان جي ڪرندڙ لاشن کي ئي پنهن جي اقتدار جي حوس جي لاء سيڙهيء طور استعمال ڪيو آهي.صولت مرزا هجي يا عزير بلوچ يا ٻيا ڪيترائي گرفتار ٿيل ۽ پنهن جن سنگين ڏوهن جو اعتراف ڪندڙ مجرم،سڀني اهو ئي ڏس ڏنو آهي ته انهن لاش ڪيرائڻ جي اها سفاڪ راند انهن جي چوڻ تي کيڏي جيڪي عوام جي مسيحائيء جا اڪيلا دعويدار رهندا پيا اچن.طاقت جو نشو وڏي ظالم شيء آهي. تاريخ اهڙن نشائين جي سنگدلاڻين ڪاروائين مان ڀري پيئي آهي جتي ان حوس ۾ پٽ پيء کي قتل ڪري ڇڏيو. ڀاء ڀاء کي رت ۾ رڱي ڇڏيو.رشتن ۽ ناتن جي سڃاڻپ نالي ڪابه شيء ان رستي ۾ جائز ڪانهي ۽ احساس نالي ڪو اکر ان ڊڪشنريء ۾ شامل ڪونهي.پنهن جي ملڪ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اقتدار جي ايوانن تائين پهچندڙلڳ ڀڳ هر حڪمران جا پير انهي رت ۾ رڱيل نظر ايندا. هي انهن جو رت هو جن کي ايندڙ انقلاب جي خوبصورت رنگن مان سواء ان لال رنگ جي ٻيو ڪو رنگ نصيب نه ٿيو.هرنام نهاد انقلاب ۽ احتجاج جي راه ۾ مرندڙ انهن گمنام مسافرن جي ڪٽنبن کي سواء ڪرب جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيو.هاڻي ٿورو پاڪستان جي تاريخ تي نظر گھمايو.ايوب خان جو اقتدار تي پهچڻ جو ذريعو لاهور جي مارشل لا ۽ قاديانين جا ڪرندڙ لاش بڻيا.يحى خان جي اقتداربه شهيدن جي لاشن مان جنم ورتو. ذوالفقارعلي ڀٽو به مشرقي پاڪستان جي لاشن تي اقتدار جي چادر وڇائي.جنرل ضياء الحق به نون جماعتن جي لاشن سهاري اقتدار جي ايوانن تائين پهتو. ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ٿيل شهيدن جا لاش ئي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪمرانيء جو سبب بڻيا ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ئي آصف زرداريء جي حڪومت لاء راه هموار ڪئي.لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي شاگردن ۽ شاگرياڻين جي لاشن تي ئي تحريڪ طالبان جي سياست چمڪي ۽ پرويز مشرف جي اقتدار ۾ ڪجھ جان پيئي.ماڊل ٽائون جي لاشن ئي ڊاڪٽر ظاهرالقادريء کي ليڊر بنايو۽ عمران جي ڌرڻن کي آڪسيجن مهيا ڪئي.12 مئي واري ڪراچيء جي واقعي ۾ ڪريل بي گناهن جي لاشن ئي چوڌري افتخار کي واپس چيف جسٽس جي ڪرسيء تي ويهاريو. بندش پيل تنظيمون هجن يا سياسي رانديگر سڀني جو جياپو ۽ داڻو پاڻي لاشن سان ڳنڍيل رهيو آهي.پوء اهي لاش پنهن جن جا هجن يا پراون جا.انهي سڄي راند ۾ صرف اهي ئي المين جو شڪار ٿيا جن جي گھرن مان لاشا کنيا ويا.ڪنهن ستمگر انهن جي معصوم ٻچن جي مڙي وري خبر به نه ورتي ته انهن تي ڇا گذريو.انهن جا ڪٽنب اڄ به در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن.تازو ڪراچيء پي آئي اي جي ملازمن طرفان ڪيل احتجاج ۾ ڪرندڙ ٽن لاشن تي به هر ڌر پنهن جي سياست جي شطرنج کيڏي رهي آهي.پر اهي جيڪي بي رحم گولين جو نشانو بڻجي ويا سڀاڻي جيڪڏهن پي آئي اي جي نجڪاري رڪجي به وڃي ٿي ۽ ملازمن جا سڀ مطالبا مڃجي به وڃن ته انهن جي بي سهارا بڻيل ڪٽنبن کي ڇا ملڻو آهي؟سياسي ۽ مذهبي ٽارگيٽ ڪلنگ جيڪا زماني تائين اسان جي معاشري ۾ مستقل ماتم برپا ڪري رکيو آهي، اها به ته لاشن جي سياست ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هر ڌر پاران پنهنجو اختيار ۽ اقتدار برقرار رکڻ ۽ انهيء کي وڌائڻ جي حوس جنهن خبر ناهي ڪيترا چمن ويران ڪيا ۽ ڪيترا گھر برباد ڪري ڇڏيا.ڪنهن ڪنهن جو ماتم ڪجي جو هتي ته موڙ موڙ تي مقتل آهي. بسن جون بسون لاشن ۾ تبديل،اسڪولن جا اڱڻ لاشن سان ڀريل، امام بارگاهون ۽ مسجدون رت سان رنگين،شايد انسانيت هڪ دفعو وري پنهن جي وحشي دور ۾ واپس هلي ويئي آهي.شايد تاتاري وري زنده ٿي پيا آهن جيڪي انساني لاشن تي قالين وڇائي انهن تي ماني کائيندا هئا.انساني لاشن جي کوپرين جا مينار ٺاهيندا هئا.هي ڪهڙو سڌريل دور آهي جنهن ۾ انسان کي سڀ کان وڏو خطرو انسان کان ئي آهي.هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي انسانن کي پنهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ لا پاڻ کي لاشن ۾ بدلائڻو پوي ٿو.هي ڪهڙي روشني آهي جنهن انسانيت جي احساس کان اسان جون اکيون انڌيون ڪري رکيون آهن.اهو صرف پاڪستان جو ئي الميو ناهي پر پوري دنيا اندر صرف لاش ئي لاش ٽڙيل ۽ پکڙيل نظر اچن ٿا. وڏن ملڪن جي ننڍن ملڪن کي غلام بنائڻ جي حوس،انهن جي وسيلن تي قبضي جي لالچ دنيا کي وحشت جو ويرانو بنائي ڇڏيو آهي.هر هنڌ تي انسان انسان کان ڀڄي ڪنهن پناه جي تلاش ۾ آهي.هي اهو ئي انسان آهي جنهن کي اشرف المخلوقات جي عظيم عهدي تي فائز ڪيو ويو هو!اهو انسان جنهن جي عظمت ۽ تقدس جي حقيقت متعلق پالڻهار هنن لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي ته “ جنهن هڪڙي انسان جي جان بچائي ان ڄڻ ته پوري انسانذات جي جان بچائي ۽ جنهن هڪڙي انسان کي قتل ڪيو ان ڄڻ ته پوري انسانذات کي قتل ڪري ڇڏيو”
سنڌ ۾ گهڻ رخي مسئلا زور وٺي چڪا آھن، تعليم، صحت، معاشيات ۽ انصاف فراھم ڪندڙ ادارا موت جي ڪنڌيءَ تي پهتل آھن، سڪرات هلي پئي ۽ آبِ حيات پيارڻ وارا صرف پنهنجون ۽ پنهنجن جون جهوليون ڀرڻ ۾ مصروف آھن، رشوت فرض بڻجي چڪي آھي، ميرٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به نوڪريءَ جو آرڊر ڏيڻ لاءِ 15 کان 20 لک رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، تعليمي بورڊ دلالن جا نوٽن تي نوڪر بڻجي چڪا آھن، عام تعليم جو معيار ڪِري چڪو آھي، صحت جا ادارا تباھ حاليءَ جو شڪار آھن، خانگي ڊاڪٽر ۽ اسپتالون عوام کي لٽڻ لاءِ ڌاڙيل جو روپ ڌاري چڪيون آھن، فارماسيوٽيڪل ڪمپنيون کلي عام عوام جي لٽ مار ۾ مصروف آھن جن دوائن جا اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن ۽ پرائس ڪنٽرول جي ذميوار ادارن جو وات بند ڪرڻ لاءِ وڏيون رشوتون ڏنيون وڃن ٿيون. معاشي سطح تي نا انصافي عروج تي پهتل آھي، نوڪري نوٽن جو اُٺُ ڀري ڏيڻ کانسواءِ ملڻ محال آھي، اقربا پروري اوج تي پهتل آھي… سنڌ جي صورتحال ايمرجنسيءَ جي بنيادن تي هٿن ۾ کڻڻ جهڙي بڻجي چڪي آھي، هن صورتحال ۾ معاشري جا اهڙا جراح سياستدان ئي سنڌ کي آئي سي يو مان ڪڍي سگهن ٿا جيڪي دل جي سچائيءَ سان سنڌ جي سورن ۽ دردن جو درمان بڻجڻ جي ذميواري کڻڻ جي اهليت رکندڙ ھجن، اهڙن سياستدانن کي هڪ اڻٽٽ اتحاد ضرور قائم ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ عوام سان مستقل رابطي جو سرشتو جوڙي سنڌ جي بيمارين جي جراحي ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان عملي قدم کڻڻ گهرجن.