آدرش هِتان هُتان جون ڳالهيون

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هِتان هُتان جون ڳالهيون

    آدرش

    خليفو هارون الرشيد گهوڙي تي چڙهي ڪاڏي وڃي رهيو هو، ته واٽ تي هڪ گوشه نشين عالم حضرت ابوالحسن سان ملاقات ٿي ويس. خليفو احترام ڪندي گهوڙي تان هيٺ لهي ڪري، هن سان ملندي ئي درٻار ۾ نه اچڻ جي شڪايت ڪيائين. هن کيس وراڻي ڏني ته: ”سرڪار! ”پر اهڙي علم جو فائدو گهٽ آهي جو علم ڪري ئي سائينءَ جن گهوڙي تان لهي اچي مون سان مليا آهن.“

    ***
    هڪ ڀيري ڪنهن سوناري عباسي بادشاھ منصور ڏانهن درخواست موڪلي ته سائين! مان غريب ماڻهو آهيان. پئسو پئسو ڪري هڪ پيٽيءَ ۾ گڏ ڪيو هيم. اُها چوري ٿي وئي. هاڻي پائيءَ پائيءَ لاءِ محتاج آهيان.
    منصور هن کي نويڪلائپ ۾ گهرائي پڇا ڪئي ته ” تنهنجي گهر ۾ ڪير ڪير رهندو آهي؟“ وراڻيائين: ”زال کانسواءِ ڪير به نه.“
    بادشاهه پڇيس: ” جوان آهي يا وَهي موٽيلَ اٿس؟“
    ”جوان آهي.“
    منصور سوناري کي وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ويندي ويل هن کي هڪ عطر جي اڻ لڀ شيشي ڏني. اها منصور کانسواءِ ڪنهن وٽ نه هئي. خليفي جي حڪم سان شهر جي دروازن جي پهريدارن کي اها خوشبو سنگهائي وئي ۽ چيو ويو ته اهڙي خوشبو لڳل ڪو ماڻهو ڏسو ته ان کي ٻڌو.
    ڪجهه ڏينهن پڄاڻان سپاهي هڪ نوجوان کي پڪڙي آيا. جنهن مان ساڳئي خوشبو اچي رهي هئي.
    منصور بادشاھ کانئس پڇيو ته ” هي عطر توکي ڪٿان مليو؟“ هو ڪجهه به نه ڪڇيو. منصور سمجهي ويو ۽ چوڻ لڳس : ”ساھ پيارو اٿي ته اُها پيٽي واپس ڪر جيڪا توکي سوناري جي زال ڏني آهي.“ هن پيٽي واپس ڪئي ۽ معافي گهري.
    منصور بادشاھ سوناري کي سڏايو. هن کي پيٽي ڏيندي، چيائينس: ” جوءِ کي طلاق ڏئي ڇڏ. هوءَ تنهنجي گهڻگهرو ناهي.“

    ***
    هڪ خليفي جي درٻار ۾ امام شافعي ويٺو هو. درٻار ۾ هڪ مَکِ خليفي کي ڏاڍو تنگ ڪري رهي هئي. هن ڪڪ ٿي چيو ” خبر ناهي هن مک کي پيدا ڪرڻ ۾ الله جي ڪهڙي حڪمت هئي؟“
    امام شافعي مرڪندي چيس : ”بادشاھ سلامت! ان ۾ حڪمت اها رکيل آهي ته طاقت وارن کي، انهن جي سگهه جي بي وسي ڏيکاري سگهي.“

    ***
    خليفي هارون الرشيد جي درٻار ۾ هڪ ڪاڪو آيو، پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ جي اجازت گهريائين. اجازت ملڻ کانپوءِ پنهنجو ڪمالُ ڏيکارڻ لاءِ هن اڱڻ جي وچ تي هڪ سُئي ٽنبي ڪري، پري وڃي ٻي سئي اڇلائي.اها سُئي، ٽنبيل سُئيءَ جي پاکڙي ۾ وڃي اٽڪي پئي. واھ واھ ٿي وئي.
    خليفو هارون به اسانجي ملڪ جي حڪمرانن جهڙو هو، سو حڪم ڏنائين ته هن کي هڪ دينار انعام ۾ ۽ ڏھ ڪوڙا هنيا وڃن. ماڻهن سبب پڇيو ته چوڻ لڳو: ” هن جي ذهانت دادا لائق آهي سو انعام ڏنو ويو، پر هن پنهنجو دماغ فضول ڪم ۾ کپايو ان ڪري سزا لائق آهي.“

    ***
    هڪ ڏينهن عبدالمالڪ بن مروان ڪاڏي وڃي رهيو هو. واٽ تي هڪ فقير هن جي گهوڙي جي واڳ کي جهليو. عبدالمالڪ کي بُڇان لڳي. کيس رهڙ ڏنائين ته ”تو اِها بي ادبي ڇو ڪئي؟“
    فقير وراڻيو : ” بادشاھ سلامت! مفلسيءَ مون کي مجبور ڪيو، سو بي-ادبي ٿي وئي.“
    عبدالمالڪ حڪم ڪيو ته ”فقير کي ٻه هزار دينار ڏنا وڃن جو سائل جو سوال پورو ڪرڻ بادشاھ جو فرض آهي.“ ان سان گڏ اهو به حڪم ڏنائين ته ”فقير جا هٿ وڍيا وڃن جو بي ادبي جي سزا ڏيڻ به بادشاهن جو گڻ آهي.“

    ***

    هڪ چالاڪ چور جو پٽ عاقل بالغ ٿيو ته سوچيائين، هاڻي هن کي گُرَ سيکاريان ۽ چور بڻايان.
    هڪ رات هو پنهنجي پٽ کي ساڻ ڪري هڪ پاڙي ۾ ويو. اُتي هڪ گهر ۾ ڏيئو ٻري رهيو هو. اهو گهر ڏيکاريندي پٽ کي چوڻ لڳو : ” ٻچا! مان هن گهر مان ست گهمرا چوري ڪري چڪو آهيان. هن جي ڪُنڊ ڪُنڊ کان واقف آهيان. ڪابه شيءَ ڳجهي ڪونه اٿم. مان توکي ان گهر جي هر دري، دروازي بابت ٻڌايانءِ ٿو ته جيئن ڪا ڳڙ ٻڙ ٿئي ته توکي ڀڄڻ ۾ سولائپ ٿئي ۽ مون کي به اطمينان هجي.“
    هن جو پٽ وائڙو ٿي ويو. ڪا جهٽ سوچيندي پوءِ پيءُ کي چوڻ لڳو : ”بابا سائين! اها عجيب ڳالهه ناهي جو جنهن گهر مان تون ست ڀيرا چوري ڪري چڪو آهين پوءِ به ان ۾ ڏيئو ٻريو پيو آهي! ۽ اسان جي گهر “ جاتي تون روزانو چوريءَ جو جامُ مال کڻي ٿو اچين، اُتي ته ڪڏهن ڪو ڏيئو ئي ڪو نه ٻريو آهي!“

    ***

    جيئن ئي رمضان مبارڪ جو مهينو شروع ٿيو ته ترڪيءَ جي هڪ شهر ۾ قاضي صاحب پڙهو ڏيارايو ته جيڪو به ماڻهو ڏينهن جو کائيندي پيئندي نظر آيو يا شراب پيئندي ڏٺو ويو ته ان کي جيل اماڻيو ويندو.
    بڪتاشي نالي همراھ ڏنگو هو. هر وقت کيچل ۾ رڌل هوندو هو. هن اعلان کي ليکي ۾ ئي نه آندو. هڪ ٿالهيءَ ۾ ڪباب رکي شراب جو بوتل کڻي، هڪ نديءَ جي ڪناري وڃي ويٺو. اتان هڪ مولوي سڳورو لانگهائو ٿيو ته کيس چوڻ لڳو : ”رمضان ۾ ائين کُلئي عام کائيندي پيئندي توکي شرم نه ٿو اچي.“ هن چيس : ”مولوي صاحب! تون به جهٽ گهڙي ويهي الله جي نعمتن جو ڳاڻاٽو ته ڪر.“ مولوي سڳورو به هلي هلي ڪو ٿڪجي پيو، سو ساھ پٽڻ لاءِ ويهي رهيو. بڪتاشيءَ به هن کي ٻول ڏئي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته ههڙي حسين موسم ۾ شراب جا ٻه ڍُڪَ پيئڻ ۾ ڪو عيب ناهي. مولوي صاحب هن جي ڳالهين ۾ اچي ڪري شراب جو پيگ چپن تي آندو. ٻه ڍُڪَ پيئڻ کانپوءِ مزو اچي ويس ۽ ويو پيئندو. ٻنهي ايڏو پيتو جو هوش مان نڪري ويا.
    قاضي صاحب جا ماڻهو ته شهر ۾ گشت تي هيا. هنن جڏهن هڪ جوان ۽ مولويءَ کي شراب جي نشي ۾ ڌُت ڏٺو ته ٻنهي کي سوگهو ڪري، قاضيءَ وٽ وٺي ويا. هنن کي ڏسي قاضي صاحب کي عجب لڳو ته ڪو مولوي به اهڙو ڪڌو ڪم ڪري سگهي ٿو. قاضيءَ بڪتاشيءَ کان پڇيو : ”نالو ڇا ٿي؟“ بڪتاشي ته هيوئي پورن ڏينهن جو ڄاول. هن سوچيو ڇو نه پاڻ کي عيسائي بڻايان ۽ قاضيءَ مئون جان ڇڏايان. هن هڪدم وراڻيس : ” منهنجو نالو ڊيوڊ (David) آهي.“ قاضي صاحب پوءِ مولوي صاحب کي چوڻ لڳو ” تون ٻين کي اسلام جون ڳالهيون ٻڌائيندو آهين. سڌي واٽ تي هلڻ لاءِ چوندو آهين. پاڻ ابتو هلي ڪري رمضان مبارڪ ۾ شراب ٿو پيئين! مان ان حرڪت تي توکي معاف نه ٿو ڪري سگهان. توکي ان ڏوھ جي سزا ملڻ گهرجي.“ ائين چئي مولوي صاحب کي جيل موڪلي ڇڏيائين.“
    ان ڳالهه تي بڪتاشيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هن جي ڪري ويچاري مولويءَ کي جيل وڃڻو پيو. هو چالاڪ ته هيو، سوچيائين ته ڪا ڳڻ ضرور ڪجي.
    هو پوءِ قاضي صاحب ڏانهن ويو ۽ چوڻ لڳس : ” قاضي صاحب! ڇا توهان هڪ غير مسلم کي ڪلمو پڙهائيندئو؟ “ قاضيءَ چيس : ”ان کان وڌيڪ نيڪي ٻي ڪا نه ٿِي سگهي ٿي.“ بڪتاشيءَ چيس ”مونکي مسلمان ڪر پر هڪ شرط اَٿي“ قاضي وراڻيس: ”ايڏي وڏي نيڪي ڪارڻ مون کي هر شرط منظور آهي. ٻڌاءِ! ڪهڙي شرط آهي؟“ بڪتاشيءَ چيس ” ايڏي ڪا وڏي ڳالهه ناهي. توهان مولوي صاحب جو ڏوھ معاف ڪري کيس آزاد ڪيو.“
    ”ٺيڪ آهي. هاڻي ڪلمو پڙھ”“
    بڪتاشيءَ ڪلمو پڙهيو. مولوي صاحب کي جيل مان ڪڍائي، هلڻ لڳو، واٽ تي مولويءَ کي چوڻ لڳو : ” مولوي صاحب! مذهب به عجب جهڙي شيءَ آهي.“ مولويءَ ڇڙٻ ڏئي چيس: ”تو کي ڪهڙي خبر مذهب جي؟ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“ بڪتاشيءَ چيس ” مولوي صاحب! تو ويچار نه ڪيو. ڏس ني! پهريون مون عيسائي بڻجي پنهنجي جان ڇڏائي ۽ پوءِ مسلمان ٿي ڪري توکي جيل مان ڇڏايو.“

    ***

    هڪ ترڪيءَ جي هاريءَ کي ٻني ٿوري ۽ آڪهه گهڻي هيس، سو پيٽ گذر ڏاڍو ڏکيو ٿيندو هيس. هن جي زال وٽ ٻه مينهون هيون. هوءَ ڏُهي ڪري، کير مان مکڻ ۽ گيهه ٺاهي مڙس کي ڏيندي هئي، هو شهر وڃي وڪڻندو هو. جيڪا موڙي ملندي هيس، ان مان ماکي وٺي اچي وڪڻندو هو، جو ڳوٺ ۾ ماکيءَ جي اڻاٺ هئي ۽ هٿون هٿ هلي ويندي هيس.
    ڏکي ڳالهه اها هئي جو جڏهن هو اهو وکر کڻي شهر جي دروازي تي پڄندو هو ته دربان کيس جهلي ڪري چوندو هو ته قاضي صاحب جي اجازت نامي کان سواءِ تون اندر وڃين نه ٿو سگهين. دربان اصل لالچي ۽ راشي هو. هن جي اها اٽڪل هوندي هئي ته جيئن شهر ۾ وڃڻ واري کان ڪجهه نه ڪجهه وٺي.
    هاريءَ سوچيو ته هن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوندو سو چيائينس : ” ادا! تون هيئن ڪر هنن مان هڪ چاڻو کڻُ، ”دربان مکڻ جو چاڻو کنيو، هن پوءِ هاريءَ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. هن جو سڄو مال کن پل ۾ کپي ويو. هن پئسن مان ماکي ورتي ۽ واپس وريو. شهر جي دروازي وٽ دربان کيس روڪيو ۽ اجازت نامو گهريو. هن کي وري هڪ ماکيءَ جي شيشي کيس ڏيڻي پئي.
    گهر اچي ڪري هاريءَ سوچيو ته ٻيلي! هر ڀيري ايئن ئي دربان کي مالُ ڏيندو رهيم ته نقصان ۾ ويندم سو قاضي صاحب کان اجازت نامو وٺڻ لاءِ وڃان ته سهي. اڳلي ڏهاڙي هو قاضيءَ ڏانهن ويو. قاضي پنهنجي ڪتابن ۾ غرق هو. هو مايوس ٿي موٽي آيو. ٻئي ڏينهن وري ويو ته قاضيءَ ٽاري ڇڏيس. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته قاضي ائين ڪري ڇو ٿو. هو ڳوٺ ڏانهن واپس اچي رهيو ته واٽ تي هڪ نوراني چهري سان بزرگ مليس. هن ان کي پنهنجي مشڪل ٻڌائي ته هو چوڻ لڳس : ” ادا! هن شهر ۾ رشوت کانسواءِ ڪو ڪم ڪونه ٿيندو سو قاضيءَ کي به ڪجهه ڏئي وٺي جان ڇڏاءِ.“
    هاري پوءِ هڪ ٿانو ۾ مينهن جا ڇيڻا ڀريا، مٿان پن رکي، انهن مٿان مکڻ رکيو. ٻئي جي ليکي سڄو ٿانءُ مکڻ سان ڀريل آهي. اهو کڻي اچي قاضيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪندي چيائين: ” سائين! هيءَ اوهان لاءِ سوکڙي آندي اٿم. هن کي قبول فرمايو.“ قاضيءَ ٿانوَ کي پاسيرو رکي چيس ” درخواست ڪاٿي ٿي؟“ هن درخواست اڳيان رکيس ته هڪ دم ان تي صحيح ڪيائين. هن اجازت نامو کيسي ۾ رکيو ۽ قاضي کان پڇڻ لڳو : ” سائين! ڇا توهان بنا مکڻ جي صحيح نه پيا ڪري سگهو؟“ قاضي وراڻيس : ” تنهنجو ڪم انب کائڻ سان يا وڻ ڳڻڻ سان؟ تنهن جو ڪم ٿي ويو. هاڻي گهر وڃ ۽ ياد رکي ڇڏي! ڳالهه جي گهرائيءَ ۾ ڪڏهن به وڃڻ نه گهرجي.“
    هاري ٻاهر نڪري، دروازي وٽئون وڏي آواز ۾ چوڻ لڳس : ” قاضي صاحب! تون به مکڻ جي گهرائي ۾ نه وڃجانءِ“

    ***

    سوامي وويڪانند هڪ فلسفي ۽ ڏاهو هو. هڪ ڀيري ڪاڏي وڃڻ لاءِ کيس ندي پار ڪرڻي هئي. ٻيڙي پرئين ڀرِ وِيلَ هئي، سو هي اوسيئيڙي ۾ بيهي رهيو. جهٽ گهڙيءَ کانپوءِ هڪ مهاتما آيو. هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ڪرايائون. مهاتما کي هن ٻڌايو ته هو ٻيڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جو کيس هن پار وڃڻو آهي. اها ڳالهه ٻڌي، مهاتما ٺٺولي ڪرڻ لڳس ته ” جيڪڏهن تون ننڍين ننڍين رڪاوٽن اچڻ تي ايئن بيهي رهندين ته دنيا ۾ ڪيئن هلندين؟ تون ته وڏو فلسفي ۽ روحاني استاد آهين. ننڍڙي ندي ٽپي نه ٿو سگهين، ڏسجانءِ، ندي هينئن پار ڪبي آهي.“ ايئن چئي مهاتما نديءَ مٿان هلڻ لڳو. پاڻيءَ جي سطح جو وڏو چڪر ڪاٽي موٽي آيو ۽ سواميءَ کي ٽوڪ واري انداز ۾ چوڻ لڳو : “ آمريڪا گهمڻ ۽ تقرير ڪرڻ سان ڪو سوامي ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪارڻ عبادت ۽ رياضت جي ضرورت هوندي آهي.“
    مهاتما جي ان شڪتيءَ تي سوامي وويڪانند عجب مان پڇيس : ” مهاتما! اهو معجزو اوهان ڪڏهن، ڪاٿي ۽ ڪيئن سکيو؟“ پنهنجي طاقت ۽ سواميءَ جي بيوسيءَ تي مهاتما مرڪيو. وڏي گهُمنڊ مان چوڻ لڳس: ” اهو معجزو ائين ڪونه مليو. ان لاءِ هماليا جي گڦائن ۾ ٽيهه سال عبادت ڪرڻي پئي.“
    مهاتما جي ان وراڻيءَ تي سوامي ٽهڪ ڏئي کليو. پوءِ چوڻ لڳس : ”مهاتما! توهانجي ان ڪرامت تي مان حيران آهيان. پر سائين! ندي پار ڪرڻ جو ڪم جڏهن ٻن روپين ۾ ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اوهان پنهنجي زندگيءَ جا ٽيهه سال برباد ڪري ڇڏيا. ٻن روپين واري ڪم تي اوهان سهڻا سٺا ٽيهه سال وڃائي ڇڏيا، جيڪي واپس موٽي نه ٿا سگهن. ٽيهه سال حاصل ڪرڻ ۾ وڃايوَ باقي ڏينهن ماڻهن کي اها ڪرامت ڏيکاري، کين معتقد بڻائيندئو. فائدو؟ اهي ٽِيهه سال اوهان انسان ذات کي ڪم اچو ها، ڪي چڱ ڀلائيءَ جا ڪم ڪيو ها. ڪا اهڙي دوا ڳولي لهو ها، جيڪا ڪنهن مرض جي شفا بڻجي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها!“

    ***

    جسٽس صمداني هڪ ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. هي اُهو جج هو، جنهن ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
    جسٽس صمداني صاحب قانون جي کاتي ۾ جوائنٽ سيڪريٽري هو. سيڪريٽريٽ ۾ نئون نئون آيو هو. تمام شريف ماڻهو هو.
    سيڪريٽريٽ ۾ هڪ لفٽ ”رڳو آفيسرن لاءِ“ واري هئي. هو هڪ ڏينهن لفٽ ڏانهن وڌيو ته لفٽ هلائيندڙ کيس جهليو ته هيءَ آفيسرن لاءِ آهي. هو کيس ڪونه سڃائيندو هو. صمداني صاحب ٻي لفٽ ۾ وڃي چڙهيو.
    ٻئي ڀيري صمداني صاحب آيو ته هن کيس دڙڪو ڏنو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻان ٽئين ڀيرو آيو ته لفٽ هلائيندڙ هن مٿان ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو ته ”توکي گهڻا دفعا سمجهايو اٿم ته هيءَ لفٽ آفيسرن لاءِ آهي، توکي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي. آهين ڪير ڙي؟“
    اتفاق سان هڪ سيڪشن آفيسر لفٽ ۾ بيٺو هو. هن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته هڪ دم لفٽ هلائيندڙ کي ڪاوڙ مان چيو ”اڙي ڪمينا! تون انڌو آهين ڇا؟ سڃاڻين به نه ٿو ته ڪير آهي؟ هي اسان جو جوائنٽ سيڪريٽري صمداني صاحب آهي.“ اهو ٻڌي هن جو ته ساھ ئي سڪي ويو.
    ٻئي ڏينهن صمداني صاحب جي پي.اي کي ايلاز ڪري، لفٽ هلائيندڙ صمداني صاحب ڏانهن ويو ۽ پنهنجي ڪئي جي معافي وٺڻ لڳس. صمداني صاحب چيس : ” پٽ! جڏهن تون مون کي سڃاڻين ئي ڪونه پيو ته مون کان معافي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون کي گهربو ته مان توکي ٻڌايان ها، پر پنهنجي عهدي جو رعب ويهارڻ مونکي سٺو نه پئي لڳو. ٺيڪ آ مَنَ!“

    ***

    ڪن ڪتابن جو عنوان اهڙو هوندو آهي جو دل نه ڪڍندي آهي ته ڪو انهن کي پڙهجي. دل تي پٿر رکي پڙهبو اهي ته انهن مان خزانو ملي ويندو آهي. اهڙن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ”بلبلين نواب ڪي“ هٿ چڙهيو. ڪتاب جو عنوان به نواب ۽ بُلبليون، سو، سوچيم ته ان ۾ لکنوءَ جي نوابن جا شوق شڪار هوندا، سو هڪ ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيم.
    مهيني سوا کانپوءِ اڌ رات جو اک کلي ته بند ئي نه ٿئي. گهڻا ئي پاسا ورايم پر ننڊ ڪونه آئي. اُٿي ڪري، هٿ منهن ڌوئي، چانهن ٺاهيم، چانهن پيئندي ڪنڊ ۾ رکيل ڪتاب ” بُلبلين نواب ڪي“ تي نظر پئي. بي دليو ٿي ان کي کنيم. چانهن جا ڍڪ ڀريندي، پڙهڻ شروع ڪيم. شروع ڇا ڪيم، ڪتاب جي جادوءَ ۾ جڪڙجي ويم. جيستائين پورو نه ڪيم. ڪرسيءَ تان ڪونه اٿيم. ڇا ته ڪتاب آهي!
    هي ڪتاب اصل ۾ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ Of Nawabs & Nightingales موسيٰ رضا صاحب جو لکيل آهي. ان جو مهاڳ خوشونت سنگهه لکيو آهي. هي همراھ 1960 ۾ هندوستاني انتظامي خدمت Indian Administrative Service ۾ گهڙيو. هن کي ”حسن آرا“ مان هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن.
    هندوستان جي گجرات علائقي جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي، اڄ ڪلهه دهليءَ ۾ ”اسلامي ٽرسٽ“ هلائي سماجي خدمت ڏي ڌيان ڏيو ويٺو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي بچيل گهڙين جا مزا ماڻي رهيو آهي.
    موسيٰ رضا صاحب ان ڪتاب ۾ پنهنجي نوڪريءَ دوران پيش آيل عجيب واقعن ۽ مشاهدن کي ڏاڍي عالي شان نموني لفظن ۾ شاھ ڪاريگريءَ سان پويو آهي. هن ۾ پنڌرهن واقعا لکيا اٿائين.

    ترجمو هڪ وڏو فن Art آهي. اصل تخليق کان وڌيڪ ترجمو ڌيان ۽ گيان گهرندو آهي. ترجمو ڪندڙ وڏو آرٽسٽ هوندو آهي ۽ فن به ڪنهن ڪنهن جو ساراھ جوڳو هوندو آهي.

    هن ڪتاب جو اردوءَ ۾ ترجمو شاھ محي الحق فاروقي صاحب تمام سٺو ڪيو آهي. ترجمو پڙهندي ايئن ٿو لڳي ڄڻ موسيٰ رضا صاحب اهو ڪتاب پاڻ سٺي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. محي الحق صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ”Sir گذشت“ لکيو آهي. عنوان ڏاڍو وڻيو. هوراکورا ٿي ته يار! فاروقي صاحب ڏاڍو سٺو مترجم آهي سو آتم ڪهاڻي به ڏاڍي عمدي لکي هوندائين. شڪارپور ۾ ته ملڻ محالُ سو اوسي پاسي جي شهر ۾ ڳولا ڪيم پر خوابن ۾ ملندڙ ڇوڪريءَ وانگر ملي نه سگهيو.
    ٿر جي لعل، ڄام اختر عليءَ جي لائق پيءُ، ليکڪ دوست اشرف علي سمون کي فون تي ڪتاب جي پڇا ڪيم. هن نه رڳو ڪتاب هجڻ جي هائو ڪئي ته وري سُتت ئي ٽپال رستي موڪلي به ڏنائين ته دل خوش ٿي وئي. ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا!
    ”SIRگذشت“ ڏاڍو دلچسپ عنوان آهي. ان جي عنوان جو سبب اهو آهي ته ” جڏهن فاروقي صاحب نوڪريءَ جي شروعات ڪلارڪ سان ڪئي ته سڀني کي سر…سر چوندو هو. جڏهن جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ته سڀ کيس سر…سر چوندا هيا.“
    محي الحق فاروقي هڪ شريف، پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئڻ سان گڏ هڪ ايماندار آفيسر به هو. هن ڪڏهن به رشوت جو ٽڪو نه کاڌو. هو غريبن جي مدد ڪرڻ وارو هڏ ڏوکي انسان هو. هاڻي هن دنيا ۾ ناهي. اڳلي دنيا ۾ اکيون کولڻ لاءِ، ڪراچيءَ جي هڪ قبرستان ۾ اکيون ٻوٽي ستل آهي.
    هن ڪتاب ۾ آتم ڪهاڻي کان وڌيڪ شاھ صاحب جي فرزند تسنيم فاروقي صاحب جو، والد صاحب تي لکيل مضمون ڏاڍو سٺو آهي. هڪ دلچسپ واقعو مضمون ۾ آهي ته :
    مان چانهن جو موالي بڻجي ويس. چوويهه پنجويهه ڪپ روزانو پيئندو هيس. هڪ ڏينهن بابا سمجهايو ته پٽ! هر شيءِ جي گهڻائي هاڃيڪار هوندي آهي. چانهن گهٽاءِ. تو رڳو چاليهه ڏينهن پاڻ قابو رک. عادت ختم ٿي ويندءِ.“
    بابا وري سگريٽ پياڪ گهڻو سو مون چيومانس : ” ٺيڪ آهي بابا! مان ائين ڪيان ٿو، پر توهان به چاليهه ڏينهن سگريٽ نه پيئندئو.“ ٻنهي پڪو پهه ڪيو ۽ وچن ڪيو.
    مان چاليهن ڏينهن کان پوءِ چانهن ڇڏي ويم. هڪ ڏينهن ڏسان ته بابو سگريٽ پي رهيو آهي. مون چيومانس ” بابا! اها دغا آهي.“
    بابا سائينءَ اطمينان سان سگريٽ جو ڪش هڻي چيو ” ٻچا! منهنجو واعدو چاليهه ڏينهن سگريٽ نه ڇڪڻ جو هو. سڄي عمر جو ڪونه هو“

    عوامي آواز ميگ 31 جنوري 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو