• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوجي جو سيرو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
اجزاءِ ۽ مقدار
ڀڳل ڪڻڪ سويا کير هڪ ڪوپ
سوجي هڪ ڪوپ
کـنڊ هڪ ڪوپ
گيهه کاڌي وارا چمچا
ننڍا ڦوٽا 4 عدد
ڏونگهي جو چورو 2/1 چانهن وارو چمچو
پاڻي 2 ڪوپ

طريقو:

ڀڳل ڪڻڪ سويا کير کي فرائي پان ۾ وجهي رکو.
• هڪ ديڳڙي ۾ پاڻي اوٻاريو ۽ کـنڊ وجهو ۽ ننڍا ڦوٽا وجهي 20 منٽن تائين هلڪي باهه تي پچايو ۽ آهستي آهستي ڏوئي سان هلائيندا رهو
• هڪ ٻي يڳڙي ۾ گيهه وجهي گرم ڪيو ۽ ان ۾ سوجي ۽ ڀڳل ڪڻڪ سويا کير وجهي ڀُڃو ۽ 6 منٽن تائين پچايو جيستائين ان جو رنگ سونهري ٿي وڃي.
• ڦرائي پان کي باهه تان لاهيو ۽ سيرو ملايو ۽ مسلسل هلائيندا رهو ته جيئن سيرو سٺي نموني تيار ٿي وڃي.
• ان کان پوءِ سيري کي وري باهه تي پچايو ۽ ڏوئي سان گهمائيندا رهو.
• سيري کي ديڳڙيءَ مان پليٽ ۾ ڪڍي وٺو ۽ ان جي مٿان ڏونگهي جو چورو وجهو.
 
Back
Top