سونا فقير
سينيئر رڪن
سونا فقير عاليوال
اسان اهيون هاري هر سان پيار آهي .
ڏينهان رات هر جي لڳل تار آهي.
صبح جو سوير وڃي هر هلايون ،
وڏي شوق سان ٿا، زمينون ڪمايون،
اسان جي اصل کان اها ڪار آهي.
سڄو ڏينهن محنت ڪم آ اسان جو،
محنت ساڻ هر دم دم آ اسان جو،
ورهن کان اسان جو هي واپار آهي.
ڪمايون ٿا ڏينهن رات ، ڏاڍو ڏکن ۾
پيا آهيون مٽي ۾ تسا بکِن ۾،
هي زندگي اسان جي عجيب يار آهي.
آهي سخت ڏاڍي اسان جي ڪمائي،
وڃي ٿي بدن جو سڄو ماس کائي،
خداوند اسان جو مددگار آهي.
ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينهن ميڙا مچايو،
”سونا“ سور کائي اسان اَن اُپايون،
هيءَ دُنيا اسان جي ته آڍار آهي.
روزانه آفتاب حيدرآباد سنڌ
3 ڊسمبر 1991
زرعي صفحو سون ورني ڌرتي، تي شايع ٿيو.
ڏينهان رات هر جي لڳل تار آهي.
صبح جو سوير وڃي هر هلايون ،
وڏي شوق سان ٿا، زمينون ڪمايون،
اسان جي اصل کان اها ڪار آهي.
سڄو ڏينهن محنت ڪم آ اسان جو،
محنت ساڻ هر دم دم آ اسان جو،
ورهن کان اسان جو هي واپار آهي.
ڪمايون ٿا ڏينهن رات ، ڏاڍو ڏکن ۾
پيا آهيون مٽي ۾ تسا بکِن ۾،
هي زندگي اسان جي عجيب يار آهي.
آهي سخت ڏاڍي اسان جي ڪمائي،
وڃي ٿي بدن جو سڄو ماس کائي،
خداوند اسان جو مددگار آهي.
ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينهن ميڙا مچايو،
”سونا“ سور کائي اسان اَن اُپايون،
هيءَ دُنيا اسان جي ته آڍار آهي.
روزانه آفتاب حيدرآباد سنڌ
3 ڊسمبر 1991
زرعي صفحو سون ورني ڌرتي، تي شايع ٿيو.