• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر، 07 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* اليڪشن ڪميشن جانبردار بڻجي وئي آهي: پاڪستان پيپلز پارٽي (خبر)
* * ....اوهانجي سنڌ سرڪار وانگيان، ”اعلى ڪارڪردگي“ ڏيکاري رهي آهي (تبصرو)

* سنڌ ۾ مسئلن جو سبب خراب حڪمراني آهي: چيف جسٽس انور ظهير جمالي (خبر)
* * ........ڇو ٿا مولوُ ڄٽ (مولابخش چانڊيو) کي چوچڙي ڏيو؟ (تبصرو)

* فرقي واريت کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن: وڏو وزير (خبر)
* * اوهان کي، سکڻا بيان ڏيڻ ۾ ڪهڙوحرج آهي! (تبصرو)

* پي آءِ اي جي بهتري چاهيون ٿا، مفاد پرست نه ٿا چاهين: نواز شريف (خبر)
* * ملازمن کي کڻي سچ ٻڌايو ته اوهان ۽ اوهان جي دوستن کي ڪيڏو مال ملندو؟ (تبصرو)

* نساسڪ چيئرمن رفيق سفي ڪرپشن خلاف استعيفا ڏئي ڇڏي (خبر)
* * قائم علي شاهه کي ڏسو! بدترين ڪرپشن جي باوجود ڪرسيءَ کي چنبڙيو پيو آهي (تبصرو)

* پ پ پ ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ قومپرستيءَ جو ڍونگ رچايو آهي: قادر مگسي (خبر)
* * پر قومپرستن به ته ڀتاخوري ۽ پلاٽ گيريءَ لاءِ سنڌ سان محبت جو ڍونگ رچايو آهي (تبصرو)

* پاڪستان ۾ ٽئين جنس جي حقن لاءِ آواز اٿي رهيو آهي: لڪشمي تريپٿي (خبر)
* * پهرين ٻن جنسن کي ته اڃا حق ناهن مليا ته ٽئين کي وري ڪٿان ملندا؟ (تبصرو)

* پ پ پ حڪومت سنڌي عوام لاءِ عذاب آهي: ابرار قاضي (خبر)
* * ... ۽ ڪوڙا سنڌي قومپرست وري ٻئي نمبر تي سنڌين لاءِ عذاب آهن.!! (تبصرو)

* اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ٿر جو شمار دنيا جي بهتر علائقن ۾ ٿيندو: وڏو وزير (خبر)
* * .....گھٽ ٻٽاڪ هڻو ته ڪٿي چيف منسٽرس هائوس جي ڇت نه ڪري پوي..!!(تبصرو)

* قائم علي شاهه مشهور شعر غلط پڙهيو (خبر)
* * 94 ورهين جي ڄمار ۾ هوش حواس ڪم نه ڪندا ته ائين ئي ٿيندو نه (تبصرو)
 
Back
Top