پيچوهو صاحب جواب ڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پيچوها صاحب جواب ڏيو!؟
    اوهان کان وڌيڪ طاقتور آفيسر ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگھي؟
    1ـ 10 سالن لاءِ تعليمي امرجنسي لاڳو ڪري تعليم کي لازمي شعبو قرار ڏيڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟
    2ـ تعلقي ليول تي ماڊل اسڪول قائم ڪري ان ۾ بهترين تعليم ڏيڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟
    3ـ جديد سائنسي هنري تعليم جو ڪورس ڇو نه ٿو تيار ڪري فوري طور لاڳو ڪيو وڃي؟
    4ـ سنڌ جي ٻار کي سائنسي ءِ هنري تعليم ڏيڻ کان سواءِ سنڌ ڪئين ترقي ڪري سگھندي؟
    5ـ سنڌ جا ٻار سنڌ حڪومت ءِ وفاقي حڪومت جي اسڪالرشپ تي ٻاهر ملڪ ڇو نه ٿا موڪليا وڃن؟
    6ـ سنڌ ۾ لازمي تعليم واري پاس ٿيل بل (قانون) تي عمل ڇو نه ٿو عمل ڪيو وڃي؟
    7ـ تعليمي شعبي مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟
    8ـ تعليمي شعبي ۾ گوسڙو ءِ نااهل ماسترن ڪرپٽ ڪامورن جي برقرار رکڻ جو مقصد ڇا آهي؟
    10ـ استادن جا جائز مطالبا فورن حل ڪري استاد يونين تي پابندي وجهي انهن جي ڪيريئر پلانينگ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
    11ـ ڇا تعليمي شعبي ۾ پئدا ٿيل نااهلي ڪرپشن اقرباپروري جهڙي ڪينسر کي ختم ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي؟
    12ـ ڇا سنڌ کي تعليم يافته بنائڻ ءِ سنڌي عوام کي ترقي جي جديد ڌارا ۾ شامل ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي؟
    13ـ ڇا سنڌ مان مذهبي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ جديد سائنسي ءِ هنري تعليم فوري طور رائج ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي؟
    14ـ ڇا نصاب مان مذهبي انتها پسندي واري سوچ کي ختم ڪرڻ ءِ جديد سائنسي هنري نصاب رائج ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي؟
    15ـ ڇا سنڌ مان وڏيرن ميرن پيرن جاگيردارن ءِ غلامي واري سوچ کي تعليم ذريعي ختم ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي؟
    جيڪڏهن اهي ءِ تعليم سان لاڳاپيل سموريون ذميواريون اوهان نه ٿا پوريون ڪري سگھو ته بهتري ان ڳاله ۾ آهي ته اوهان سنڌءِ سنڌي عوام جي مٿان عذاب بنجي مڙهيل رهڻ واري عمل مان هٿ ڪڍي وڃو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    ادا ڪم ڏکيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو