سنڌ ۾ تعليم ڪمزور هجڻ جا سبب ۽ سڌارا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسي ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2016۔

  1. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عام چواڻي آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي علم حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت جو برابر حق آهي، علم اهو ئي پرائڻ گهرجي جنهن مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي، اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سنڌ ۾ معياري تعليم جو ٻج پوکيو ويندو، پاڻ ڪريمن به فرامايو هيو ته علم حاصل ڪيو چاهي اوهان کي چين به وڃڻو پوي، اسان جي سنڌي سماج ۾ تعليم جو رجحان ڪيترو فيصد گهٽ آهي ان تي ته ڪيئي بحث ٿي چڪا آهن پر اڃان تائين ڪير به ان نتيجي تي ناهي پهچي سگهيو ته ان جا انگ اکر ڪيترا آهن ڪيترو ريشو گهٽ آهي جيڪڏهن ريشو گهٽ آهي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙ آهن ۽ ان کي ڪهڙي نموني بهتر ڪري سگهجي ٿو ڪير به صحيح ٻڌائي نٿو سگهي جيڪي انگ اکر ٻڌايا وڃن ٿا اهي مفروضن تي ٻڌل آهن مڪمل تحقيق ناهي ٿي سگهي، اصل ۾ ان بيماري جي جڙ ڳولهي وڃي جنهن مرض جي تشخيص ڪري ان تي ضابطو آڻي سگهجي، سنڌ ۾ جيڪي به حڪومتون آيون آهن انهن تعليم جي بجيٽ ۾ هر ڀيري اضافو به ڪيو آهي ۽ ان جي مد ۾ ٻاهرين ملڪن کان وافر مقدار ۾ فنڊنگ به ٿيندي رهي آهي، ڪيئي پروجيڪٽ به متعارف ڪرايا ويا جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ تعليم بالغان ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ نئين روشني اسڪول جهڙا پراجيڪٽ متعارف ڪرائي سنڌ جي عوام کي تعليم يافته بڻائڻ لاءِ بهتر قدم ته کنيان ويا پر انهن کي به غلط انداز ۾ هلايو ويو ۽ روايتي طور اهي پراجيڪٽ به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، نتيجتن انهن پراجيڪٽس مان سنڌ جي عوام کي ڪو به صحيح لاڀ نه ملي سگهيو ۽ آخر ڪار پراجيڪٽس کي بند ڪري انهن جي اثاثن کي به سنڌ حڪومت جي وزارت تعليم حوالي ڪيو ويا، اهڙي طرح اندروني ۽ بيروني اين جي اوز به وقتن فوقت تعليم جي مد ۾ ڪروڙين روپيه خرچ ڪنديون رهيون آهن پر ان جي باوجود سنڌ جي تعليم ۾ سڌارا نه اچي سگهيا سواءِ ان جي ته اهي اين جي اوز تعليمي سيمينار ڪرائي عوام ۾ تعليمي سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جي نتيجي ۾ ڪروڙين روپيه فنڊز هڙپ ڪنديون رهيون پر سنڌ جي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه اچي سگهي ۽ اڃان تائين اهو ئي راڳ الاپيو ٿو وڃي ته سنڌ ۾ تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي خاص ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مقابلي ۾ اسان الاهي پٺتي پيل آهيون. سنڌ جنهن کي باب الاسلام جو لقب مليل آهي جٿي علم جا وڏا وڏا درسگاهه موجود آهن اتي تعليم جو ريشو گهٽ هجڻ جو تاثر يقينن تڪليف ڏيندڙ آهي، ته ڪنهن کي قصوروار بڻائجي، جديد دور جي جديد ٽيڪنالوجي واري ڊوڙ ۾ ته اسان 500 سال پوئتي بيٺل آهيون ۽ اهڙي قسم جي تعليم شايد اسان جي نصيب ۾ ئي ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته ڪوشش ڪجي جو ماڻهو پنهنجو نالو ۽ پنهنجي دستخط ئي ڪري سگهن جيڪي اڃان به لکن جي تعداد ۾ تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن جنهن ۾ نئون نسل به شامل آهي.

    اها ڪيڏي نه ستم ظريفي جهڙي ڳالهه آهي ته دنيا الاءِ ڪٿي جو ڪٿي پهتي آهي پر اسان جو سماج صرف ان ڳالهه تي بيٺو آهي ته تعليم ايتري ته حاصل ڪيو جو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو نالو ۽ دستخط ئي ڪري سگهو. سنڌ جي تعليم جو معيار اڃان ان جاءِ تي بيڄل آهي ته ميٽرڪ کان وٺي بي اي ۽ ايم اي تائين به ڊگري رکندڙ نوجوانن کي عام درخواست به لکڻ نٿي اچي جنهن ۾ آءُ پاڻ به شامل آهيان ته اها ڪنهن تي معيار ڏجي.

    سنڌ ۾ تعليم جي ڪمزور هجڻ جو جيڪو تصور پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ مختلف سبب ڄاڻايا وڃن ٿا، ان ۾ ڪيتري سچائي آهي، پر منهنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري، سماجي برايون، سماجي ڪمزوريون، سياسي مداخلت، سياسي ڀرتيون، اسڪولن تي وڏيرن جا قبضا ۽ رهي سهي ڪسر ڪاپي ڪلچر جو بنياد انهن مان اهم نڪتا آهن جنهن ڪري سنڌي سماج ۾ تعليم سدائين ڪمزور رهي آهي ٻئي پاسي والدين يا ته ٻارن کي اسڪول ۾ ان ڪري به نٿا موڪلين ته ٻار پڙهي ڇا ڪندا، ڪهڙي انهن کي نوڪري ملندي يا سائنسدان ٿيندا وغيره جهڙا ڪمزور بهانا پيش ڪن ٿا يا اهڙا والدين به موجود آهن جيڪي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ دلچسپي ته رکن ٿا پر انهن وٽ وسيلا موجود ناهن جو هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگهن، سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي آسري والدين پنهنجو فرض پورو ڪندي ٻارن کي اوسيتائين ته پهچائين ٿا پر ڪاپي ڪلچر سبب ٻار پنهنجي پوري محنت نٿا ڪن جنهن ڪري ٻار کي ڄاڻ گهٽ حاصل ٿئي ٿي، ان کان علاوه سيڪنڊري، ميٽرڪ کان انٽر، بي اي، يا بي ڪام ۽ ايم اي يا ايم ڪام تائين پهچندي پهچندي ٻارن جو ريشو تعليم ڏانهن گهٽجندو رهي ٿو، ڪي چند شاگرد وڃي بچندا آهن جيڪي يونيورسٽين تائين پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن جن کي خوشقسمتي سان والدين جي ٿوري گهڻي مدد حاصل هوندي آهي پر ڪاپي ڪرڻ سبب ٻار کي جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گهربو آهي نٿا ڪري سگهن. اهي ئي سبب آهن جو سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو سٺو معيار پوري طرح سان نافط العمل ناهي رهيو ۽ ٻار تعليم يافته هوندي به ڪجهه لکي پڙهي نٿا سگهن. هتي منهنجو هرگز اهو مطلب ناهي ته سموري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو برو حال رهيو آهي، ڪٿي ڪثي يقينن معياري ۽ بهترين تعليم رهي آهي جنهن ڪري سنڌ مان ڏاها، ليکڪ، دانشور، ڊرامانگار، فلمساز، هدايتڪا، تاجر، سنعتڪار، سانسدانن سياسي اڪابرين پروفيسر، ڊاڪٽر انجنيئر، جج، وڪيل، بيوروڪريٽس ۾ ڪمشنر، ، آئي جي ڊي آئي جي، وفاقي توڙي صوبائي محڪمن جا سيڪريٽري، چيئرمين، ڊي جي،ايم ڊي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي رينڪ جهڙا ماڻهو نڪري اچن ٿا، جيڪي پڻ ٿورائي ۾ هوندا آهن جن وٽ سٺي تعليم ڏياڻ لاءِ والدين وٽ وسيلن جي کوٽ نه رهي آهي ۽ پنهنجي اولادن کي ڪراچي، حيدراباد، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ سٺن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم ڏياري بهتر نتيجا حاصل ڪيا يا سنڌ ۾ اهڙا به سردار وڏيرا ڪامورا ۽ دولتمند رهيا آهن جن برطانيا، امريڪا ۽ ٻين غيرملڪي منهنگي ترين تعليمي ادارن ۾ پنهنجي اولادن کي تعليم ڏياري سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي، پر هتي سنڌ جي عام ماڻهو جو ڳالهه ڪجي ٿي جن وٽ تعليمي اخراجات لاءِ وسيلا ناهن. مٿان وري ٻيڙو انهن ٻوڙيو آهي جيڪي سياسي رشوت ۽ ڏوڪڙ ڪلچر ذريعي ڀرتي ٿي اچن ٿا، جن وٽ ڪا به ڄاڻ ناهي هوندي جڏهن هو پاڻ ئي پڙهي ڪون ٿا سگهن ته ٻارن کي ڇا پڙهائيندا، ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي پرائمري استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو، ان دوران ڪجهه ميڊيا جي نمائندن انهن استاد کان تمام آسان سوال ڪيا جيڪي هو نه ڏئي سگهيا، جڏهن اها ڳالهه سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري تعليم تائين پهتي جنهن فوري نوٽيس ورتو، جٿي جديد ٽيڪنالوجي واري دور ۾ سخت مقابلي سان منهن ڏيڻو پوي ٿو اتي سنڌ جو استاد اسان جي مستقبل جي معمارن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن جيڪا نا انصافي آهي هي اهڙو نقصان پيو ٿئي جنهن جو ازالو ڪرڻ ايندڙ وقت ۾ مشڪل ٿيندو. ان صورتحال کي ڏسي سنڌ حڪومت هڪ بهترين فيصلو ڪيو آهي جنهن جي منظوري سان سنڌ جي سڀني پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول جي استادن کان انٽري ٽيشٽ ورتي ويندي، جيڪڏهن ڪو استاد ٽيسٽ پاس ڪري ڪمياب ٿيندو ان کي اڳتي نوڪري ڪرڻ جو حق ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو فيل ٿي پيو ته ان کي گولڊن هينڊ شيڪ ذريعي چنڱي خاصي رقم ڏئي نوڪري مان فارغ ڪري ان جي جاءِ تي ڪنهن سٺي تعليم يافته نوجوان کان انٽري ٽيسٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ڀرتي ڪيو ويندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت جون ورلڊ بينڪ جي نمائندن سان ڳالهيون به ٿيون آهن جن سنڌ حڪومت جي اهڙي قدم جي تائيد ڪندي فنڊز فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي ۽ جلد ان منصوبي تي عمل ٿيڻ شروع ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪرڻ سان جنهن ۾ يقينن سياسي سفارش ۽ رشوت شامل نه هوندي ته پوءِ اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي ٻارن کي سٺي تعليم حاصل ڪرڻ جو ڀرپورموقعو ملندو جيڪي ٻار پڙهائي ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ ڪاپي ڪلچر کان پري رهڻ چاهيندا ته يقينن سٺي ۽ معياري تعليم حاصل ڪري سگهندا جنهن سان سنڌ جي تعليم ۾ چڱو خاصو سڌارو اچي سگهندو پر هن مرض جي اصل دوا آهي سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جيڪڏهن سنڌ ۾ تعليم جو ريشو وڌائڻو آهي يا ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي ته پوءِ سنڌ مان غربت ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻو پوندو ورنه سنڌ حڪومت يا اندروني ۽ بيروني اين جي اوز ڪيترا به سيمينار ڪرائي فنڊز خرچ ڪن اهي سڀ انهن جا ضايع ئي رهندا ۽ سنڌ ۾ تعليم ڪڏهن به بهتر ڪان ٿيندي جيسيتائين سنڌ جي ماڻهن کي پورا وسيلا فراهم نه ڪيا ويندا. ان ۾ ڪو شق ناهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي پر انهن وٽ وسيلا ناهن، حڪومت انهن کي مڪمل وسيلا فراهم ڪري ته سنڌ جي تعليم معياري به رهندي ۽ ريشو به وڌندو، اها عجيب ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهو جا هٿ پير ٻڌي ان کي چيو وڃي ته ڊوڙي ڏيکار ته هو ڪٿان ڊوڙندو، سنڌ جي ماڻهن کان به اهڙي ئي قسم جي توقع رکي ٿي وڃي ته سنڌ جو ماڻهو تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي پر ان جا هٿ پير ٻڌل آهن ته تعليم جي ميدان ۾ ڪيئن وڌندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو