آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -1

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -1

    آدرش

    گهگهراڻي گهٽي سٺي آهي. مٺي آهي جو منهنجي آهي. ڊگهي آهي. سنهي آهي. ڀلي آهي. منهنجي هن گهٽيءَ سان لنڊن جي بانڊ اسٽريٽBond Street ۽ پئرس جي شانزلي اسٽريٽ به نه پُڄن. انهن گهٽين جون، مني-اسڪرٽ يا جينز پاتل سهڻيون ناريون، مون کي ڏسي مرڪن، هوائي چميون ڏين يا ماٺيڻا ۽ خوبصورت انگريز ٽوپلو لاهي سلام ڪن يا ڪو ڳنڀير فرينچ چترڪار، مون کي ڪيفي ڊي ڊوم (Café de dome) ۾ ، جِتي ويهي دنيا ۾ وجوديت جي فلسفي جو ڌاڪو ڄمائيندڙ، نوبل انعام ٿُڏيندڙ ليکڪ زان پال سارتر پنهنجا ڪتاب لکيا ۽ پنهنجي سُٺي محبوبا ۽ ڀلي ليکڪا سائمن ڊي بوار سان گڏجي ويهي ڪچهريون ڪري ڪافي پيتي، ڪافي پيئڻ جي آڇ ڪري، پنهنجي وڻندڙ پيٽنگ سوکڙي ڪري ڏئي، پوءِ به منهنجي هنن ۾ اک نه ٻڏندي، ڇو ته مون لاءِ گهگهراڻي گهٽيءَ ۾ اوچتو جلوا افروز ٿيندڙ، ڀاڄي ڀتي وٺڻ لاءِ نڪتل، اڇو برقعو پاتل سلمانَ جي ماءُ، لنڊن جي منڊم کان افضل آهي، جو منهنجي گهٽيءَ جي آهي. پنهنجي آهي.
    مون کي ٺُپ نه وڻندڙ، هانوَ تي ڳوڙهو لڳندڙ، منهنجو پاڙيسري جميل، فرئنچ چترڪار کان وڌيڪ عزيز آهي جو منهنجي پاڙي جو آهي. پاڙو نبين کي به پيارو هوندوآهي.
    مان ٻه ٽي ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي شڪارپور کان ٻاهر وڃان. موٽي اچان ته جميل کي ڏسي خوشي ٿيندي اٿم ته ٻيلي! الله حياتي ڏئيس. جيئرو آهي. جيڪڏهن هو منهنجي اک لاءِ ڪنڊو آهي پر امڙ جي اک جو ته تارو هوندو.

    ***

    هڪ شهر ۾ پوليس هٿان هڪ دهشت گرد گولين جو بَکُ بڻجي ويو. ڊپٽي ڪمشنر پريس نوٽ جاري ڪيو: ” اڄ هڪ دهشت گرد کي ماريو ويو. هن مدينه مسجد ۾ بم اُڇلايو هو.“
    دهشت گرد جي ماءُ، گولين سان پروڻ ٿيل لاش کي چنبڙي ڪري، ڀاڪر پائي چئي رهي هئي : ”هيءُ ته منهنجو نيڻن ٺارُ هو.“

    ***

    جڏهن ڪڪر گجندو آهي. مينهن وسندو آهي. مورُ نچندو آهي. گهٽي نديءَ وانگر وهندي آهي. دوکي جي ديوار ڊهندي آهي. اڌ-اگهاڙا ٻارَ، کل خوشيءَ مئون نچندا ڪُڏندا، شڙپ…شڙپ ڪندا، پاڻيءَ ۾ ڊُڪندا ويندا آهن. ڪڪر سندن ويس بڻيل هوندا آهن. اُهي ڳائيندا ويندا آهن :” وس وس مينهڙا، ڏھ ڏھ ڏينهڙا“
    گهرن اندر ڇوڪريون ٻاڪريون، پنهنجن نرم نازڪ هٿڙن سان، شيشي جون رنگ برنگي ڪنگڻين پاتل ٻانهن سان ، ٿالهه وڄائي، من اندر ڇير ڇمڪائي، چونديون آهن : ” مينهن وسن روڊ پسن، ڀلي گهمن راڻا!“
    گهٽيءَ ۾، راڻا اکيون ميگهه ملهار ڪري، دڪانن ۽ گهرن جي ڇپرن هيٺان بيٺي، مئڊم نورجهان جو گانو گنائيندا آهن: ” ظلمي جواني، رت مستاني، تن من تڙپا جائي.“

    ***

    انسان به خالق جي خلقيل عجب مخلوق آهي. بيٺو آهي ته جبل آهي. ڪِري ٿو نٻلُ آهي. بهادر بڻجي ٿو ته شينهن کي سوگهو ڪري ٿو. ڪانئر ٿئي ٿو ته ڪاني کان ڊڄي ٿو. هيڻو ٿيو ته ڪک به ٻيڻو.
    رات جي برسات جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ هوندو آهي. دل جي ڌڪ…ڌڪ کي دهل وانگر وڄائيندو آهي. زال ذات ۽ ٻارن جي دل پشم جهڙي نرم ته ان ۾ ڀَؤ به گرم ٿيندو آهي.
    هڪ اڌ رات جو اچي مينهن پيو. گدڙن ۾ شينهن پيو. کنوڻ جا واڄٽ اهڙا جو چمڪي تي ڪارنهن به جرڪي پئي. ڪڪرن جو گجگوڙ هانوَ ۾ مُڪان هڻندڙ. مينهن به چئي ته اڄُ نه وسان ڪڏهن وسان. واپڊا وارن نڀاڳن مينهن پهرين ڦڙي پوڻ سان بجلي به بند ڪري ڇڏي. اونداهيءَ ۾ اڃا وڌيڪ ڏهڪاءُ ڦهليل هو.
    مان ننڊ پيو هيم. پرستان ويو هيم. ڪڪرن جو اهڙو گنجوڙ ٿيو، جو منهنجي اک کلي وئي، پري منهنجو هٿ ڇڏائي هلي ويئي.
    اکيون کولي جان ڏسان ته ڪمري ۾ چارجر ٻري رهيو آهي. منهنجين ٻنهي سدورين ڌيئرن جي هٿن ۾ عالم چني جيڏيون ڊگهيون تسبيحون آهن. ٽيئي سلڇڻا فرزند ارجمند به چپن ۾ ويٺا ورد پيا ڪن ” جل تو جلال تون، آئي بلا ٽار تون.“
    ڪمري جي ڪنڊ ۾ مون واري ڀلاري زال، اڍائي ٽي لک پٿريون اڳيان چادر تي رکي، لک پئي ڪڍي. مان هڪدم کٽ تان اٿي ٻاهر آيم ته متان مون کي بنا درود شريف پڙهندو ڏسي، ڏيڍ لک کن پٿريون مون کي نه وڄائي هڻڻ شروع ڪري.
    مان ٻاهر ورانڊي ۾ اچي، ڪرسيءَ تي ويهي، سگريٽ دکائي پيئڻ لڳم. رنگيءَ جا رنگ آهن. قدرت جا پنهنجا عجب کيل آهن. ڌڻي سڳورو به تماشو ڪري، انسان جو بي وس حال ڏسي، مرُڪي ٿو.
    جهٽ گهڙي نه گذري ته کنوڻ، انسان ذات تي کِلي بس ڪيو. ڪڪر به هاٿين ۽ گهوڙن وانگر هليا ويا. آسمانُ، غريب جي مانيءَ واري پنڊيءَ وانگر خالي ٿي ويو. چنڊ بنا اونداهي رات ۾ ستارا ايئن چمڪڻ لڳا، جيئن ڪنهن ماءُ جون،پرديس کان ورهين پڄاڻان، اڪيلي ۽ سڪيلڌي پٽ کي اوچتو آيل ڏسي چمڪڻ لڳنديون آهن.
    ڪنهن خوشيءَ وانگر بجلي به اچي وئي. مان ڪمري اندر آيم ته منظر ئي ٻيو هو. تسبيحون الائي ڪاڏي ويون، پٿريون به ستن ڳنڍين ۾ هڙ ۾ ٻڌجي ويون. گهر واري به سوڙ پائي ننڊ جي گهنگهور گهٽائن ۾ هلي وئي. منهنجا موتيءَ داڻا ٽيلي ويزن ۾ اکيون وجهي ويٺا هيا. هڪ چئنل تي گانو هلي رهيو هو: ” ڇوڙ ڇاڙڪي اپني سليم ڪي گلي، انارڪلي ڊسڪو چلي.“

    ***

    سج-بنا ڏينهن ٺهندو ناهي. ڏيئي بنا رات ڪهڙي؟ گهٽي ٻارن بنا ٻُسي هوندي آهي. صبح ٽاڻي ڪي ٻار ڪروڌ ڪندي، پيءُ جي چولي جي ڪنڊ جهلي، ڳوڙهن ڀنل اکين کي پنهنجين ننڍڙين آڱرين سان مهٽيندي، روئيندا اسڪول ويندا آهن. ڪي ٻار چپ چاپ، بائيڪ تي، پيءُ کي ڀاڪر پائي اسڪول ويندا آهن. ڪي ٻار چنگچيءَ تي ويٺي، هڪ ٻئي کي ڪتابن جا ٿيلها هڻندا ويندا آهن. ڪي ٻار پيرين پنڌ، اکين مان چپيون ڪڍندا ويندا آهن. ڪي سکر گهر جا ٻار ڪار ۾، آڱوٺو چوسيندي اسڪول ويندا آهن. گهٽي گلزار بڻيل هوندي آهي.

    ***

    صبح جو سويل ئي هٽ کُلي ويندا آهن. کير جي دڪان تان کير جي ڊرمن جي کڙ…کڙ جا آواز ٻرڻ لڳندا آهن. بڪالقي هٽ تان سودو وٺڻ آيل، ٿيلهين ۾ چانهن، کنڊ ۽ بسڪوٽن جون ڦاريون وٺي ويندا آهن. ڀنگياڻي ٻُهاري پائيندي، سڄو گند نالين ۾ ٻهاريندي ويندي آهي. فرض شناسي ته ملڪ جي حڪمرانن ۾ ئي ناهي، ته ڀنگياڻيءَ سان ڪهڙو جهيڙو ڪجي! گهر جو وڏو ئي کريل کيرُ آهي ته ٻار کي چنبو هڻي ڪهڙو سڌارو آڻبو!
    گهٽيءَ مان ڪي بئنڪر تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندا ويندا آهن. استاد صاحبان اسڪولَ ڏانهن ويندا آهن. ٻين نوڪرين وارا ملازم به لانگهائو ٿيندا آهن. ڪارن برقعن ۾ ماسترياڻيون به وڏي کڙيءَ وارا سينڊل پائي ٽڪ…ٽڪ ڪري وينديون آهن. فقير فقراء به الله جي آسري ويندا آهن. هڪ اڌ جهرڪي مسجد جي گنبذ تي ويٺي هوندي آهي. بجليءَ جي ٿنڀي تي بنا مٺي لولي جي ڪانءُ ويٺو، شيخن جي گهرن ڏانهن تڪيندو آهي.

    ***

    سرُ (Rhythm) اسان جي شڪارپورين جي سُتيءَ ۾ پيل آهي.
    اُونهاري ۾ پرھ ڦٽيءَ جو پکي آکيرن مان نڪري، رزق جي ڳولا ۾ ويندا آهن ته گهورڙيو لوڻياٺيون کارڪان، ريڙهيءَ تي کڻي نڪرندو. کارڪن مٿان پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻندو. سُرَ ۾ وڏي واڪي هوڪو ڏيند ويندو ” پوپ جليب، پيڙاڪ ڪارڪَ.“
    سياري ۾ڪوهيڙيءَ جي وچ مان بهن وارو، مٽ ۾ گرم بهه کڻي ايندو. ان جي ڪڍ دال وارو ايندو. هوڪو ڏيندو ” دال ماهي، الله واهي.“
    پنهنجي مٿي تي ٿالهه ۾ دال جون ٻه ٻاٽيون کڻي وَڌو ملُ نڪرندو آهي. دال سوادي هوندي اٿس. هن جي اکين جو نور جهڪو آهي. زال سان گڏ، چوڙي-گر بازار ۾، ڌرم شالا ۾ رهندو آهي. ڪڏهن ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيو اٿائين. هن جي مٽن مائٽن سندس پرگهور لهڻ جي آڇ ڪئي، پر هن کين کتو جواب ڏنو. پنهنجو پاڻُ پاڻَ سنڀاليندو آهي.
    جڏهن به دال وٺندي کانئس پڇبو : ” لعل! ڪهڙا حال آهن؟“ سدائين هڪ ئي جواب ڏيندو : ”سائين رب جو شکر ُ آهي.“ هن جي لبن تي ڪڏهن به زندگيءَ جي ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏوجهرن جي شڪايت نه ايندي آهي. هردم، هر پل شڪر جا خزانا هوندا اٿس.
    منهنجي پاڙي ۾ محمد الياس رهندو آهي. وڏو سيٺ آهي، وڏو دڪان اٿس. پنج وقتي نمازي آهي. پنج وقتي غم نه ڳڻتي. پيشيءَ جو دڪان تان نوٽن سان پنهنجي قميص جا ڇهه ئي گيدا ڀري ايندو. پر ڳڻتيءَ ۾ ڳريل هوندو. سدائين منهن تي سڪل نارنگيءَ جي کل جهڙيون ليڪان هونديون اٿس.

    ***

    منجهند جو جنهن مهل سج کي تڪي نه سگهبو ته ميوي وارو ايندو ۽ سُرَ ۾ وڏي واڪي هوڪو ڏيندي : ” صوف قنڌاري، ڪيلو ملائي.“
    مسجد جي ڀت جي ڇانوَ ۾، برف جا پُتلا ٺاهڻ وارو ايندو. رندي سان برف جي ڪاتر ڪري، تيليءَ ۾ پتلو ٺاهي، اڌ تي سائو، اڌ تي ڳاڙهو شربت وجهي ڏيندو. چوسبو به ته ٿڌاڻ ۽ مٺاڻ تي هانءُ ئي ٺري پوندو.
    ميوزيڪل آئيس ڪريم وارا ايندا پر ميوزڪ ۾ اهڙي ڇڪ ئي نه جيڪا گهورڙين جي سُريلي ۽ هنداڻي جهڙي ڳاڙهي ۽ مٺي هوڪي ۾ هوندي آهي.

    ***

    شام جو جنهن مهل گهگهراڻيءَ گهٽيءَ مئون سج وڃڻ وايون ڪري ۽ چنڊ کي گهٽيءَ ۾ وڃڻ جي پارت ڪري، تنهن مهلَ ڦُولَ، ڇولن، ڍٻلن ۽ پاڙن وارا اچي ڪري چپ چٽائن، ته شامَ نرالي ۽ اک جمالي ٿي وڃي.
    چاليهه ورهيه اڳ، منهنجي ٻالڪ پڻي جي موسم ۾، رُگهو مل نالي ڀائي بند، شام جو ڇولا کڻي ايندو هو. پڪي وهيءَ جو، قد جو پورو سارو، اک ۾ ڦُلو، وڌيل ڏاڙهي، مٿي تي ننڍي پڳ ٻڌل، مرڪندڙ ملوڪ هو. مٿي تي ڇٻو. ڪڇ ۾ موڙو هوندو هيس.
    رگُهو مل، گهٽيءَ جي چوسول تي اچي، موڙي مٿان ڇٻو رکي بيهي هوڪو ڏيندو هو. هو کلڻو ۽ مرڪندڙ هوندو هو. ٻارن تان گهور ويندو هو. ڇڙٻ ته هن جي ڇٻي ۾ ئي نه هوندي هئي. هو ديهه انت ڪري ويو آهي.
    ”پاپڙ ڇولا گرمُ.“
    اسان ٻار کلندي، سُرَ ۾ چئونس :
    ”رُگهوءَ جي زال نرم.“

    ***

    چنڊ رات جو گهگهراڻي گهٽيءَ مٿان اُڀري، چانڊوڪيءَ جي چادر وڇائي ته اسان، ماني ٻاني کائي ڪري، گهران نڪري ڀرسان وڏي گهٽيءَ ۾ اچون، پاڻيءَ جو بدنو ڀري، ليڪا پائي، گهوڙيءَ راند کيڏون. ڪڏهن ڪوڏي ڪوڏي ٿي وڃي. گول ليڪو پائي منڊڪ کيڏون، مفت جون رانديون ڪو ٽڪو خرچ نه. لکن جو مزو ايندو هو.

    ***

    شام جو اٽي ڏڪر جهڙي وندرائيندڙ راند يا ڇوڪرين سان ڪوئلي سان ليڪا پائي، ٺپي واري تيزيءَ سان راندي کيڏون، هاڻي نه ڪوئلو آهي نه ئي رک. رڳو ڪاريءَ وارا ڪک.

    ***

    هفتي ۾ گهر جون وڏڙيون سڏڙيون هڪ اڌ ڀيرو، اڇا برقعا پائي، شام جو ٽپهريءَ مهل گهران نڪرن ۽ پاڙي جي گهرن ۾ وڃي، ڀئرو ڀڃي اچن. سڪ جو سڳو سگهارو ۽ من وارو هوندو هو.
    گهر جي ڪا سدوري وڏڙي ٽپهريءَ جو نڪري، ٻه ٽي گهر گهمي، سانجهيءَ ڌاري پنهنجي گهر موٽندي. ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي برقعو لاهي، کٽ جي سيرانديءَ وٽ رکي، کٽ جي وچ تي ويهي ڪري نُنهن کي سڏڪندي : ” او! جيجان!“
    ”آئي امان!“
    ”امان! اهو دلي مان پاڻيءَ جو وٽو ته ڀري ڏي.“
    پاڻي پي ڪري، مٿي تان لهي ويل رئي کي ٺاهيندي، حوالن ۾ شروع ٿي ويندي. هن جي نُنهن، هن جي سامهون صندلي رکي ويهي ڪري، ڳٽيءَ هٿ رکي، سَسُ جا حوالَ ٻڌندي.
    ”اڙي امڙ! اهو جهانگير ماءُ جو پوٽو جو ڏنگو آهي. ڇا ٻڌايان؟ کٽ تي ويٺم مَسَ جو برقعي کي پٽڻ شروع ڪيائين. رتُ ڪري ڇڏيائين. مائي! اهڙو به ٻار ڇا ٿئي؟ ايڏو به دادلو نه ڪبو آهي جو ويهڻ، بيهڻ حرام ڪري.“
    ”اڙي جائي! ٻي ڳالهه ٻڌءِ، اهو وري رفيق جي جوءِ ڳورهاري ٿي. ٽيون مهينو پيٽُ اٿس. ويچاريءَ کي ست ڌيئر آهن. الله ڪندو هيل پٽ ڄمندس.“
    ”ڀائو خدا بخش به ڏاڍو بيمار آهي. هلڻ کان هلاکُ آهي. نڀاڳي پٽ جو صدمو کائي ويس. الائي ڪيئن کري پيو. چنڊي پاڻ کي نشي ۾ وڃائي ڇڏيو. اهڙو شهزادو جو کڻي بس ڪر. الائي ڪنهن جي نظر لڳي ويس. ائي! جوڻس جا جو حال ٿي ويا آهن. امڙ! ڇا ٻڌايانءِ؟ صفا چوسيلَ ڳنڍيريءَ وانگر ٿي وئي آهي.“
    ” ٻيو ٻڌ! دڳ تي اهو مئو مٺلُ گڏيو. مچي ته پيو آ! مختيارڪاريءَ جو حرام لڳو اٿس. ڏاڍو زور ڀريائين ته ”ماسي گهر هل.“ مون چيومانس. ابا! سج لهي ويو آهي. نُنهن کي گهر اڪيلو ڇڏي آئي آهيان. جوان وياءُ آهي. جمال به بئنڪ مان دير سان ٿو موٽي سو صبحاڻي اچي ليئو پائي ويندي مانءِ.“
    ”روزينا ماءُ ڏي وئي هئي مانءِ. اچي نُنهن جا سور ڪڍيائين. اها به ڪا بڇڙي اٿس. ڏينهن رات مڙس جي ڪڇ ۾ پئي آهي. ماڻهو اهڙو به ڇا ٿئي؟ وقت ويلو ڏسبو آهي. شرم ئي ڪونهيس.“
    ”ايوب ماءُ کي پوٽي جي مصريءَ جا ڏھَ روپيا ٻوٿ ۾ هڻي آئي مانس، سڪي سڪي پوٽو ڄائو اٿس. ڇا ته پوءِ ڊاهيءَ ٻه سڪل لڏون موڪليا هيا. کاءُ ته هوڙ ڀڄي پئي. مان به منهن تي چئي ڏنو مانس. شڪي شڪي پئي ٿئي.“
    ”ڪليڪٽر ڪمال جي گهر وٽان لنگهيم. در کي ڪلف لڳو پيو هين. الائي سڄو گهر بند ڪري ڪاڏي ويا هن؟ اڙي ها! ياد آيو. ڪراچي ويا هوندا. ڪمال جي ڌيءَ ۽ ڄاٽي جا ڪا ڪارڪلٽيءَ ٿي آهي. ويچارن کي ڏاڍا ڌڪ لڳاهن. الله کين حياتي ڏيندو. امڙ! الله هر دم پنهنجي پناھ ۾ رکي. گهڙي گهڙي خير جي گذاري. ٻاجهه ڪري. ٻئي جو خيرُ ته پنهنجو خيرُ.“
    ”لياقت جو پٽ به نه سڌريو.، گهٽيءَ ۾ بيٺو ٻيڙيءَ جا سُوسٽ پيو هڻي. لياقت پاڻ ڪيڏو نه نيڪ آهي. پنج وقت نماز، خير خيرات، هي ته صفا کريو کير اٿس. اهڙي اولاد کئون ته کٽ خالي ڀلي.“
    ”ان علي مراد چَپُوءَ کي نُنهن به مهانڊي ملي آهي. ايڏي وڏائي اٿس جو ڇا ٻڌايانءِ؟ اهڙو ماڻهو به ٺهي ٿو ڇا! گهر وئي مانِ ته پينگهي ۾ پئي لڏي. مون کي ڏسي نڪ کي موڙو ڏنائين. مان به ليکيو مانس ئي نه. پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهي. گڏھ جهڙيون ته ناسون اٿس. بڇڙي رنَ!“
    ”ادو شاهد پيءُ به لاچار ٿي ويو آهي. ٻئي پٽ به ڇڏي ويس. پينشن به پوري ساري، ڌيئر به ڏگهه ٿي ويون اٿس. پنجن ئي جو بار هن جي ڪلهن تي، پٽ نه تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾. پنهنجين جوين پويان انڌا ٿيل. ويچارو ڏاڍو پريشان هو. چئي پيو گذر سفر ڏکيو آهي. ڏاڍي تنگي اٿم. سوچان ٿو ته ڪنهن هندو سيٺ وٽ منشي بيهان. وري چوڻ لڳو جيجل! تون به پنهنجي آهين. پُٽهين کي الله وڌايو آهي. بئنڪ ۾ وڏو آفيسر آهي. ان کي ئي چئه ته ڪاٿي اٽڪائي. الله ڪري اڄ وينجهر سوير اچي ته چوانس. سدائين صدورو اڌ رات ڪري ٿو اچي. اها بئنڪ جي مئي نوڪري به هڻ هڻان واري آهي. ڏينهن رات مٿي ماري ٿي ڪرڻي پئي.“
    ”اهو قدير جو ڇورو سليم به ڪو سڙيل آهي. گهر وئي مان ته کيڪر ئي نه ڪيائين. پاڻ کي ڪو لاٽ صاحب ٿو سمجهي. لڀيس ڇا ٿو؟ ڪوئي جهڙو ته منهن اٿس.“
    ”مجيب ماءُ جو به اڇو منهن آهي. گهر ليئو پاتومانس ته هئي ئي ڪانه. ان جو به پير پٽيءَ تي ئي ناهي. سڄو ڏينهن برقعو مٿي تي، وتي ٿي پرايا گهر نوس…نوس ڪندي. هيڏي ته نه آئي هئي ني؟“
    ”قاسم ماءُ جو شربت پيئاريو، اصل هانءُ ٺري پيو. شابسَ ٿس. ويچاري سار لهندي آهي. ڏاڍو خوش هئي. نُنهڻس کي پيٽ آهي.“
    ”حاجران ڏانهن به مهيني کان پوءِ وڃڻ ٿيو. وڏي ڌيءَ جا سور پئي ٻڌائي. ساهرن ۾ خوش ڪونه اٿس. پئسي وارا ٿيا ته ڇا ٿيو؟ ڪو سکُ به ته هجي ني! مڙس ويجهو ئي نه ٿو اچيس. الائي ڇوري ۾ مڙسي ئي ناهي. ادي! الله کي خبر مان ڇو ويٺي پرائي مٿان تهمت هڻان. ٻي ڌيءَ جيڪا ڪلهوڙن ۾ ڏني اٿائين سان ڏاڍي خوش آهي. مڙس وڪيل اٿس. گهمڻ آيل هئي. ڇا ته خوشيءَ مئون مچي مينهن ٿي پئي آهي. هائوڙي امڙ! خوشيءَ جهڙي بروبرو خوارڪ ئي ناهي.“
    ”ريل وارو بابو سجاد به صفا ڪراڙو ٿي ويو آهي. لٺ کڻي مسيت ڏانهن پيو وڃي. سڄي عمر ريل ۾ بنا ٽڪيٽ ماڻهو ويهاري، پئسا وٺي گهر ٺهرايائين. پٽ ڌيئر پرڻايائين. هاڻي اڇي ٽوپي ٽڪڻ تي ۽ مسيت جو در. واھ ڙي واھ رب تنهنجو شان“
    ”اهو خان محمد به نه سڌريو، جج آ پو به ڪڪڙ ڪڇ ۾، واھ جو شوق اٿس. مُئو الائي ڪهڙي ميل تان پئي موٽيو آيو. ڪڪڙ به پنهنجي مهانڊي هيس.“
    ”نبي بخش جو پٽ هٿوڙي واپس ڏئي ويو؟ هوندي سوندي پنهنجو ٽپڙ نه وٺندا. پاڻ تپيدار، ڇڙو نوٽ ئي نوٽ اٿس. پٽ به خير سان نوڪرين ۾ لڳل پوءِ به سدائين سُڃا. مائي! اهڙو به پئسو ڪهڙي ڪم جو ! جو پنهنجي شئيءَ نه وٺجي، پروان درن کي کڙڪائي ويٺا ايلاز ڪجن. ٻَنِ ڏي اهڙن پئسن کي.“
    آنند ماءُ جي گهر به وئي هئي مانءِ . اڙي! اها ڌيءَ ڪملا ڪيڏي نه سهڻي اٿس. چنڊ جو ٽُڪرو آهي. الله مائي! بخت به ڀلو ڪندس. صدوري به ڏاڍي اٿس. ويٺم مس ته پاپڙ کڻي اچي اڳيان رکيائين. آنند به هاڻي پوڙهو پيو ٿيندو وڃي. مينهن کي ڏهي ڪري، اچي پيرين پئي مليو. چوڻ لڳو ” ماسي! دعا ڪندي ڪر.“ مان به چيومانس. ابا! الله جي دعا. ڪوسو واءُ نه ڏسندين.“
    ”ها جائي! موٽ تي تنهنجن پيڪن ڏانهن به ٿيندي آئي مانءِ. تو واري پيءُ سيرب رکي آهي. ٺهيس پئي. حج تي سنبريو آهي سو ڏاڙهي ته ڇڏيندو ني! ڏاڍو خوش هو. الله جڳ جهان کي حج نصيب ڪري. ماڻهين به خوش هئي ڀلي پار وڃڻ تي. مان ته يڪو نصرت پيءُ کي مٿو پئي هڻان. ٻڌي ئي نه ٿو. ڪڇي ئي نه ڄڻ ڪا ڀت آهي. اڙي! ماتو هلُ ته مٺي مرُسل جي هلي چانئٺ چمي اچون. الائي ڇا حياتي! جڏهن چوانس ته هڪ ئي جواب ” ڌيجان! ڪهڙا ڪبيرا گناھ ڪيا آهن هلي بخشرايون؟“ اڃا الائي ان عمر ۾ ڇا ڪندو پوءِ بخشرائيندو؟ الائي ڪهڙو مٿي ۾ تڏُ ويٺو اٿس. سڄو ڏهاڙو اها مئي سُوسڙي وات ۾ پئي اٿس. الائي ڪهڙا درد جا دونهان ٿو ويٺو ڪڍي. امڙ! الله سمجهه ڏيندس، باقي منهنجي ڀيڻي ناهي. اڙي امڙ! اڄ ته ڏاڍو ٿڪجي پئي آهيان. ٿوري چيلهه ڊگهي ڪيان.“
    وڏڙي سڏڙي داستان پورو ڪري، مٿن کي برقعو ڏئي سمجهندي. هن جي اکين ۾ ننڊ به ڪنهن جل پريءَ وانگر ڄڻ تلاوَ لهي ايندي.
    هن جي سُلڇڻي نُنهن مرڪي ڪري، صندليءَ تان اُٿندي، رات جي کائڻ ڪري لاءِ، وڃي. چانورن جي ٽين مان چانور ٿالهه ۾ڪڍندي.
    گهگهراڻي گهٽي مان نظر ايندڙ اُڀ تي ستارا جهرمر ڪندا ٽمڪندا. پريان چنڊ ڪنهن وڏي عمر جي عربي شاعر وانگر آهستي آهستي ايندو. گهٽِيءَ ۾ ڏيئو ٻرندو. ڏيئي هيٺان محبوب ملندو ته رات انڊلٺ بڻجي ويندي.

    عوامي آواز سنڊي ميگ 7 فيبروري 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو